تحريڪ انصاف جي ھلچل ملڪ ۾ ڪا تبديلي آڻي سگھي ٿي ؟

تحرير: زاهد حسين

ھندستان  سان چئن ڏينهن جي تڪرار جي پس منظر ۾ ٿورڙي وقفي کان پوءِ، حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ ڀيرو ٻيهر ھڪ ٻئي خلاف محاذ بڻائي چڪيون آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ)، جيڪا ڀت سان لڳائي وئي هئي، ٻيهر روڊن تي نڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهي آهي. ٻئي طرف سياسي جماعت  جا پرڏيهي حامي بين الاقوامي فورمن تي پاڪستان ۾ ‘سياسي ظلم’ خلاف آواز بلند ڪري رهيا آهن.مبينھ طور  تي ”پاڪستان جي حڪومت پاران مخالف ڌر جي سياسي شخصيتن ۽ صحافين تي ٿيل ظلم “ جي جائزر وٺڻ لاءِ آمريڪا جي ٻھ طرفي ڪانگريس ڪميٽي  جو پاڪستاني وقت مطابق ٻڌايواربع جي صبح جو اجلاس ٿيڻو ھو.ان مان ڪو بھ اھڙو نتيجو نڪرڻ جو امڪان ناهي، جيڪو موجوده نظام لاءِ خطرو هجي، پر اهو هائبرڊ پاور اسٽرڪچر لاءِ سازگار ناهي.اهو ناهي ته ڀڃ ڊاھ جو شڪار پي ٽي آءِ پنهنجي اسٽريٽ پاور ذريعي نظام کي ڪيرائي سگهي ٿي، پر وڌندڙ سياسي ٽڪراءُ هڪ ڀيرو ٻيهر موجوده سياسي سيٽ اپ جي قانوني حيثيت جي حوالي سان سوال اٿاريا آهن.

جيتوڻيڪ عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جي حوالي سان  سپريم ڪورٽ جي تازي تڪراري فيصلي حڪمران اتحاد کي پارليامينٽ ۾ ٻه ڀاڱي تي اڪثريت ڏني آهي، پر ان طاقت جي اسٽرڪچر ۾  موجود شڪ کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. نه رڳو سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جو ڪنٽرول مضبوط ٿيو آهي،بلڪھ  جمهوريت لاءِ گنجائش به گهٽي آهي.هڪ تابعدار عدليه ۽ تابعدار پريس جو تصور استحڪام جي ھڪ جهلڪ تھ پيش ڪري ٿو، پر موجوده ڍانچي جي جوڙجڪ جو ڪوڙ انتھائي واضح آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي تازو ڪريڪ ڊائون اظهار جي آزادي کي دٻائڻ جي هڪ قدم جو حصو آهي. اهو هڪ اهڙي نظام جي ڪمزوري جي نشاني پڻ آهي جيڪو ڪنهن به اختلاف راءِ کي برداشت نٿو ڪري سگهي. اهڙي صورتحال ۾ پنهنجي ڪيس کي بين الاقوامي فورمن تي کڻي وڃڻ کي پي ٽي آءِ جي مايوسي جي طور تي سمجهي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته ان لاءِ پنهنجي ملڪ ۾ ڪو به عدالتي يا سياسي رستو موجود ناهي.

ملڪ جي سياسي ويڙهه کي ٻاهرين ملڪ کڻي وڃڻ ۽ ٻين ملڪن کان حمايت وٺڻ ڱي شايد درست نٿو قرار ڏئي سگھجي. پر بدقسمتي سان، ايئن تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ٻيا سڀئي جمهوري رستا بند ٿي وڃن. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سميت پي ٽي آءِ جا سوين اڳواڻ ۽ ڪارڪن، مبينا طور تي من گھڙت الزامن ۾ قيد ڀوڳي رهيا آهن، جڏهن ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي معمول بڻجي  چڪي آهي.

اھي ڳالھيون هلي رھيون آهن ته حڪمران اتحاد پنهنجي نئين ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان آمرانه طرز حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ وڌيڪ تبديليون ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيو آهي. اھو عمل سڀني جمهوري قوتن لاءِ ڳڻتي جو سبب هجڻ گهرجي.مبينا طور تي چوري ڪيل چونڊن جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آيل حڪومت جي ڪا قانوني حيثيت نھ آھي. ُپرامن مظاھرن کي دٻائڻ لاءِ رياست طرفان طاقت جو ظالمانه استعمال، جيئن گذريل نومبر ۾ اسلام آباد ۾ ڏٺو ويو، مخالف ڌر لاءِ پرسڪون جواب ڏيڻ کي  ڏکيو بڻائي ڇڏيو آھي.

پي ٽي آءِ طرفان  ملڪ گير احتجاجن جو سڏ ۽ حڪومت پاران  ان کي روڪڻ لاءِ حڪومت جي طاقت جي استعمال جي ڌمڪي  سبب سياسي صورتحال کي وڌيڪ بي يقيني جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي.ٽڪراءُ جي هي سياست هڪ اهڙي ملڪ لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي جيڪو ڪيترن ئي ٻاهرين ۽ اندروني سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ جنهن جي معيشت  بھ اڃا تائين خطري ۾ آهي. ڪجهه ميڊيا رپورٽن موجب ھاڻي خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ ،جي حڪومت لي برطرف ڪرڻ جي لاءِ  مخصوص سيٽن جي اعتراض  جوڳي الاٽمينٽ بعد ھي هڪ ٻيو قدم کنيو پيو وڃي، جنهن صوبائي اسيمبلي ۾ سيٽن جي انگن اکرن کي مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

جيتوڻيڪ  پارٽي کي مخصوص سيٽن کان محروم ڪرڻ باوجود صوبائي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي اڪثريت ختم ڪرڻ ممڪن نھ آھي.بھرحال صوبائي حڪمران پارٽي جي ڪجهه  ميمبرن جي حمايت خريد ڪرڻ لاءِ هارس ٽريڊنگ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. سياسي انجنيئرنگ ذريعي پي ٽي آءِ حڪومت کي هٽائڻ  لاءِ  ڪو به اهڙو قدم شورش واري صوبي جي  صورتحال کي انتهائي غير مستحڪم بڻائي ڇڏيندو.ڪنهن به غير جمهوري سياسي تبديلي سان  اهڙي صوبي ۾ صورتحال  خراب ٿي سگهي ٿي جتي پرتشدد شدت پسندي ٻيهر اڀري چڪي آهي ۽ انهن واقعن ۾ سوين ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي چڪا آهن، جن ۾گهڻائي سيڪيورٽي فورس جي اهلڪارن جي آھي.

وڌندڙ سياسي عدم استحڪام صوبي ۽ سرحد پارسرگرم دهشتگرد گروپن کي  وڌيڪ موقعا مُهيا ڪندو. هي طاقت جي ھڪ خطرناڪ  راند آهي جيڪا سلامتي لاءِ سنگين خطرو پيدا ڪري ٿو. صورتحال جي سنگيني کي سمجهڻ ۽ ٽڪراءُ جي سياست کي ختم ڪرڻ  بدران، وفاقي حڪومت هاڻي صوبائي حڪومت جي خواهشن جي خلاف ضم ٿيل قبائلي ضلعن ۾ جرگه سسٽم کي بحال ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. اهڙو ڪو به غير آئيني قدم صوبي کي مڪمل لاقانونيت ڏانهن ڌڪي ڇڏيندو.

هي صرف خيبر پختونخوا جي ڳالھ نھ آھي،پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ، جي اٽڪل ٻن درجن رڪنن کي اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ خلل وجهڻ جي الزام ۾ هٽائڻ جون تياريون پڻ ڪيون پيون وڃن.ايوان جي تقدس کي پائمال ڪندڙن ميمبرن  پاران ڪنهن به قسم جي غنڊه گرديکي ڪنھن بھ صورت ۾ برداشت  نٿو ڪري سگهجي.بدقسمتي سان  اپوزيشن پارن ملڪ جي ايوانن ۾ اھڙو رويو تھ عام آھي، پوءِ چاھي  اقتادر ۾ ڪھڙي بھ جماعت ھجي. يقيناً، تقدس برقرار رکڻ گهرجي، پر ان جي باوجودايوان جي ڪارروائي ۾ خلل وجھندڙ ڪنھن بھ نمائندي کي سيٽ تان ھٽائڻ جو ماضي ۾ ڪو مثال نٿو ملي. اميد ڪريون ته عقل ۽ دانش کان ڪم ورتو  ويندو.

جتي  سياسي تڪرار کي  ختم ڪرڻ ۽ جمهوري عمل کي بحال ڪرڻ جي ذميواري بنيادي طور تي حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي.اتي، پي ٽي آءِ کي پڻ سياسي گرمي پد گهٽائڻ گهرجي. يقيني طور تي ان وٽ هڪ مربوط قيادت جي کوٽ آهي جيڪا پارٽي کي سوچ سمجھ فراهم ڪري سگهي.اهو درست ٿي سگهي ٿو ته مشڪلات باوجود، پي ٽي آءِ اڃا تائين  بھ عوام ۾ تمام گهڻي مقبول آهي، پر ان جو ڪو واضح رخ نھ آھي ۽ ان جا اڳواڻ  ان کي مختلف طريقن سان پاڻ ڏانھ بي ترتيبي سان  ڇڪي رھيا آهن.

شايد اهو ئي سبب آهي جو پارٽي پنهنجي حامين کي موثر طريقي سان متحرڪ ڪرڻ ۾ ناڪام آهي. پارٽي کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ خود ساخته پارٽي ترجمانن پهچايو آهي، جن پنهنجي لاپرواهي سوشل ميڊيا مهم ذريعي ٽڪراءُ جي سياست کي ھوا ڏني  آهي. انهن جي غير ذميوارڻي  بيان بازي هائبرڊ حڪمرانن کي اختلاف راءِ رکندڙن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ جو جواز فراھم ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا مهم جا حملا صرف حڪمران اتحاد تائين محدود نه آهن بلڪھ اھي پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن ۽ قانون سازن کي به نشانو بڻائين ٿا. آمريڪي حمايت حاصل ڪرڻ جي انهن جي اميد پارٽي جي سياست کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. انهن مان ڪيترن ئي ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ مھم بھ ھلائي آھي تھ اھو  عمران خان کي آزادي ڏياريندو، پر ائين نه ٿيو.ٽڪراءُ جي سياست ۽ جمهوري عمل کي پٽڙي تان لاهڻ جي سياست  ملڪ کي هڪ سنگين بحران ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي جنھن سان ان اتحاد کي خطرو آهي. ملڪ صرف تڏهن ئي پنهنجي خودمختياري جي حفاظت ڪري سگهي ٿو جڏهن ان جا ماڻهو پنهنجا جمهوري حق استعمال ڪرڻ لاءِ آزاد هجن. آمراڻي حڪمراني ۽ غير چونڊيل قوتون  گڏجي ڪري اڻ چونڊيل قوتون ملڪ کي درپيش سنگين چئلينجن کي مؤثر طريقي سان منھن نٿيون ڏئي  سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.