سنڌوءَ تي ٺھندڙ تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌي قوم جي تحريڪ دوران ئي سنڌوءَ تي ٺھندڙ ڪئنالن جا ھاڃيڪار نتيجا سامھون اچڻ شروع ٿي ويا ھئا، سنڌو درياهه جي پاڻيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي ويئي ۽ آبادگارن کي سنڌ سرڪار پاران نوٽس ملڻ لڳا ته سسٽم ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب علائقي واسين کي فقط پيئڻ لاءِ پاڻي ڏنو ويندو، زراعت لاءِ نه ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب خريف جي فصلن جي پوکائي نه ڪئي وڃي، نقصان ٿيڻ جي صورت ۾ ايريگيشن کاتو ذميوار نه ھوندو!جڏھن ته حالت اھا آھي جو بدين، ٺٽو ۽ ماتلي سميت سنڌ جي ھيٺاھين علائقن سميت اتر سنڌ جي گهڻن علائقن کي فصلن پوکڻ کان به روڪي بيروزگار ڪيو ويو. پاڻيءَ نه ملڻ سبب سنڌ جا بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. انسان ۽ جانور اڃ مرڻ لڳا. انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جو ڇوڙ نه ھئڻ سبب سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳيھڻ لڳو، سامونڊي جيوت ختم ٿيڻ لڳي، تمر جا ٻيلا تباهه ٿيڻ لڳا ۽ سامونڊي طوفانن جا خطرا وڌڻ لڳا.
تازين رپورٽن موجب پنجاب جي نسل پرست حڪمرانن پاران سنڌوءَ مان پاڻيءَ چوري جو سلسلو اڳي کان وڌيڪ تيزيءَ سان جاري آھي ۽ سنڌ جا حڪمران تماشو پيا ڏسن، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب وڏن فصلن جي پيداوار ۾ ريڪارڊ گھٽتائي ٿي ويئي آھي. ڪپهه ، ڪڻڪ، مڪئي ۽ چانورن جي پيداوارتمام گهٽ ٿي آھي. اھو وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي سنڌ ۾زراعت دشمن فيصلن جو به نتيجو آھي جنھن ڪري سنڌ ۾ بُک ۽ بيروزگاريءَ جنم ورتو آھي، جنھن جو اندازو اڳ ۾ ئي حڪومتي روين مان پڌرو ٿي چڪو ھو. ھن سال پنجاب جا فلڊ ڪئنال کولي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ھٿرادو شديد کوٽ پيدا ڪئي ويئي آھي. جنھن ڪري سنڌ ۾ فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو۽ سنڌ جي ڪپهه، ڪڻڪ، سارين ۽ ڪمند جا فصل پاڇاٽا ٿيا، وونئڻ سُڪي ويا، سارين جا سِلا نه اُڀري سگھيا ۽ ڪمند جو رس سُڪي ويو جنھن ڪري ڪمند ڪنھن ڪم جو نه رھيو. اھو رويو وفاق پاران سنڌ سان غلاميءَ واري سلوڪ ۽ سنڌ جي حڪمرانن پاران ”وفاق“ جي نالي تي مڪمل خاموشيءَ جو نتيجو آھي. جيڪو سنئون سڌو سنڌ دشمنيءَ تي ٻڌل آھي. مٿان وري ھن سال سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي خريداريءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ گذريل سال واري امدادي اگهه 4000 رپين بدران غريب پورھيتن جي ڪڻڪ 2200 رپيا في مڻ وڪامجهڻ لڳي ۽ آبادگار پنھنجو لڳائيل خرچ به نه ڪڍي گهيا، جڏھن ته اٽي جو اگهه ساڳيو رھيو جنھن ڪري سنڌ جا آبادگار ايندڙ سال ڪڻڪ پوکڻ ۾ دلچسپي نه وٺندا ۽ ملڪ کي ڪڻڪ جي شديد کوٽ کي منھن ڏيندي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻي پوندي.
ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ ٿي ويئي آھي. پنجاب حڪومت، ارسا ۽ واپڊا ڏاڍ مڙسيءَ تي سنڌو درياهه مان پاڻي کڻڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل آھن. 1990ع واري پاڻيءَ ٺاهه موجب سنڌ کي سندس مقرر حصي کان 26100 ڪيوسڪ گهٽ پاڻي ڏنو ويو آھي، جڏھن ته پنجاب جي ٻوڏ وارن ڪئنالن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو عمل تيزيءَ سان جاري آھي ۽ پنجاب جي تڪراري ڪئنالن، چشما جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ فلڊ ڪئنال، ٿل ڪئنال، ڊيرا غازي خان ڪئنال ۽ ڪڇي ڪئنالن ۾ ڌڙاڌڙ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي. اھڙيءَ طرح پنجاب رڳو سنڌو ڌرياهه مان 57 ھزار ڪيوسڪ پاڻي چورايو آھي، جنھن ڪري سنڌ ۾ آڳاٽي ۽ وچولي خريف کي شديد نقصان رسيو آھي ۽ سنڌوءَ جي پڇڙيءَ وارن ضلعن، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽي ۽ سجاول ۾ انتھائي ھاڃيڪار صورتحال پيدا ٿي چڪي آھي، جتي ھن وقت پيئڻ لاءِ پاڻي به ميسر ڪونھي، جڏھن ته گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ وڌي چڪي آهي.جيڪا امڪاني ڏڪار جي نشاندهي ڪري رهي آهي.