اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ شهري شوال جي چنڊ بابت انوکي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.
درخواستگذار چيو آهي ته عيد جو چنڊ نظر اچڻ کانپوءِ ڪميٽي کي تڪڙي اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، چنڊ جي اعلان ۾ دير سبب ماڻهو تراويحون به پڙهي ڇڏيندا آهن.
شهري چيو ته رات دير سان چنڊ جو اعلان ٿيڻ سبب مارڪيٽن ۾ اوچتو رش وڌي ويندي آهي.
Next Post
You might also like