نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪا طرفان ايراني جهازن تي قبضي خلاف گڏيل قومن ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي قبضي جي ترت خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر ڏانهن لکيل خط ۾ ايراني سفير امير سعيد ايرواني آمريڪي ناڪابندي کي سامونڊي ڌاڙو قرار ڏيندي چيو ته آمريڪي رويو عالمي واپار ۾ مداخلت ۽ ملڪيت تي غيرقانوني قبضو آهي، ايران کي آمريڪي قدمن جو جواب ڏيڻ جو حق حاصل آهي.
ٻئي پاسي ايراني فوج جي ترجمان محمد اڪرمنيا جو چوڻ آهي ته آمريڪا سان جنگ بندي باوجود هو جنگ ختم نٿا سمجهون، ايراني فوجون تياري ۽ هدفن جون فهرستون اپڊيٽ ڪري رهيون آهن.
آمريڪا سان جنگبندي باوجود جنگ ختم ناهي ٿي، دشمن جي هدفن جون فهرستون اپڊيٽ ڪري رهيا آهيون: ايراني فوج
You might also like