چؤماسي کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار تيار آهي؟

تحرير: اعجاز ممنائي

مون سون جا ٻه فيز يعني ٻه مرحلا هوندا آهن هڪ مرحلو 15 جولاءِ کان 15 اگست تائين ٻيو فيز 15 آگسٽ کان سپٽمبر جي آخر هفتي تائين هلندو آهي۔ هن وقت تائين جيڪا مون سون برسات ڏئي رهيو آهي اهو بنگال کان طاقت ور سسٽم ٺهي ڪري راجستان کان پاڪستان جي اترين علائقن کان پنجاب ۾ داخل ٿي ويو آهي جتي شديد برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي جيڪا هن وقت سڀني جي سامهون آهي اهو سسٽم سنڌ ڏانهن اچي ها ته ڇا حالتون هجن ها بلڪه پنجاب م اڃان به سسٽم صحيح آهي سنڌ م سسٽم تمام خراب آهي پنجاب م 48 ڪلاڪن ۾ 500 ملي ميٽر برساتون رڪارڊ ڪيون ويون آهن دادو 70 ملي ميٽر م ٻڏي وڃي ٿو حيدرآباد هڪ ڪلاڪ ۾ مڪمل طور ٻڏي وڃي ٿو۔

  گذريل سالن ۾ 15 جولاءِ کان مون سون داخل ٿيندو هو 25 جولاءِ کان سسٽم داخل ٿيندا هئا پهرين برسات پنجاب جي مٿانهن علائقن ۾ وسندي هئي پوءِ درياهه سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ٻڌنداهئاسين 2020 جي ڳالهه ڪيون ته آگسٽ ۽ سپٽمبر ۾ برساتون رهيون 2017 آگسٽ شديد رهيو، 2012 ۾ به آگسٽ چؤماسي برساتن جي ور چڙهيو، 2011 م آگسٽ ۽ سپٽمبر ۾ شديد برساتون پيون ۽ سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ هئي، 2006 ۾ آگسٽ ۽ سپٽمبر سٺو رهيو 2024 ۾ به آگسٽ سٺو رهيو ، پر هاڻي مون سون جو پهريون مرحلو ختم ٿيڻ ۾ لڳ ڀڳ هڪ مهينو بچيو آهي يعني اڃان پهرين مرحلي ۾ آهيون،مون سون 2025 جو ٻيو فيز هڪ طاقتور خطرناڪ ٿي سگهي ٿو،ڇو ته تازه ترين رپورٽ موجب آگسٽ ۽ سپٽمبر ۾  لانينا فيڪٽرز اڀرڻ جو امڪان دنيا جي جديد وڏين ماهرن ڊپارٽمينٽ ايجنسين طرفان ٻڌايو ويو آهي، آگسٽ جي ٻئي هفتي کان MJO طاقتور فيز م اچڻ جا امڪان آهن، مون سون 2025 جو آخري مرحلو 15 آگسٽ کان 20 سپٽمبر دوران ڏکڻ ڀارت پاڪستان جي ڏکڻ اوڀر وچولي حصي م غير معمولي برساتن جا سسٽم اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

 دنيا جي جديد iri weather model جي رپورٽ صحيح ثابت ٿي رهي آهي جنهن بلوچستان پنجاب م سٺيون برساتون ٻڌايون هيون انهن جو چوڻ آهي ته آگسٽ سپٽمبر ۾ سنڌ بلوچستان صوبي ڀارت گجرات صوبي راجستان ڀارت م غير معمولي برساتن جا امڪان آهن، اهڙي طرح جولاءِ  جي باقي ڏينهن آگسٽ جي پهرين هفتي تائين سنڌ م هڪ UAC ڪارڻ برساتن جا امڪان رهندا. مطلب ته 2025 جي مون سون جو آغاز آب تاب سان جاري آهي سڄي ملڪ اندر تيز طوفان ۽ بارشن عوام کي منجهائي وڌو آهي۔ حيدرآباد ۾ هڪ ڪلاڪ جي برسات درياهه جو ڏيک ڏيڻ لڳي سڀ روڊ رستا توڙي گهٽيون پاڻي هيٺ اچي ويا۔ نيڪاسي جو جوڳو انتظام نه هئڻ سبب عوام ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳو اهڙي نموني مون سون شروع ٿيڻ جي صرف 10 ڏينهن اندر، رڳو سنڌ ۾ برساتن سبب پيش ايندڙ واقعن ۾ 16 ماڻهن جي مرڻ جي افسوسناڪ رپورٽ سامهون آئي، انھن ڏينھن ۾ ملڪي سطح تي فوتين جو انگ 72 ٿي ويو آهي. جڏهن ته پنجاب اندر 24 ڪلاڪن ۾ بارش ۾ 63 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي چڪوال ۾ برسات ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ پوءِ فوج کي به طلب ڪيو ويو آهي۔ اهي ابتدائي جانين جو نقصان، اڻ ڄاڻايل زخمي ۽ ملڪيتن کي رسيل ڇيھو، ملڪ جي مون سون جي تياري جو چٺو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي۔ اهڙن اپائن مان لڳي ٿو ته اسانجي حڪمرانن جي خطرناڪ چوماسي برساتن بابت اڳواٽ اطلاع باوجود ڪابه تياري نه هئي جنهنڪري عوام ايندڙ ڏينهن ۾ اڃا وڌيڪ نقصان ۽ پريشاني کي منهن ڏيندو۔

 هن سال مون سون جي موسم 26-27 جون تي شروع ٿي چڪي آهي، جيڪا جوپوءِ جي آخري هفتي تائين جاري رهڻ جا امڪان آهن۔ پاڪستان موسمياتي/ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ (PMD) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ الرٽ جاري ڪندي معمول کان وڌيڪ برسات پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جنهن سان شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٻوڏ جي خطري جا امڪان نظر اچن ٿا.پر سرڪار طرفان جوڳا انتظام نظر نه پيا اچن۔هڪ طرف شهرن اندر ڊرينيج سسٽم ناڪاره نظر اچي ٿو ته ٻئي طرف بچا بندن جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي۔ خاص طور تي ضلعي نوشھرو فيروز جي ڳوٺ ڪوڙيجا ڀاڻ "ايس ايم” بچاء بند ميل 41 تي مسلسل (2022 ۽ 2023) کان درياهه بند سان لڳل آهي سالنئون سال ٻوڏ اچي ٿي ۽ بند کي پاڻي پائيندو رھي ٿو. ايئن ئي ھن سال به ٻوڏ واري صورتحال آهي لاڳيتو ڪيترن ڏينهن کان پاڻي چڙھندو رھي ٿو پر سرڪار جي تمام گھڻي نااھلي نظر اچي رھي آهي درياه تي ڪوبه سرڪاري عملدار موجود نه آهي۔ گاڏين جا ڊرائيور گاڏيون ڇڏي رات جو نوشھروفيروز ھليا وڃن ٿا ھن وقت اھڙي صورتحال م چوڪيداري ۽ گاڏين جا ڊرائيور موجود ھجڻ گھرجن پر ايريگيشن عملو تمام گھڻي لاپرواھي ڪري رھيوآهي جنهن سبب ڪيڏي بمل به وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو۔ سرڪار کي گهرجي ته خطرن کي منهن ڏيڻ پوءِ، اڳواٽ نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (NDMA) نيشنل مون سون ڪنٽينجنسي پلان تيار ڪري؛ بهتر ايئن ٿيندو ته جامع دستاويز، سمورن وفاقي ۽ صوبائي اسٽيڪ هولڊرز/واسطيدار ڌرين سان گڏجي تيار ڪرن گهرجي جنهن جو بنيادي مقصد ملڪي چؤماسي سان لاڳاپيل ھنگامي حالتن/ ايمرجنسي پوءِ تياري ڪري سگهجي ۽ وقت سر موثر جوابي ڪارروائي کي يقيني بڻائي سگهجي.

 2022ع جو تجربو اسان جي سامهون آھي جنهن ۾ ڏٺو ويو ته تباهي جو وڏو سبب قدرتي وهڪرن جو بند هجڻ هو جنهنڪري عوام عذاب ۾ زندگي گذاري ان جي باوجود اسان ان سسٽم کي درست ڪرڻ کان قاصر رهياسين۔ هاڻي جڏهن وري اها ساڳي آفت مٿان اچي رهي آهي ته ڪو جامع پلان اڃان تائين نظر ۾ نه پيو اچي۔ جنهن مان لڳي ٿو ته هڪ ڀيرو ٻيهر عوام عذاب جي عالم ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي پوندو۔ خاص طور تي صوبه سنڌ جي پلان تحت وڏن شهرن جي مجموعي طور تي 309 هيٺاهين علائقن جي سڃاڻپ ٿيل آهي جتي برسات ٻوڏ جھڙي صورتحال پيدا ڪري سگھي ٿي۔ ان تي اڳواٽ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪڏهن سرڪار جي اها روش برقرار رهي ته ماضي وانگي هڪ شهر کي بچائڻ پوءِ ڪٽ هڻي ٻئي شهر کي ٻوڙائڻ وارو سلسلو جاري ٿي ويندو ۽ سڄي سنڌ متاثر ٿيندي ڇوته 2022ع وارا متاثر ماڻهو اڃان تائين پنهنجن پيرن تي بيهي نه سگهيا آهن۔ سرڪاري گهر سروي ۾ اڃا تائين هزارين گهر به تعمير نه ٿي سگهيا آهن قسط وار ملندڙ پئسا ايترا ته ڏکيا آهن جيڪ مسڪين ماروئڙا سڄو ڏينهن بئنڪن ٻاهران بيهي بيهي ساڻا ٿي واپس هليا وڃن ٿا۔ ان کان علاوه غذائي کوٽ، صحت جون اڻپوريون سهولتون،پيئڻ جي شفاف پاڻي جي کوٽ،  تعليم جون بهتر پاليسيون ۽ بيروزگاري جهڙا مسئلا اڃن تائين سرڪار حل نه ڪري سگهي آهي۔ جنهنڪري ملڪي عوام غربت کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي۔ سنڌ حڪومت جي ناڻي کاتي پاران موسمي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ امدادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ پوءِ ڏنل اربين روپيا خبر ناهي ڪنهن جي کيسي ۾ ويا جڏهن ته ايريگيشن کاتو توڙي ميونسپل ۽ يوسي چيئرمين ڪٿي به ڪم ڪندي نه پيا ڏسجن آخر انهن کان ڪير پڇاڻو ڪندو؟ هن قدرتي آفتن جي ڪري شھرن ۾ ٻوڏ پيدا ڪندڙ پاڻي  جي نيڪال پوءِ نالن، نالين ۽ گٽرن کي صاف ڪرڻ ۽ قبضي کي ختم ڪرڻ، جيڪي ضلعي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيز (DDMAs) کي مون سون شروع ٿيڻ کان اڳ يقيني بڻائڻ سرڪار جي زمري ۾ اچي ٿي ته پوءِ ان ۾ ڪوتاهي نه ٿيڻ گهرجي۔

 گذريل ڏينهن سنڌ حڪومت نالن جي صفائي جي نالي تي رڳو ڪي ايم سي کي 20 ڪروڙ رپين جي خصوصي گرانٽ ڏني هاڻي انهن جي ڪم تي نظر رکڻ گهرجي ته جيئن عوام تڪليف ۾ نه اچي ۽ نه ڪنهن اين جي اوز تي ڀاڙڻ گهرجي ته اها اچي ڪم ڪري جڏهن توهان وٽ ميونسپل ملازم به آهن ۽ پئسا به آهن ته پوءِ سست رفتاري ڇو هجي۔ اهڙي نموني يوسي چيئرمين کي پنهنجي پنهنجي يوسي پوءِ ڏنل خصوصي گرانٽ تي ڪم ڪرڻ جي سخت هدايت جاري ڪئي وڃي ته جيئن هن قدرتي آفت کي آساني سان منهن ڏئي سگهجي۔

 گذريل ڏينهن سنڌ حڪومت نالن جي صفائي جي نالي تي رڳو ڪي ايم سي کي 20 ڪروڙ رپين جي خصوصي گرانٽ ڏني هاڻي انهن جي ڪم تي نظر رکڻ گهرجي ته جيئن عوام تڪليف ۾ نه اچي ۽ نه ڪنهن اين جي اوز تي ڀاڙڻ گهرجي ته اها اچي ڪم ڪري جڏهن توهان وٽ ميونسپل ملازم به آهن ۽ پئسا به آهن ته پوءِ سست رفتاري ڇو هجي۔ اهڙي نموني يوسي چيئرمين کي پنهنجي پنهنجي يوسي پوءِ ڏنل خصوصي گرانٽ تي ڪم ڪرڻ جي سخت هدايت جاري ڪئي وڃي ته جيئن هن قدرتي آفت کي آساني سان منهن ڏئي سگهجي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.