جماعت اسلامي پيٽرول تي 100 رپيا رليف پيڪيج رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر رليف پيڪيج رد ڪندي چيو آهي ته اهو پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ جو متبادل نٿو ٿي سگهي.
اسلام آباد ۾ حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين دور کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي لياقت بلوچ چيو ته جماعت اسلامي، حڪومت سان آزاد بجلي پيدا ڪندڙ منصوبن ۽ پيٽروليم ليوي بابت فني ڳالهين ۾ حصو ورتو، جڏهن ته پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ ۽ توانائي واري وزير اويس لغاري آگاهي ڏني.
هن چيو ته وزيراعظم جو پيٽرول رليف پيڪيج جماعت اسلامي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ حڪومت کي واضح طور چيو ويو آهي ته پيٽروليم ليوي ختم ڪئي وڃي، ليوي ختم ٿيڻ سان پيٽرول تي 103 رپيا في ليٽر تائين رليف ملي سگهي ٿو.
لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته وزيراعظم طرفان ڏنل رليف وارو قدم دوکو آهي. حڪومت کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم کي ٻڌايو وڃي ته جماعت اسلامي جو مارچ اسلام آباد طرف وڌندو.
واضح رهي ته مهانگائي ۽ پيٽروليم ليوي خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جماعت اسلامي جا ڌرڻا جاري آهن، جڏهن ته جماعت اسلامي 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد طرف لانگ مارچ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like