تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪي حملن کانپوءِ ايران جي پارليامينٽ آبنائي هُرمز بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ايراني اختيارين اڄ صبح آمريڪي حملن کانپوءِ آبنائي هُرمز بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر هاڻ ايراني پارليامينٽ آبنائي هرمز جي بندش جي باقاعدي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ايران جي ان فيصلي سان دنيا تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا؟
نار فارس ۽ نار عمان کي جوڙيندڙ آبنائي هرمز مان سڄي دنيا کي تيل جي 3 سيڪڙو ۽ ايل اين جي جي 5 سيڪڙو پهچ ڪئي ويندي آهي.
رڳو 33 ڪلو ميٽر ويڪري آبنائي هرمز جي هڪ پاسي نار فارس ۽ ٻئي پاسي نار عمان آهي.
سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، ڪويت ۽ ايران طرفان ان ئي رستي تيل ٻين ملڪن تائين پهچايو ويندو آهي، انهن سڀني ملڪن مان مجموعي تيل جي پهچ جو پنجون حصو ان ئي چوڪ پوائنٽ تان گذرندو آهي.
بنائي هرمز جي بندش سان عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهه ۾ وڏي پيماني تي واڌ ٿي سگهي ٿي، جنهن سبب مختلف ملڪن ۾ مهانگائي وڌڻ جو خدشو آهي.
عالمي رپورٽن موجب گذريل سال آبنائي هرمز مان روز 20 ملين بيرل تيل جي پهچ ٿي، جيڪو عالمي پيٽروليم استعمال جو 20 سيڪڙو آهي، جڏهن ته هر مهيني تقريبن 3 هزار بحري جهاز اتان گذرندا آهن.
ياد رهي ته اسرائيل – ايران جنگ سبب ڪچي تيل جي اگهن ۾ اڳ ئي 13 سيڪڙو واڌ ٿي چڪي آهي.
ايراني پارليامينٽ آبنائي هرمز بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، دنيا تي ڪهڙا اثر پوندا؟
You might also like