رتوديرو جي معصوم نياڻي دعا ابڙو جو قتل ۽ رت روئاريندڙ سانحو

تحرير: آزاد اي رحمان سپڙو

رتوديرو ۾ دعا ابڙو سان پيش آيل واقعو، انساني ضمير، معاشري جي بي حسي ۽ حڪومتي ناڪاميءَ جي هڪ شرمناڪ علامت آهي. سچ پچ ته هي ڏکوئيندڙ ۽ دردناڪ احساسن ۽ حقيقتن جو پسمنظر سڄي نظام جي بي حسيءَ کي ننگو ۽ بي نقاب ڪري رھيو آھي. سماج جي ھر ھڪ حساس انسان سميت مطلب ته سماج جي ھر بيوس، لاچار ۽ انصاف کان محروم ماڻھن جي لاءِ ھي رت روئاريندڙ واقعا ڪنھن به ريت قيامت کان گھٽ ناھن. روئڻ ۽ ماتم ڪرڻ جي انتھا ته اھا آھي جو هڪ ذهني طور معذور نياڻي، جيڪا نه ڪنهن سان وڙهي سگهي، نه ئي پنهنجو بچاءُ ڪري سگهي، پر ان جي معصوميت، ان جي خاموش نگاهن ۽ بيوس جسم تي هوس جا پوڄاري ۽ وحشي چڙهي پيا، کيس اغوا ڪيو ويو، اجتماعي جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو ويو ۽ پوءِ ڄڻ ته ڪو گند جو ٿيلهو سمجھي،ھن کي ڪنھن ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو. معصوم ۽ مظلوم دعا ابڙو آخرڪار، اسپتال جي بستري تي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويئي. ھي ته نه صرف دعا ابڙو جي موت جي خبر ھئي پر ھر حساس ماڻھوءَ جي نظر ۾ ان کان وڌيڪ ته ھي انسانيت جي موت جي خبر آھي، جنھن کان اڄ جو ھي بيحس سماج ڄڻ ته خاموش تماشائي ۽ لاتعلق بڻيل آھي. جتي معصوم ۽ معذور نياڻيءَ جو رت وهيو، اتي آخر ڇو خاموشي هئي؟ آخر انهيءَ ايڏي وڏي قھر، ڪيس ۽ ظلم تي نه ڌرتي ڌڏي، نه آسمان رنو ۽ نه ئي رياست جي سر تي جونءَ سري ۽ نه ئي وري انسانيت جي غيرت کي ڪوئي جوش آيو؟

 دعا ابڙو جو واقعو فقط هڪ فرد جي سانحي تائين محدود ناهي، پر هيءَ دردن سان ڀريل ھڪ اھڙي سماجي واديءَ جو داستان آهي، جتي هر روز نياڻيون، ٻار، عورتون هوس جي بک جو شڪار ٿينديون رهيون آهن ۽ اسان نام نھاد باشعور ھجڻ وارن جو ضمير هنن خبرن جي هيڊ لائين سان گڏ بي حس ٿي چڪو آهي

اخبارن جا صفحا لال آهن، ڇا ھتي غريبن لاءِ انصاف رڳو ڪتابن ۾ آھي؟ اڄ جي رياست دعوا ته قانون جي حڪمرانيءَ جي ڪري ٿي، پر دعا لاءِ نه قانون انھيءَ عزم سان حرڪت ۾ آيو، نه پوليس ڪائي تسلي بخش ڪاروائي ڪري مجرمن کي نشان عبرت بڻايو ، نه حڪومت ڪوئي مناسب ايڪشن کنيو  نه ئي عدليا، ھن معصوم ، معذور ۽ مظلوم نياڻيءَ سان ٿيل ظلم تي انصاف لاءِ ڪوئي نوٽيس ورتو! بس رڳو ميڊيا تي ڏيکاءَ جون رڙيون، ڪجهه تقريرون ۽ پوءِ وري ٻئي ڪنهن نئين سانحي جي خبر ايندي، جيڪا پويان وارو دردن جو داستان ۽  سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندي.ڇا انھن ڏکويل والدين جي اکين جا اُهي ڳوڙها ڪنهن عدالت ۾ پيش ٿين ٿا؟

ذهني معذور نياڻيءَ لاءِ آئين ۽ رياست وٽ ڪهڙو تحفظ هو؟ ھي ڪهڙي رياست آھي ۽ ھي ڪهڙو آئين آھي جنھن ۾ مظلوم ۽ ڪمزور لاءِ تڪڙو ۽ تسلي بخش نه انصاف آھي نه عدالت جي گرمجوشي آھي؟ ھن سماج ۾ شعور جي دعوا ڪندڙ، وڏن ماڻھن جي اڳيان چاپلوسي ڪري، ڪاڪڙو ڦاڙي وڏيون وڏيون رڙيون ڪندڙ نام نھاد "باشعور” ھجڻ جو ڪوڙو دعويدار ڪٿي آھي ھن ظلم ۽ بربريت جي عالم ۾ سوال رڳو رياست کان ناهي، پر سماج جي اُن باشعور طبقن کان به آهي، جيڪي پنهنجي ننڍڙن ذاتي مفادن، ادبي انعامن، عهدن ۽ ڪرسين لاءِ رڳو واھ واھ ڪندا رھن ٿا

جيڪڏهن سماج تي پوري گھرائي سان نظر ڦيرائي ڏسبي ته اھو ئي پتو پوندو ته دعا وانگر بي شمار ڪيس آھن، جن تي ڪي ٻه ٽي ڏينهن پوسٽون ٿين ٿيون، پوءِ سڀ وساري ڇڏجن ٿا.ڇا بس هيءُ ئي قوم آهي، جيڪا پاڻ کي مهذب سمجھڻ ۽ چوڻ جي دعوا ڪري ٿي؟ ھن خودغرض ۽ مفاد پرست سماج ۾ دعا ابڙو لاءِ ڪير روئندو ۽ دعا ابڙو جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ ڪير جاکوڙيندو؟ دعا ابڙو جي نالي تي ڪير بيهي انھن ظالمن ۽ سفاڪ وحشي درندن کان حساب وٺندو؟

 دعا ابڙو لاءِ انصاف صرف هڪ سزا تائين محدود نه هجڻ کپي پر هيءُ سماج، هي رياست ۽ هي حڪمران نظام مڪمل طور تبديليءَ جي تقاضا ڪري ٿو.اسان کي هڪ اهڙي سماج جي ضرورت آهي جتي معذور، عورت، ٻار، هر ڪو محفوظ هجي، جتي انصاف طاقتور جو خدمتگار نه، پر مظلوم جو محافظ بڻجي سگھي.ھن سماج جو ستايل ، مظلوم ، مجبور ۽ محڪوم عوام جيڪڏهن هاڻي به ٿيندڙ اھڙن ظلمن تي جيڪڏهن نه جاڳندو ته پوءِ يقين ڪيو ته ھي سمورو مظلوم طبقو ائين ئي ھر قسم جو ظلم و ستم سھي قبرن ۾  دفن ٿيندو رھندو.اھو ياد رکو ته اسانجي خاموشي سڀ کان وڏو جرم آهي، جيڪڏھن اڄ دعا ابڙو لاءِ اسين خاموش رهياسين ته سڀاڻي ڪا ٻئي دعا، ڪا ٻي زينب، يا ڪا ٻئي معصوم نياڻي اھڙن ظلمن جو شڪار ٿيندي رھندي ۽ تاريخ اسانکي ڪڏھن به معاف نه ڪندي

.اڄ وقت اچي ويو آهي ته ھن سماج جو پڙھيل لکيل، باشعور طبقو پنهنجي آسائشن کي ڇڏي، آرامده بنگلن مان ٻاهر نڪري، قوم جو ضمير بڻجي، قلم، ڪئميرا، آواز ۽ احتجاج جو حق استعمال ڪري، هن آواز کي ايترو ته اوچو ڪيو وڃي جو ظالم جا ڪن ٻُڌن ۽ بي حس حڪومت مجبور ٿي ايترو ته حرڪت ۾ اچي جيئن ظالمن جي ڳچين ۾ سخت ڦاھي جو ڦندو پئجي سگھي، جيئن وري ڪنھن مظلوم سان ھن طرح جو ظلم ڪرڻ لاءِ صرف تصور ڪرڻ سان به ھر ظالم سؤ دفعا ڇرڪندو رھي.

آخر ۾ اھو وچن ڪرڻو پوندو ته دعا ابڙو لاءِ نه صرف سوڳ، پر مزاحمت گھرجي.دعا جو لاش ۽ دعا جي قبر سمورن مظلومن لاءِ هڪ پڪار آهي، جيڪا پڪار آهي بي آواز نياڻين جي، جن جي لاءِ ھن ظالم سماج ۾ ڪائي نه جڳهه آهي، نه تحفظ آھي، نه دادرسي آھي، ان لاءِ ھن صورتحال تي صرف روئڻ ڪافي ناهي.هاڻي سڀني کي سچ لکڻو پوندو، سڀني مظلومن کي گڏجي وڙهڻو پوندو، ھر مظلوم جو بنا فرق جي آواز ٻڌڻو پوندو ۽ انھيءَ سان گڏ اٿي بيهڻو پوندو، ظلم جي خلاف خاموشيءَ کي ٽوڙڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.