ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس مقرر ايراني سفير ڪاظم جلالي چيو آهي ته شهيد رهبر عليٰ آيت الله خامنه اي هميشه شهادت جو انتظار ڪندو رهيو، ايران جا شهيد اڳواڻ شهادت کي پنهنجي لاءِ فخر سمجهندا هئا ۽ جيڪڏهن آيت الله خامنه اي جا بيان ڏسئون ته انهن ۾ شهادت جو ذڪر ضرور ملندو.
ڪاظم جلالي جو چوڻ هو ته آيت الله خامنه اي جي بيانن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪنهن به فرد طرفان اهڙو جذبو خالي هوائي بيان ناهن هوندا، ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ماڻهو شهادت جون دعوائون ڪن پر جڏهن اهڙو وقت اچي ته هو گهٻرائجي وڃن، پر آيت الله خامنه اي ان کي پنهنجي لاءِ رحمت سمجهيو ۽ شهادت کي خوشي سان قبول ڪيو.