واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وائٽ هائوس جو چوڻ آهي ته آمريڪي ڳالهين واري جو ايران سان رابطو برقرار آهي، جڏهن ته جنگ دوران ايران پنهنجي قيادت جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مشڪلاتن جو شڪار آهي.
وائٽ هائوس جي ترجمان اينا ڪيلي چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان رڳو اهڙي صورت ۾ معاهدو ڪندو، جيڪو آمريڪي قومي سلامتي کي پهرين ترجيح ڏئي.
هن چيو ته صدر ٽرمپ واضح ڪري چڪو آهي ته ايران ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي.
ترجمان جو اهو بيان ان کانپوءِ سامهون آيو آهي جڏهن ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي چيو هو ته ايران کي غير جوهري معاهدي تي صحيح ڪرڻ جو طريقو ئي نٿو اچي ۽ اهو جلد ڏاهپ جو مظاهرو ڪري.
You might also like