ڳوٺ بجراڻي لغاري تي آخر ڪيستائين پوليس جو ڪڙو چڙهيل هوندو؟

ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان جي اڳواڻ ڪامريڊ امداد قاضيءَ هڪ ويڊيو بيان ۾ ڳوٺ بجراڻي لغاري تي ڪافي مهينن کان چڙهيل  پوليس جي ڪڙي جي سخت نندا ڪندي چيو آهي ته ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جون زمينون ڏيڻ خلاف مورو ۾ ٿيل احتجاج ۾زاهد لغاري ۽ عرفان لغاري جي شهادتن کان پوءِ ڳوٺ بجراڻي لغاريءَ تي  پوليس جيڪو ڪڙو چاڙهيو هو سو اڃان تائين قائم آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن بقول پوليس جي ته ان ڳوٺ جي ماڻهن جو ڪنهن ڪالعدم يا دهشت گرد تنظيم سان واسطو آهي ته ان جو قانوني طريقو اختيار ڪيو وڃي، جوابدارن خلاف مقدمو داخل ڪري کين صفائي جو موقعو ڏنو وڃي يا ان مورو  واقعي جي رٽائرڊ ۽ ساک وارن ججن کان عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت زاهد ۽ عرفان لغاري جي شهادت جي ايف آءِ آر به داخل ناهي ڪئي سو اهڙو قانوني ڪم ڪرڻ بدران الٽو ڳوٺ بجراڻي لغاري تي ڪڙو چاڙهيو ويو آهي ۽ ايئن سڄي ڳوٺ کي يرغمال بڻايو ويو آهي ۽ ان ڳوٺ جي 40 ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي.

ڳوٺ تي پوليس جو ڪڙو چڙهيل هئڻ ڪري ڳوٺائڻ جي زندگي قيد بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري وڏو انساني بحران پيدا ٿي ويو آهي. ڳوٺاڻن جي اچ وڃ بند، ڪاروباري وهنوار بند، شاگردن جو پڙهڻ بند، علاج لاءِ ڳوٺ کان ٻاهر نڪرڻ بند ٿي ويو آهي. جنهن سبب ڪجهه هفتا اڳ بک، بدحالي ۽ نينگري جو علاج نه ڪرائي سگهڻ سبب هڪ نوجوان عورت فضيلا لغاري پنهنجي معصوم نياڻيءَ سميت آپگهات ڪري ڇڏيو هو.

ڳوٺ بجراڻي لغاري جي اها افسوس جوڳي صورتحال صرف ڪامريڊ امداد قاضيءَ ئي بيان  نه ڪئي آهي پر جيڪي به قوم پرست اڳواڻ ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ شهيد زاهد ۽ عرفان لغاري جي تعزيت ۽ ڳوٺاڻن سان ايڪتا جو اظهار ڪرڻ ويا آهن تن سڀني اهڙو ئي احوال پئي ٻڌايو آهي. ڪيس ان ڳوٺ سان تعلق رکندڙ ڪامريڊ ڪومل لغاريءَ  به سوشل ميڊيا تي ڀرپور انداز سان اٿاريو آهي ۽ سڄي سنڌ کي ڳوٺ جي اشوءَ سان ڳنڍي رکيو آهي (جنهن ڀٽائي جي بيتن کي پنهنجي منفرد لهجي ۾ بيان ڪرڻ سبب مقبوليت ماڻي آهي) جنهن کان پوءِ سنڌ جو ساڃاهه وند حلقو پڻ ان ڳوٺ وڃڻ شروع ڪيو ۽ ڳوٺاڻن سان ٻڌيءَ جو اظهار پئي ڪيو آهي.

عوامي آواز به مورو جي ان واقعي تي وقت به وقت رپورٽون، ايڊيٽوريل، مضمون ۽ ڪالم شايع ڪندي رهي آهي جنهن جو مقصد ان اشوءَ تي سنڌ حڪومت جو ڌيان ڇڪرائڻ ۽ ان ڳوٺ جي ڳوٺاڻن کي يقين ڏيارڻ آهي ته اهي مصيبت جي هن گهڙي ءَ ۾ پاڻ کي اڪيلا نه سمجهن. سڀ سنڌ واسي هن ڳوٺ ۽ هن ڳوٺ جي ماڻهن سان گڏ آهن. اسان ڳوٺ بجراڻي لغاري، ان ڳوٺ جي ماڻهن، سنڌي عوام ۽ خاص ڪري سنڌ جي ساڃاهه وند حلقي جي نمائندگي  ڪندي سنڌ حڪومت کي چونداسين ته ان کان اڳ جو ڳوٺ بجراڻي لغاري تي لاڳيتو پوليس ڪڙو چڙهڻ ڪري ڪو وڏو انساني بحران پيدا ٿئي ( جنهن جو مثال ان ڳوٺ جي عورت فضيلا لغاري جو معصوم ٻارڙي ڀلي سميت آپگهات ڪرڻ آهي) ۽ حالتون قابو کان ٻاهر نڪري وڃن ته هاڻي ئي معاملي کي قانوني طريقي سان سنڀالي وٺي ته بهتر آهي.نه ته اهڙي جبري، غير آئيني ۽ غير جمهوري ڪاررواين سان رهندو حالتون خراب کان خراب ٿينديون وينديون ايئن جيئن هن وقت بلوچستان هٿن مان نڪري رهيو آهي، جيئن خيبرتختونخواه ۾ پي ٽي آءِ صوبائي حڪومت وفاق جي پاليسين خلاف سراپا احتجاج آهي.

 سو ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ طاقت جو استعمال مسئلي جو حل ناهي هوندو. ان غلط فهميءَ مان نڪرڻ گهرجي جبر وارين پاليسين ڪري  اسان بنگال جو صوبو وڃايو، ملڪ اندر عليحدگي جون تنظيمون ٺاهرايون ۽ ملڪ کي هميشه نازڪ حالتن ۾ پئي هلايو آهي پر انهن تلخ تجربن مان سکڻ لاءِ تيار ناهيون. اڃان به اهڙين غلط طاقت جي نشي وارين پاليسين ۽ حڪمت عملين کي وڌائي رهيا آهيون ۽ هاڻي لڳي ٿو ته سنڌ ۾ پ پ جي صوبائي حڪومت به ان رستي تي هلڻ شروع ڪيو آهي. انگريزن جي دور ۾ يا مارشلائن ۾ ته ڳوٺن کي ايئن ڪڙا چاڙهيا ويندا هيا پر هڪ جمهوري ۽ عوامي حڪومت ۾ اهو سڀ ٿئي ته ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون. اسان ته اهو سمجهندا آهيون ته موجوده آئيني پاڪستان اصل ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو آهي جنهن هن ملڪ کي 73 جو آئين ڏنو پر جيڪڏهن پ پ ئي پنهنجي باني قائد جي ٺاهيل آئين تي نه هلندي ۽ سنڌ صوبي کي غير آئيني طور مارشل لائي طرز تي هلائيندي ته پوءِ اهو نه ورسارڻ گهرجي ته حالتون سندن هٿن مان به نڪري سگهن ٿيون.

سو هوشمندي جي تقاضا اها آهي ته پ پ جي سنڌ حڪومت مورو جي ڳوٺ بجراڻي لغاري تان پوليس جو ڪڙو ختم ڪري پنهنجن ووٽرن کي جبري قيد فوري طور مان آزاد ڪري ته جيئن سندن زندگي جو وهنوار بحال ٿي سگهي. اها روايت  به هاڻي ختم ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن هڪ ڏوهاري، ڌاڙيل ڏوهاري يا دهشت گرد لاءِ سڄي ڳوٺ ۽ انهن جي مائٽن کي تنگ ڪجي. سو جيڪڏهن بقول حڪومت جي ته ڳوٺ بجراڻي لغاري جا ڪجهه ماڻهو ڪنهن دهشت گرد يا ڪالعدم تنظيم سان سلهاڙيل آهن ته انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي غير قانوني نه.ٻيو ته ڳوٺ بجراڻي لغاري جي شهيدن زاهد لغاري ۽ عرفان لغاري جي سندن مائٽن کي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو قانوني حق ڏنو وڃي ۽ پوءِ ان ايف آءِ آر موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

 مطلب ته سنڌ حڪومت کي هر لحاظ کان آئيني ۽ جمهوري اصولن تي هلائڻ گهرجي جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته  پوءِ ملڪ جي باقي صوبن جي عوام جيان سنڌ جو عوام به پ پ کي چونڊن ۾ ممڪن آهي ته اڳتي ووٽ نه ڏي ۽ ڪنهن ٻئي متبادل تي سوچڻ لڳي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.