نئين آٽو پاليسي سان گاڏيون سستيون، واڌو ڪسٽمز ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي ته نئين آٽو پاليسي لڳ ڀڳ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ تمام جلد جاري ڪئي ويندي.
هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هارون اختر خان چيو ته آٽو پاليسي جاري ٿيڻ ۾ ڪجهه سببن جي ڪري دير ٿي، گذريل ٻن آٽو پاليسين سبب مقابلو وڌيو آهي، اڳ رڳو 3 گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپنيون هيون، جيڪي هاڻي وڌي 13 ٿي ويون آهن.
هن چيو ته نئين پاليسي ۾ سڀ کان وڏي تبديلي اليڪٽرڪ گاڏين بابت آهي، جن کي سهولتون ڏيڻيون هيون، جڏهن ته قومي ٽيرف پاليسي پڻ سامهون آئي آهي.
هارون اختر خان موجب، آٽو پاليسي بابت ڊگهو بحث ٿيو، جنهن ۾ ڪجهه وقت لڳو، هاڻي پاليسي لڳ ڀڳ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ تمام جلد جاري ڪئي ويندي. پاليسي هن وقت آخري مرحلي ۾ آهي ۽ قانوني معاملن تي ڪم جاري آهي.
هن چيو ته نئين آٽو پاليسي جو اهم مقصد واهپيدارن کي گاڏيون سستي اگهن تي فراهم ڪرڻ آهي.
وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته پاليسي ۾ اهڙو توازن رکيو ويو آهي، جنهن سان پاڪستان جون گاڏيون عالمي مارڪيٽ سان مقابلو ڪري سگهن، پاليسي ٺاهڻ ۾ وقت ان ڪري لڳو ته جيئن ماضي جون غلطيون ٻيهر نه ورجايون وڃن.
هن دعويٰ ڪئي ته نئين پاليسي تحت واڌو ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪئي ويندي.

You might also like