شھري ٻوڏ جا گھڻ رُخي ڪارڻ، چئلينج ۽ ان جو حل

تحرير: محمد احسان لغاري

گذريل 48 ڪلاڪن دوران پنجاب جي مختلف علائقن، خاص طور تي چڪوال، جھلم، راولپنڊي ۽ گادي جي ھنڌ اسلام آباد ۾ ٿيل شديد برساتن، موسمي ڦيرگھير ۽ تبديلين  ”نئين چؤماسي واري عام حالت“(New Normal) کي نروار ڪيو آهي. اسان جو عام حالتن وارو شهري ٻوڏ ۽ نيڪاسي جو نظام اڳ ئي عالمي معيارن مطابق گھٽ معياري ۽ ٿوري ڀروسي جوڳو آهي. هاڻي وارين حالتن ان جي ڪمزوري کي ٻيهر اجاگر ڪيو آهي. چڪوال ۾ 423 ملي ميٽر، جڏهن ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ لڳ ڀڳ 199 ملي ميٽر برسات ريڪارڊ ٿي چڪي آھي، جنهن سان روزاني زندگي مفلوج ٿي وئي، ملڪيتن کي نقصان رسيو ۽ قيمتي انساني جانون ضايع ٿي ويون. ساڳي وقت ۾، حيدرآباد، لاھور، ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ مسلسل برساتن سان شهري نظامن کي وڏا چئلينج پيش آيا آھن.

پنجاب لاءِ ھي حالتون 2022 جھڙين ٻوڏن جھڙيون ٿي ويون آھن ۽ ان سانحي کي اڃان ٽي سال ئي مس ٿيا آھن۔ ھن سال جون موسمي اڳڪٿيون، ماڊل ۽ لاڙا اھڙو ڪجهه ئي ٻڌائي رھيا ھئا ته پنجاب ۾ ٻين علائقن کان وڌيڪ اثر ٿيندو۔ اسان کي ھاڻ شين کي بلڪل مختلف رخن سان ڏسڻ ۽ ڪرڻ جي ضرورت آھي۔ ڇاڪاڻ ته آفتن کي منھن ڏيڻ جي سگھه اقتصادي طور تي مضبوط طبقي کي وڌيڪ ھوندي آھي؛ ۽ اھي ئي گھڻو ڪري حڪمران ۽ فيصلاساز آھن ان ڪري  ھڪ دفعو وري پنڊي جي نالا لئي ۾ لکين ماڻھو پاڻي ۾ گھريل ھجن يا وري خيرپورناٿن شاھ ۾ ھزارين گھر ٻڏل ھجن، ڏور رس رٿابندي نه ڪئي وئي آھي۔ سانوڻي جي اڃان پوري مُند پئي آھي؛ ڪوھ سليمان کان کيرٿر تائين وڌيڪ مينھن جي اڳ ڪٿي وچ سانوڻ لاءِ ڪيل آھي۔ اتي پوري بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آھي خاص طور ايف پي بند ۽ لاڳاپيل سرشتي کي چڱي ريت سنڀالڻو آھي۔ ٺلھي مشينن، ڊوزر، ايڪسڪيويٽر بيھارڻ تي خرچ اچي ٿو، اھو ڪرڻ لازمي آھي۔ بچاءُ علاج کان گھڻو بھتر آھي۔ بدعنواني کي ڪنٽرول ڪرڻ معني خرچ نه ڪرڻ نه آھي۔ ان جا ماڻ ۽ ماپا جدا آھن۔ غيرمعمولي حالتن ۾ غيرمعمولي اُپاءُ وٺڻ ضروري آھن۔ لک سھي ۽ ڪک نه سھي واري چوڻي شايد عام ماڻھن جي ڀلائي واري ڪمن لاءِ سرڪار جي حڪمت عملي آھي؛ باقي “ پنھنجا پراجيڪٽ” ھر ڪنھن کي پيارا آھن۔

اهي واقعا فقط پاڻي جي وڌڻ سبب پيش نه آيا، پر اهي اسان جي غيرلاڳاپيل منصوبا بندي، ڪمزور شهري ڍانچي، غير محفوظ اڏاوتون، اڏاوتن جي ڪري قدرتي لاھي ۽ وھڪرن ۾ انڊڪ، کٽل نيڪاسي، ۽ موسمي تبديلي جي وڌندڙ اثرن سان لاڳاپيل آهن. اسان ڏٺو ته اسلام آباد جھڙي شھر جون حالتون ٻين شهرن کان گهڻيون بهتر نه رهيون. جيتوڻيڪ هتي برسات جو پاڻي زمين ۾ جذب ڪرڻ لاءِ ڪوششون ٿيون، پر اهي تمام محدود ۽ اڻ پوريون ثابت ٿيون.

لاھور، ڪراچي ۽ اسلام آباد جهڙا شهر به اڏاوتن جي ڪري قدرتي نالن جي وھڪرن کي بند يا سوڙھو ڪري رهيا آهن. نتيجي ۾ برسات جو پاڻي قدرتي طور جذب ٿيڻ ۽ گس وٺڻ بجاءِ تباهي ڪندڙ ٻوڏ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.

هاڻي اها ڳالهه چٽي طور تي سمجھڻ گهرجي ته برساتون اڳڪٿي ڪيل مقدار کان به وڌيڪ، تيز، بي ترتيب ۽ تمام گھڻيون نقصانڪار ٿي سگهن ٿيون. اهڙي غير متوقع ۽ شديد برسات جو مقابلو صرف روايتي ردعمل تي ٻڌل نظامن سان ممڪن ناهي. ان لاءِ هڪ مضبوط، جديد، ۽ اڳواٽ تياري تي ٻڌل نظام لازمي آهي، جيڪو خطري کي وقت کان اڳ سڃاڻي، تياري ڪري، ۽ خطري کي گهٽائڻ جي لاءِ جامع حڪمتِ عملي تي عمل ڪري.

موجوده بحرانن جو مقابلو فقط هنگامي ردعمل سان نه ٿو ٿي سگهي. قدرتي آفتن جي خطري ۾ گهٽتائي (Disaster Risk Reduction) کي هر ترقياتي منصوبابنديءَ ۾ بنيادي حيثيت سان شامل ڪرڻ ضروري آهي. هي تصور فقط بچاءُ جو ناهي، پر پائيدار ترقي، محفوظ شهري رٿابندي، ۽ موسمي لچڪ واري حڪمتِ عملي جو مرڪزي نقطو آهي.

قومي ۽ صوبائي ترقياتي پروگرام، جيئن وفاقي ترقياتي پروگرام (Public Sector Development Programme – PSDP) ۽ صوبائي ترقياتي پروگرام (Annual Development Programme – ADP)، کي ان ڳالهه جو پابند بڻائڻ گهرجي ته اهي هر منصوبي کي ماحولياتي تحفظ، قدرتي آفتن جي خطري جي سڃاڻپ، ۽ موسمي استحڪام جي بنيادن تي ترتيب ڏين. فريم ورڪ، پاليسيون، ۽ منصوبا رڳو ڪاغذي ڪارروائي يا رسمي ڪارڪردگي جو حصو نه، پر عملي طور تي لاڳو ٿيندڙ، لازمي ۽ جوابده هجڻ گهرجن.

آفتن جو خطرو گهٽائڻ وارو سينڊائي فريم ورڪ، جيڪو گڏيل قومن پاران 2015ع ۾ منظور ڪيو ويو، هڪ عالمي رهنمائي ڪندڙ دستاويز آهي، جنهن ۾ خطري جي سڃاڻپ، حڪمراني جي بهتري، اڳواٽ سيڙپڪاري، ۽ مؤثر بحالي تي زور ڏنو ويو آهي. ان فريم ور/ گھاڙيٽي موجب، آفتن کان اڳ جي تياري، مقامي سطح تي برادريءَ (community) جي صلاحيتن کي وڌائڻ، ۽ ماحول جي تناظر کي نظر ۾ رکڻ سان اسان مستقبل جي خطرن کان بچي سگهون ٿا.

پاڪستان ۾ اين ڊي ايم اي (قومي آفتن جي انتظام واري اداري) جي اڳواڻيءَ ۾ ڪجهه اهم قدم کنيا ويا آهن، جيئن ته اڏاوتن لاءِ گائيڊ لائينز/ رھنما ھدايتون، مقامي سطح تي برسات جو پاڻي گڏ ڪرڻ جا منصوبا، ۽ شهرن ۾ خطرن جا نقشا تيار ڪرڻ شامل آھن، پر اهي قدم اڃا تائين غير مربوط ۽ محدود آهن. انهن کي قومي سطح جي حڪمت عمليءَ جو حصو بڻائڻ لازمي آهي.ان کانسواءِ، سماجي سطح تي ماڻهن جي شعور کي وڌائڻ، مقامي خطرن جي سڃاڻپ، ۽ برادريءَ جي شرڪت پڻ ضروري آهي. مستقبل لاءِ قدرتي حل، جهڙوڪ وڻڪاري، نالن جي بحالي، ۽ ماحول دوست اڏاوتي طريقن کي اپنائڻ اڻٽر آهي.

اسان کي هاڻ اهو مڃڻو پوندو ته آفتن کان بچاءُ ڪا ٻي درجي واري ترجيح نه آهي، بلڪه بقا ۽ ترقيءَ لاءِ بنيادي شرط آهي. جيڪڏهن اسين واقعي اسلام آباد کان وٺي ڪراچي، ۽ چڪوال کان وٺي حيدرآباد تائين محفوظ، لچڪدار ۽ پائيدار شهر چاهيون ٿا، ته پوءِ اسان کي ترجيحون تبديل ڪرڻيون پونديون. آفتن جي خطري ۾ گهٽتائيءَ کي هر پاليسي، منصوبي، ۽ عملدرآمد جي مرڪز ۾ رکڻ گهرجي  ڇو ته هاڻ وقت فقط ردعمل جو نه، پر اڳواٽ تياري، لچڪ، ۽ موسمي استحڪام جو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.