قومون ۽ ملڪ تاريخ، تجربي، مشاهدي، علمي فڪر ۽ تدبر مان سکندا آهن. پر ڪي ملڪ ۽ ماڻهو سکڻ کان نابري واريو بيٺا هوندا آهن. جهالت، گڏيل هوڏ، ڪند ذهني ۽ حاڪمي/مالڪي واري عنصرجي ڪري نه سکڻ جي ۽ نه ئي وري ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت رهجي ويندي آهي. اسان جي سياسي، سماجي، علمي، حڪومتي، رياستي ۽ ادارتي سمجهه، فهم ۽ منصوبابندي دنيا جي انهن چند ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿي جتي آفتن/هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي سگهه بنهه گهٽ ۽ هيٺين درجي جي آهي. وقت سان گڏ ان سگهه سان لاڳاپيل حڪمت ، صلاحيت ۽ عملي ڄاڻ پوئتي پئجي وئي آهي. ان ڪري ئي اسان وٽ ڪابه ننڍي هنگامي صورتحال جلد ئي هڪ وڏي هاڃي ۾ تبديل ٿيو وڃي.
سوات درياھ ۾ ڪالھه آيل اوچتي ٻوڏ سبب خاندانن جي افسوسناڪ ٻڏڻ ۽ ان کان ڪجهه سال اڳ مري ۾ ٿيل دل ڏاريندڙ برفباريءَ جو واقعو رڳو اڪيلا حادثا نه آهن. اهي پاڪستان ۾ آفتن جي تياري ۽ جوابي ڪارروائي ۾ موجود گھري، انتظامي ناڪامين جون واضح ثبوت آهن، خاص ڪري ملڪ جي تيزي سان وڌندڙ سياحت واري شعبي بابت. هي المناڪ واقعا عام سمجهه جي استعمال، ادارتي قابليت، حڪومتي گورننس، ۽ بچاءَ جي صلاحيتن ۾ هڪ پريشان ڪندڙ خال کي ظاهر ڪن ٿا
تازا سانحا: سوات جو الميو ۽ مري جي واقعي مان نه سکيل سبق
ڪالهه27 جون 2025 ۾، سوات درياھ جي ڪناري تي هڪ خانداني پڪنڪ تڏهن موتمار ثابت ٿي جڏهن پاڻي جو اوچتو وهڪرو نون انسانن کي پاڻ سان گڏ کڻي ويو. هي واقعو نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (NDMA) ۽ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) پاران فلش فلڊ جي اڳڪٿي ڪندڙ سرڪاري وارننگن ۽ درياءَ جي ويجهو وڃڻ تي سيڪشن 144 جي پابندي جي باوجود پيش آيو. عيني شاهدن ٻڌايو ته بچاءَ وارا "واقعي کان ڪلاڪ بعد پهتا، ۽ انھن وٽ تيز وھڪري مان ماڻھن کي ڪڍڻ لاءِ نه اھڙيون لانچون ھيون نه ئي لائق سامان!
جنوري 2022 جي مري برفاني طوفان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 22 انساني جانيون ضايع ٿيون، جن مان ڪيتريون ئي ٿڌ (هائيپوٿرميا ) ۽ ڪاربن مونو آڪسائيڊ پوائزننگ/زھريلي گئس سبب برف ۾ ڦاٿل گاڏين ۾ ٿيون. هي آفت ان ڪري پيش آئي جو وت کان وڌيڪ گاڏيون هڪ اهڙي ننڍڙي شھر ۾ داخل ٿيون جنهن جي روڊن تي بمشڪل 4,000 گاڏيون اچي سگهن ٿيون، جنهن سبب تاريخي ٽريفڪ جام ٿي ويو
عام سمجهه ۽ ادارتي صلاحيت:
اهي واقعا "عام سمجهه” – انفرادي ۽ ادارتي وسيع ڪمزوري کي اجاگر ڪن ٿا. سوات ۾ سياحن واضح پابندين کي نظرانداز ڪيو. مري ۾، ڪيترائي ماڻهو ڳري برف ۾ بلاڪ ٿيل ايگزاسٽ پائپن مان پيدا ٿيندڙ ڪاربن مونو آڪسائيڊ جي مخصوص، موتمار خطري کان بي خبر هئا. هي عوامي ڄاڻ واري مهم ۾ هڪ وڏي ناڪامي ڏانهن اشارو ڪن ٿا ، جيڪي رڳو عام خبرداري کان اڳتي وڌي ماڻهن کي عملي، خطري جي ڄاڻ ڏيڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.
آسٽريليا جي جڳ مشهور محقق پروفيسر مائيڪل ڪئنلين پنهنجي تحقيق ۾ واضح ڪيو آهي ته ڪنهن سانحي جي ٿيڻ تائين ڪيئي سبب هڪ ٻئي جي پٺيان ٿيندا ٿا رهن، حالتن کي درگذر ڪيو ويندو آهي يا اکٻوٽ ڪئي ويندي آهي تان جو هڪ وڏو حادثو/سانحو برپا ٿيو وڃي! سوات جي سانحي ۾ اوچتو پاڻي اچڻ مکيه سبب ھو پر ان جي پويان انتظامي، قانوني، علمي ۽ عام انساني بچاءُ واري روين جون ڀڃڪڙيون آھن جيڪي ڏھاڪن کان ٿين پيون۔
خطري وارين حالتن ۽ علامتن کي پرکڻ واري انتظامي سگهه جي ناڪامي، ادارن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ تمام ڪمزور رابطاڪاري ۾ انتظاميا جو سڀن سطحن تي اهو عمل ته جيڪي ڦاٿا آهن اهي ئي منهن ڏين ان جا ڪجھه مثال آھن
اشرافيا ھٿان جڪڙيل ھن ملڪ ۾ عام عوام جي بچاءُ لاءِ ڪجھ ناھي سڀ وسيلا ۽ بچاءُ صرف انھن لاءِ آھن :اھو سندن استحقاق آھي۔ پاڪستان اشرافيا جي قبضي سان وڙهي رهيو آهي، جتي سماج جو هڪ ننڍڙو، بااثر طبقو عوامي خرچن مان غير متناسب طور تي فائدو حاصل ڪري ٿو، وڏي پيماني تي پکڙيل اقتصادي عدم مساوات ۽ وسيلن جي ورھاست جا نمونا مضبوطيءَ سان ظاهر ڪن ٿا ته بروقت ۽ جامع ايمرجنسي خدمتن تائين رسائي سماجي-اقتصادي حيثيت۽ پاور سان جڙيل آھي. “شخص جي حفاظت” جو بنيادي حق اڪثر ڪري هڪ استحقاق طور ڪم ڪري ٿو، نه هر شهري جو حق. محروم ۽ ڪمزور برادريون/ طبقا۽ علائقا اڪثر ڪري آفتن جو وڏو بار کڻن ٿا ۽ ٻيهر تعمير ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪن ٿا۔
آفتن مان سکڻ جي اهميت ۽ ان جا نتيجا:
وڏن هاڃن، آفتن ۽ سانحن مان سکڻ وارو عمل انتهائي اهم آهي. ڪجهه سماجي سائنسدانن جو خيال آهي ته اهي وڏا هاڃا حقيقت ۾قومن جون اکيون کولڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ ملڪ کي مجموعي طور تي ايندڙ آفتن کان بچاءُ ۽ انهن جا نقصان گهٽائڻ جو سبب بڻجن ٿا. پر ڪجهه ملڪ ۽ ماڻهو سکيا کان اکٻوٽ ڪريو ڇڏين ۽ نتيجي ۾ مستقبل ۾ ايندڙ آفتون وڌيڪ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿين ٿيون. آفتن مان سبق سکڻ جي صورت ۾ ملڪن ۽ قومن جي حق ۾ ٽي ھاڪاري نتيجا نڪرن ٿا
(1.)آفتن کان بچاءُ يا انهن جي نقصانن کي گهٽائي سگهجي ٿو.
(2.)جيڪڏهن حڪومت آفتن کان بچاءُ جون پاليسيون ۽ قانون عمل ۾ صحيح نموني ۾ آڻيندي ته ملڪ ۾آفتن سان لاڳاپيل موت گهٽائي سگهجن ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين نقصانن ۾ پڻ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي.
(3.)جيستائين حڪومت ۽ رياستي فيصلا سازن ۽ ادارن کي ذميوار نه بڻائبو، انهن تي اثرانداز ٿي آفتن کي گهٽائڻ/بچاءُ وارين پاليسين، قانونن ۽ پراجيڪٽن تي عمل ڪرڻ لاءِ زور نه ڀربو ته حڪومت سستي ڏيکاريندي. ڪڏهن ڪڏهن ته حڪومت جي ڪن تي جونءِ نه چرندي آهي
گڏيل قومن ۽ عالمي بئنڪ جي ڪتاب "فطري جوکم، غيرفطري هاڃا” (Natural hazard, Un-natural Disaster) مطابق هڪ فعال رياست ۾ روڊ رستا، اسپتالون، عام ماڻهن لاءِ سواري جو نظام/پبلڪ ٽرانسپورٽ، قانون ۽ قاعدن تي عمل بهتر هوندو آهي اتي قدرتي هاڃن کان نقصان گهٽ ٿيندا آهن. ان ڪري ئي اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته قانون جي پابند قومن ۽ ترقي يافته دنيا ۾ ترقي پذير ملڪن جي ڀيٽ ۾ ساڳي انداز ۽ مقدار واري آفت جي نتيجي ۾ موت ۽ ٻيا نقصان گهٽ ٿين ٿا. تحقيق پڻ اهو ٻڌائي ٿي ته قدرتي جوکم وارين حالتن کي انساني عمل (غيرقدرتي هٿ) جي ذريعي آفتن ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو۔
هاڻ مهذب دنيا ۽ ڏاها هر مصيبت، آفت کي ڌڻي پاڪ جي مرضي ۽ مشيعت (Act of God) مڃڻ لاءِ تيار نه آهن. دنيا جا ٽيئي الهامي مذهب: اسلام، عيسائيت ۽ يهوديت ۾ (۽ ٻين به ڪيترن مذهبن ۾) ڪجهه عالم سڳورن آفتن کي عذاب سان ڀيٽيو آهي. پر جيڪي غلط عمل انسان پاڻ ڪري ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ آفتون اچن ٿيون، ان کي ڌڻي جو ڪم ڪيئن ٿا چئي سگهون؟ مري ۽ سوات ۾ ٿيل غيرذميواراڻي عمل جن جي نتيجي ۾ بيگناهه انسان اجل جو شڪار ٿيا، تن کي رب جي مرضي قرار ڏئي ذميوارين کان منهن نه ٿو مٽائي سگهجي ! ڌڻي پاڪ جو فرمان آهي ته:جنهن ڪنهن هڪ انسان کي بچايو ڄڻ ته هن پوري انسانيت کي بچايو۔
ڊاڪٽر ٽيڊ اسٽنبرگ چواڻي ته آفتن کي “خدا جو ڪم” جو نالو ڏيڻ حقيقت ۾ ذميواري کان ڀڄڻ آهي. ۽ پنهنجو پاڻ کي/ ذميوار ادارن ۽ حڪومتن کي ان ذميواري کان آجو ڪرڻ جي برابر آهي. حقيقت ۾ انهن آفتن اچڻ ۾، انهن جي وڌيل نقصانن ۾ انسانن ۽ لاڳاپيل ادارن جو هٿ هوندو آهي. ان ۾ وقت سر تياري نه ڪرڻ، خراب رٿابندي، قانون تي عمل نه ڪرڻ، سياسي طور تي ڪمزور حڪومت هجڻ، گورننس ۽ ڪرپشن جو وڏو عمل دخل هوندو آهي
اڳتي جو رستو
آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ ان جي نقصانن کي گهٽائڻ لاءِ ڪجهه بنيادي تجويزون عرض ڪجن ٿيون
(1.)ادارتي سگهه ۾ واڌ: آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ادارتي ۽ قانوني ڍانچو هاڻ تبديل ٿي چڪو آهي. خاص ڪري اين ڊي ايم اي ٺهڻ کانپوءِ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) ۽ ضلعي سطح تي ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي ٺهي به هاڻ 13 سالن کان مٿي ٿي چڪو آهي پر انهن ادارن ۾ ڄڻ ڏند ئي ڪونه آهن۔ انهن کي ميرٽ ۽ مهارت کي نظر ۾ رکندي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
(2.)فعال بلدياتي نظام/شهري/لوڪل حڪومتون:سڄي دنيا جي فعال ۽ مهذب ملڪن ۾ بلدياتي ادارن جو آفتن کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. انهن ادارن کي ميرٽ تي پروان چڙهڻ گهرجي. انهن تان ٿاڦيل ملازمن جو بار، تر جي سياسي اثر رسوخ رکندڙ “مقرر” معزز جي منٿلي وارو عمل ختم ڪري، انهن جي بجيٽ کي چڱي ريت خرچ ڪرڻ وارو سلسلو قائم ڪرڻ گهرجي.
(3.)مربوط ملڪي ۽ صوبائي رٿابندي:تعلقي کان وٺي سڀني شعبن جي رٿابندي ڪندي ضلعي، ڊويزن ۽ صوبائي سطح تي اچجي. (بهتر ته يونين ڪائونسل کان ٿيندو، پر جيڪڏهن تعلقي جي سطح تي وياسين ته بهتر رٿاببندي لاءِ اهو پڻ سٺو ٿيندو) ان رٿابندي جي نتيجي ۾ ڪم، اسڪيمون ۽ پراجيڪٽ ٺهڻ گهرجن. پي سي ون پروفارما ۾ پڻ بهتري آڻي ۽ ٻين لاڳاپيل سيڪشنز کي وجهي پرکيو وڃي.
(4.)ادارن جي وچ ۾ رابطو:سهڪاري ۽ گڏيل ادارتي پروگرامن کي وڌايو وڃي. ان جا ڪجهه اشارا، ٽارگيٽ ۽ گڏيل سمجهه لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.
(5.)حڪومتي پاليسين کي ترجيحن کي ۽ ماڻهن جي اهنجن کي پاڻ ۾ ملائي ڏسڻ جي ضرورت آهي.
(6.) انگريزي جي هڪ چوڻي آهي ته”An Elephant in the room”ڪمري ۾ هاٿي جو هجڻ ۽ اهو ڪنهن کي نظر نه ٿو اچي. ان هاٿي جنهن جو محرڪ“پئسي جي ڏي وٺ ”آهي. ان کي گهٽائي ڪنهن ٻڪر جيترو ته ڪري سگهجي ٿو.
(7.) بهتر تعليمي نظام، ميرٽ، ميرٽ ۽ ميرٽ کي بنياد بڻائي جيڪڏهن ڪي قدم کڻبا ته گهڻا مسئلا حل ٿي ويندا.
پاڪستان جي سياحت جي صلاحيت تمام گهڻي آهي، پر ان جي پائيداريت انساني زندگين کي محفوظ رکڻ تي مڪمل طور تي منحصر آهي. سوات ۽ مري ۾ ٿيل المناڪ واقعا رڳو بدقسمتي وارا حادثا نه آهن؛ اهي عوامي حفاظت لاءِ هڪ مسلسل، ادارتي، ۽ منصفاڻي طريقي جي لاءِ هڪ بلند ۽ واضح سڏ آهن. ڇا واقعي گم ٿيل آهي صرف قابليت نه، پر هڪ بنيادي عزم آهي ته هر زندگي، ان جي حيثيت جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ، برابريءَ سان محفوظ آهي.