رڳو شرمندگي سان مسئلا حل نه ٿيندا، گڊ گورننس ڏيکارڻي پوندي

ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه زير تعمير ريڊ لائين بي آر ٽي جي دوري دوران هڪ خانگي ٽي وي سان  ڳالهائيندي چيو ته يونيورسٽي روڊ کان متاثر ٿيندڙ شهرين کان معذرت ڪريان ٿو ۽ ڪوشش ڪنداسين ته ڪراچي جي شهرين کي پهتل تڪليف جو ازالو ڪيو وڃي. هن اعتراف ڪيو ته بي آر ٽي ريڊ لائين لاٽ ٽو جي مک ڪوريڊور جو ٻيهر ٽينڊر ڪنداسين، اڳوڻي ٺيڪيدار ڪم نه ڪيو. پر ان سلسلي ۾  هو پنهنجي ذميواري قبول ڪري ٿو. هن  اهو به چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي روڊ جي صورتحال تي عوام آڏو کيس شرمندگي محسوس ٿئي ٿي.

ريڊ لائين جو ڪم جيڪو سال  2022 ۾ شروع ٿيو هو جنهن کي  2024 ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر هاڻي 2026 اچڻ باوجود ان جي تڪميل جو ڪو پتو ناهي. ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري پڻ سنڌ جي ترقياتي منصوبن جي دير تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. هن هڪ اجلاس ۾ واضح ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت کان ڪم نٿو ٿئي ته اهي منصوبا محسن نقوي جي حوالي ڪيا وڃن جيڪو لاهور ۽  اسلام آباد ۾ ڪجهه ڏينهن اندر انڊر پاسز ۽ روڊ مڪمل ڪرائي وٺندو آهي. ايئن ڪراچي کي پاڻي مهيا ڪرڻ وارو ڪي فور منصوبو به گذريل 22 سالن کان رڪيل آهي.

ٻئي پاسي ريڊ لائين رٿا بابت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي بيان تي سوشل ميڊيا تي پڻ تفصيلي ردعمل ظاهر ٿيو آهي. جنهن ۾ عوام چيو آهي ته مسئلو صرف ڪراچي يونيورسٽي روڊ جو ناهي پر ڪراچي جي ڪا به ترقياتي رٿا مقرر وقت تي مڪمل ناهي ٿيندي، ڇا اها نااهلي آهي، بدانتظامي آهي يا ڪرپشن آهي. عوام آخر ڪيستائين تڪليفن ۽ واعدن کي برداشت ڪندو رهندو. اسان ان عوامي ردعمل سان متفق آهيون. مسئلو صرف ڪراچي جي ترقياتي منصوبن جي وقت سر پورائي جو ناهي پر ڏسجي ته سڄي سنڌ ۾ بيڊ گورننس جو راڄ آهي تنهن ڪري ئي مسئلا ئي مسئلا، پريشانيون ئي پريشانيون ۽ تڪليفون ئي تڪليفون آهن.

سو وڏي وزير مراد علي شاهه جي شرمندگي جي اظهار سان مسئلا حل نه ٿيندا پر مسئلن جي حل لاءِ وڏي وزير کي گڊ گورننس قائم ڪرڻي پوندي. ان حوالي سان حيرت جو اظهار پڻ ڪيو ويندو آهي ته باوجود ان جي ته پ پ جي سنڌ ۾ لاڳيتو 18 سال حڪومت آهي پر ايڏي عرصي کان پوءِ به پ پ جيڪڏهن گڊ گورننس قائم نه ڪري سگهي آهي ته ڇا ان کي حڪمرانن جي نااهلي نٿو قرار ڏئي سگهجي؟ ايئن به  ناهي ته ڪو حڪومت جي نااهلي جي ڪنهن نشاندهي ناهي ڪئي. هر  سال پ پ جي حڪومت کي سندس خراب ڪارڪردگي جو آئينو ڏيکاريو ويندو آهي ايستائين جو گڊ گورننس لاءِ حڪومت کي مختلف صلاحون به ڏيندا رهيا آهيون پر مجال آهي جو حڪمران پنهنجي اصلاح ڪن اڃا به چوندا ته پ پ خلاف سازش ٿي رهي آهي پر هاڻي پاڻ وڏو وزير ڪراچي يونيورسٽي روڊ جي اڏاوت ۾ دير تي شرمندگي جو اظهار ڪري رهيو آهي.

اسان ته سنڌ حڪومت کي گڊ گورننس لاءِ اهو به مشورو ڏيندا رهيا آهيون ته مڪاني نظام کي مضبوط ڪري جيئن 18 هين ترميم ذريعي صوبن کي وفاق کان ڪجهه وڌيڪ حق ۽ اختيار ڏياريا ويا آهن تيئن صوبن کي به ڪجهه اختيار ۽ حق ضلعن ڏانهن منتقل ڪرڻ گهرجن پر حڪومت کي افسوس ته اها ڳالهه به تاحال سمجهه ۾ نه ٿي اچي باوجود ان جي ته سنڌ حڪومت جي بيڊ گورننس سبب ڪراچي کي ڌار صوبو ڪرڻ جو به آواز اٿي رهيو آهي  ۽ ان آواز کي بند ڪرڻ جو به اهو ئي طريقو آهي ته ضلعي نظام کي مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن عوام ۽ ضلعن جا ننڍا ننڍا مسئلا اتي ئي حل ٿي وڃن پر سنڌ حڪومت کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ضلعي حڪومتن جي حوالي سان عام تاثر اهو هوندو آهي ته شايد اهو جنرل پرويز مشرف جو آندل نظام آهي جڏهن ته پاڻ کي ياد آهي ته ضلعي نظام جي پهرين آئيڊيا بينظير ڀٽو صاحبه ئي هڪ چونڊ منشور طور ڏني هئي پر جيئن ته سندس ٻي حڪومت جلد ختم ٿي وئي هئي تنهن ڪري شايد اها پنهنجي حڪومت ۾ ضلعي نظام متعارف نه ڪرائي سگهي هئي. پر جيڪڏهن سنڌحڪومت  سمجهي ٿي ته نه ضلعي نظام جي مضبوطي جي ضرورت ناهي ته ڀلا اها ٻين طريقن سان گڊ گورننس ڪري ڏيکاري؟

هاڻي جڏهن 18 سال لاڳيتو حڪومت ڪرڻ باوجود پ پ جي حڪومت گڊ گورننس قائم نه ڪري سگهي آهي ته مجموعي طور تي ان جي نااهلي تي سوال اٿي رهيا آهن ته ان کي حڪومت شايد ڪرڻ نه ٿي اچي. اهڙو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ پ پ جي سنڌ حڪومت کي پنهنجي ڪارڪردگي غير معمولي طور ڏيکارڻي پوندي. چوڻ وارا چون ٿا ته  مريم نواز کي پهريون ڀيرو پنجاب جي وڏ وزارت  جو تجربو ٿيو آهي پر هن پهرين تجربي ۾ ئي سنڌ جي سينئر وڏي وزير مراد علي شاهه کان وڌيڪ اتي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي.

اسان جو خيال آهي ته سنڌ حڪومت توڙي سنڌ  جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي هاڻي به موقعو آهي ته پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪري ۽ ان جي شروعات نه رڳو ڪراچي يونيورسٽي روڊ جي اڏاوت سان نه پر مجموعي طور تي گڊ گورننس سان ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته  سنڌ حڪومت جي نا اهلي جو سنڌ جي وحدت کي به نقصان رسي رهيو آهي، ڪراچي کي ڌار صوبو بڻائڻ ۽ پ پ کي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ نه ڏيڻ جي هاڻي کان ئي مهم شروع ٿي وئي آهي. سو پنهنجو خيال اهو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي صرف ڪراچي يونيورسٽي روڊ جي اڏاوت واري منصوبي ۾ دير تي ئي شرمندگي جو اظهار نه ڪرڻ گهرجي پر مجموعي طور تي  پنهنجي بيڊ گورننس جو به اعتراف ڪرڻ گهرجي پر اهو به مسئلي جو حل ناهي. مسئلي جو حل اهو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه مجموعي طور تي  سنڌ ۾ گڊ گورننس قائم ڪري يا پنهنجي نااهلي ۽ ناڪامي کي تسليم ڪندي استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.