سنڌ جي قومي ملڪيت تي ڌاڙو ۽ سنڌ جا حڪمران

تحرير: سيد يوسف شاهه

سنڌ اسيمبليءَ جي بجيٽ اجلاس دوران اھا خبر آئي آھي ته سنڌ حڪومت بورڊ آف روينيو جي لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي معرفت ، وفاقي اداري گرين پاڪستان ڪارپوريٽ انيشيئيٽيو ڪمپنيءَ کي 4 ارب رپيا اڳ ۾ ئي امداد طور ڏيئي، ھاڻي بجٽ اجلاس دوران ايوان کان ان جي منظوري ورتي آھي. اصل ۾ ڪمپنيءَ کي امداد طور ڏنل ايڏي وڏي رقم جو سمورو عمل غير قانوني طور ڪيو ويو آھي. حڪومت جا ننڍي کان ننڍا مڪاني ادارا ھجن، صوبائي حڪومتون ھجن يا مرڪزي حڪومت جا سربراھه ھائوس يا ايوان جي منظوريءَ کان اڳ جيڪا به ادائگي ڪندا آھن تنھن کي عارضي ادائگي يا (Provisional Payment) سڏيو ويندو آھي. جيڪڏھن اھڙيءَ ادائگيءَ جي مڪاني اداري جو ھائوس يا اسيمبليءَ جو ايوان منظوري نه ڏي ته اھا پوري رقم اداري يا حڪومت جي سربراھه کي پنھنجي ذاتي ملڪيت مان ادا ڪرڻي پوندي آھي  پر ھتي پيپلزپارٽيءَ سان تعلق رکندڙ سنڌ اسيمبليءَ جو ڪو ھڪ ايم پي اي يا وزير اھڙو نه ھو، جو قومي غيرت جو مظاھرو ڪندي، ايوان جي منظوريءَ بنا، سنڌي قوم جي اربين رپين جي ھن امانت ۾ خيانت ڪندي ڪنھن ڪمپنيءَ کي خيرات طور ڏيڻ جي مخالف ڪرڻ جي ھمت جو مظاھرو ڪري، ڇوته مٿائن زرداريءَ وارو ڏنڍو ھيو ۽ کين سندن ذاتي مفاد قومي مفادن کان وڌيڪ عزيز ھئا، جڏھن ته ماضيءَ ۾ مير رسول بخش ٽالپور، عبدلحميد خان جتوئي، نبي بخش ڀرڳڙي، معراج محمد خان ۽ اھڙن ٻين پارليامينٽرين جي ڪردار تي فخر ڪري سگهجي ٿو جن اصولن خاطر اقتدار کي ٿڏيندي رياستي عتاب ڀوڳيا.

ڪجهه وقت اڳ خبر ھلي ھئي ته صدر زرداريءَ پاران سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن کي گرين انيشيٽيو ڪمپنيءَ کي بنا وياج جي 100 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جي ھدايت ڪئي ويئي آھي ۽ ان سان گڏ خيرپور نارا تعلقي، گورک ھل، عمر ڪوٽ ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن جي لکين ايڪڙ زمين پڻ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي گرين انيشيٽيو ڪمپنيءَ حوالي ڪئي وئي آھي پر حڪمرانن پاران جيئن ھر معاملو ڳجهه ڳوھه ۾ ڪري قوم کان لڪايو ويندو آھي تيئن ھاڻي اھا ڳالھه به ظاھر ٿي پئي ته صدر زرداريءَ جي ھدايتن تي جاري ٿيندڙ اھا رقم 100 ڪروڙ نه پر 400 ڪروڙن يعني 4 ارب رپين جي ھئي ۽ بنا وياج قرض نه پر ڄاڻايل ڪمپنيءَ کي خيرات طور ادا ڪئي ويئي ھئي.

ھتي اھا ڳالھه به ذڪر لائق آھي ته بلاول زرداريءَ وڏي فخر سان دعويٰ ڪيو ھو ته ھو ڪارپوريٽ فارمنگ جي حمايت ڪري ٿو ڇوته ھيءُ سندس ئي پروگرام ۽ پارٽي منشور جو حصو آھي!، اھا ڳالھه پڻ غور طلب آھي ته جڏھن ڪئنالن جي اڏاوت ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي تحريڪ عروج تي ھئي، ٻٻرلوءِ ڌرڻي سان گڏ سنڌ جي ھر شھر، ھر ڳوٺ ۽ ھر ھنڌ ڌرڻا ھنيا پئي ويا ۽ مظاھرا ٿي رھيا ھئا، پنجاب جا رستا بند ھئا ۽ پنجاب ڏانھن ويندڙ ريلوي ٽريڪ ۽ بندرگاھن سميت ھوائي اڏا به بند ڪرڻ جا اعلان ٿي رھيا ھئا، تڏھن سنڌ جي حڪمران پارٽي ۽ اڳواڻ وائڙائپ مان روڊن تي نڪري پاڻ به سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور ۽ ڪئنال ٺاھيندين پاڌر کائيندين جا نعرا ته ھڻي رھيا ھئا پر اھڙي موقعي تي به ھنن ڪڏھن ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون نيلام ڪرڻ خلاف ڪابه نعريبازي نه ڪئي ۽ وزيراعظم سان ملي، آئين کي لتاڙيندي سالن کان ارسا جي نه ٿيندڙ گڏجاڻي تڙتڪڙ ۾ سڏائي، ڪئنالن جي اڏاوت واري منصوبي کي ”صوبن جي رضامنديءَ“ تائين ملتوي ڪرڻ جو ڊرامو رچائي، ھتي اچي جشن ملھايا ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان وڪيل اڳواڻن سان ڪوڙا وعدا ڪندي، ڳالھين لاءِ ڪميٽيون جوڙي ھن مسئلي کي مستقل طور حل ڪرڻ لاءِ پندرھن ڏينھن اندر ٻين گڏجاڻي رکڻ جا ڏٽا ڏيئي ڌرڻا ختم ڪرايا ويا. پر اھا گڏجاڻي نه ٿيڻي ھئي ۽ نه ٿي نيٺ وڪيلن سندن اھا ڳالھين لاءِ جوڙيل ڪميٽي ٽوڙي ڇڏي. ٻيھر جڏھن مٿن دٻاءُ وڌيو تڏھن حڪومتي ڪميٽي جوڙي ان جي ميمبرن جو اعلان ڪندي وعدو ڪيو ويو ته عيد کان فورن پوءِ وڪيل اڳواڻن سان ڪارپويٽ فارمنگ واري مسئلي تي گڏجاڻي ڪري معاملو حل ڪيو ويندو پر عيد وارو سڄو مھينو گذري ويو ۽ گڏجاڻي نه ٿي سگهي، ان موقعي تي وڪيل اگواڻن پاران بجراڻي لغاري ڳوٺ جي شھيدن جا ايف آءِ آر وارثن جي مرضيءَ سان داخل ڪرڻ، پرامن قومي ڪارڪنن تان ڪوڙا ڪيس فورن ختم ڪرڻ ۽ کنڀي کنيل قومي ڪارڪنن کي ڪورٽن ۾ پيش ڪرڻ سميت ٻيا مطالبا رکندي سنڌ حڪومت کي 30 جون تائين جي ڊيڊ لائين ڏيندي اعلان ڪيو ته ان کان پوءِ وڪيلن پاران ڀرپور تحريڪ ھلائي ويندي. اھا ڊيڊ لائين به گذري ويندي پر حڪمرانن پاران ڪوبه عمل ٿيڻو نه آھي. ڇوته سنڌ جا اھي ”حاڪم“ سندن اقتدار عيوض وڏي سرڪار سان سنڌ جي سمورن وسيلن جو سوڌو ڪري آيا آھن.

جيڪڏھن سنڌ جا حڪمران سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جا خيرخواھه ھجن ھا ته ارسا جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ کان اڳ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جي ڏنل زمينن جا ليز رد ڪن ھا، جيڪو وفاق جو نه پر نج سنڌ حڪومت جو اختيار ھو، پر ” ٻلي ٿيلھيءَ مان تڏھن ٻاھر آئي“ جڏھن سنڌي قوم جي امانت مان ايڏي وڏي رقم گرين پاڪستان انيشيئيٽو ڪمپنيءَ کي امداد طور ڏيڻ جو راز کلي سامھون آيو. جيڪڏھن اھي حڪمران سنڌ سان سچا ۽ وفادار ھجن ھا ته ڪمپنيءَ کي اھا امداد ڏيڻ بدران اھي لکين ايڪڙ زمينون جيڪي سنڌي قوم جي ملڪيت آھن، سنڌ جي غريب ھارين ۾ ورھائي، اھا 4 ارب رپين جي ملڪيت 5 لک في ھاري جي حساب سان انھن مسڪين سنڌي ھارين کي پوکيءَ لاءِ ڏين ھا ته گهٽ ۾ گهٽ 8 ھزار سنڌ جي ھارين جي گهرن ۾ خوشحاليءَ جو سج اڀري پوي ھا، زرعي جنسن جي پيداوار ۾ انقلابي واڌارو اچي ھا ۽ سنڌ کاڌ خوراڪ جي شين ۾ پاڻڀرو ٿي پوي ھا پر سنڌ جا مسڪين پورھيت ھاري آبادگار ۽ سندن معصوم ٻچڙا جيڪي تعليم صحت جي بنيادي سھوليتن، کاڌي جي کوٽ ۽ ٻين سمورين انساني بنيادي سھوليتن کان محروم آھن، تن جي حالت سان اسان جي حڪمرانن جو ڪھڙو واسطو، انھن کي ته سندن ذاتي مفاد مٺا آھن، سندن مفادن جو دوزخ ڪڏھن ڀرجڻو ناھي، سنڌ ويران ٿي وڃي، ڏڪر جون حالتون پيدا ٿي وڃن، سنڌ جا وارث اڃ ۽ بک وگهي پنھنجا پساھه پورا ڪن پر ھنن کي سنڌ جا وسيلا، زمينون ۽ ملڪيتون ڦري سنڌ ۾ آفريڪا جهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جا ارادا آھن، ھي جڏھن ڌارين ملڪن مان ڪڻڪ، چانور، ٽماٽا، ڀٽاٽا، بصر کنڊ ۽ ٻيون کاڌ خوراڪ جون شيون خريد ڪندا تڏھن انھن کي اربين رپيا ڪميشن ملندي، اھوئي سبب آھي جو اھي سنڌي قوم جي امانت ڦٻائي، ڪمپنين کي امدادون ڏيئي ”پرائي مال تي ٽوپي ڏِنگ تي“ رکيو گهمندا ٿا وتن.

اسان جا ھاڻوڪا حڪمران دعويٰ ٿا ڪن ته سندن پارٽي شھيد ڀٽي جي پارٽي آھي ۽ شھيد ڀٽي جي فلسفي تي عمل پئي ڪري تن کي ياد رکڻ گهرجي ته شھيد ڀٽي لينڊ ريفارمز ذريعي سرڪاري زمينون توڙي وڏن جاگيردارن کان زمينون کسي سنڌ جي ھارين کي ڏنيون ھيون ۽ زرعي بئنڪون قائم ڪري ھارين کي قرض ڏنا ھئا، ھن سنڌ جي زمينن جي ھڪ انچ جو به سوڌو نه ڪيو ھو. ھن ته ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊيءَ جي ”موت جي ڪوٺيءَ“ مان 21 جون 1978 تي شھيد بينظير ڀٽو جي جنم ڏينھن تي کيس آخري خط ۾ لکيو ھو ته ” تون وڏي نٿي بنجي سگهين، جيستائين تون زمين کي چمڻ لاءِ تيارنٿي ٿئين، تون زمين جو بچاءُ نٿي ڪري سگهين، جيستائين تون زمين جي خوشبوءَ کان واقف نٿي ٿئين، مان پنھنجي زمين جي خوشبوءَ کان واقف آھيان.“ ڇا شھيد ڀٽي جا وارث سڏائيندڙ ھن ڌرتيءَ جو بچاءُ ڪرڻ جي لائق آھن جيڪي ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي خوشبو محسوس ڪرڻ بدران ڌرتي ماءُ کي ” بنجر زمين جو ٽڪرو“ ڪوٺين ٿا. شھيد ڀٽو اھو ھو جنھن پنھنجي شھيد نياڻي کي لکيو ته ”منھنجين يادگيرين ۾ فقط اھي ڪاميابيون انعام ۽ اڪرام جون مستحق آھن، جن جي ذريعي مصيبت ماريل ماڻھن جي مُنھن تي مُرڪون اچي ويون ھجن ۽ جنھن سبب ڪنھن ٻھراڙيءَ جي ماڻھوءَ جي ڏکايل اک ۾ خوشيءَ جي چمڪ پيدا ٿي ھجي. ھن موت جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ وڌيڪ فخر ۽ اطمينان سان ھڪ ننڍڙي ڳوٺ جي ھڪ بيواھه جا اھي لفظ ياد ڪريان ٿو، جنھن مونکي چيو ھو، ”صدقو، واري، منھنجا سھڻا سائين.“ اھي لفظ ھن تڏھن چيا ھئا، جڏھن مون سندس ھاريِ پٽ کي غير ملڪي وظيفي تي ٻاھر موڪليو ھو. ڇا شھيد ڀٽي جي وارثيءَ جا دعويدار مصيبت ماريل ماڻھن منھن تي مرڪون آڻي سگهيا آھن، ڪنھن ڏکائيل اک ۾ خوشيءَ جي چمڪ پيدا ڪري سگهيا آھن، ڪنھن غريب ھاريءَ جي اولاد کي سرڪاري وظيفي تي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاھر موڪلي سگهيا آھن. اھي ته پر امن ماڻھن تي سڌيون گوليون ھلائي رھيا آھن، ٻاھرين ملڪن جا ايجنٽ ھجڻ جا الزام ھڻي رھيا آھن، دھشتگرديءَ جا ڪوڙا ڪيس ٺاھي رھيا آھن، قومي ڪارڪنن کي اغوا ڪري گم ڪري رھيا آھن، معصوم ۽ پرامن سنڌين جي ڳوٺن کي فتح ٿيل علائقو سمجهي پوليس جي گهيرن ۾ آڻي رھيا آھن سنڌ جون زمينون ۽ پاڻيءَ سميت سمورا وسيلا نيلام ڪري رھيا آھن، مٿان وري سنڌين جي قومي ملڪيت جي رقمن مان امدادون ڏيئي رھيا آھن. پر ھن سڄي واردات جو وڏو ڏوھاري صدر آصف زرداري، بلاول زرداري، مراد علي شاھه، سنڌ ڪابينا جا وزير ۽ ھن پارٽيءَ جا سمورا ايم پي ايز آھن، جن سنڌي قوم سان ايڏيون ويساھه گهاتيون ڪيون آھن تاريخ ھنن کان ضرور حساب وٺندي، تاريخ قومون لکنديون ۽ ٺاھينديون آھن، سنڌي قوم کي پنھنجي تاريخ ٺاھڻي پوندي، ھنن حڪمرانن کي تاريخ جي ڪٽھري ۾ بيھارڻون پوندو. تاريخ جو فيصلو ھميشه مظلومن جي حق ۾ ۽ ظالمن جي خلاف ٿيندو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.