تاريخ جي ورقن ۾ جهاتي پائڻ سان خبر پئي ٿي ته ڪو به سماج تڏهن ترقي ڪندو آهي جڏهن عورتون برابري جي حيثيت حاصل ڪنديون آهن، جدت پسند ماڻهو، اڳواڻ، ۽ قومن جي تعمير ۾ ڪردار ادا ڪندڙ جڏهن سنجيدگي سان جاکوڙيندا تڏهن ئي عورتون پاڻ کي صرف ڪاميابي لاءِ نه پر وجود جي بقا لاءِ جنگ جوٽي سگهنديون ،عورتن کي بااختيار بڻائڻ صرف تحفظ ۽ حقن جي جنگ ناهي پر اهو دنيا جي اڌ آبادي جي مڪمل صلاحيت جي عظمت ۽ اهميت کي تسليم ڪرڻو آهي. انهي حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته جڏهن عورتون اڀرن ٿيون ته قومن جي تعمير ٿئي ٿي.
بااختيار بڻائڻ ۽ ترقي جي ۾ شامل ڪرڻ جو مطلب آهي ته انهن کي تعليم، مالي آزادي ۽ اڳواڻي ڪرڻ جي لاءِ مڪمل همت افزائي ڪجي، انھي طريقي سان سماجي رڪاوٽن کي ختم ڪري روايتي سوچ جو خاتمو ڪرڻو پوندو، اهڙي ڪردار سان ئي انهن جي تقدير تبديل ٿي سگهي ٿي.تاريخ واضع طور ٻڌائي ٿي ته جيڪي سماج عورتن جي تعليم ۽ معاشي شموليت ۾ سيڙپڪاري ڪن ٿا اهي مضبوط معيشتون، غربت ۾ گهٽتائي، ۽ بهتر صحت جا نتيجا ڏين ٿيون.
عورتون ڪاروباري معيشت کي ھٿي وٺرائين ٿيون، عورت اڳواڻ تبديلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، ۽ تعليم يافته ٻارن جي پرورش ڪندڙ مائرون بهترين مستقبل کي جنم ڏين ٿيون.هڪ اهڙي دنيا جو تصور ڪريو جتي هر ڇوڪري کي پنهنجي ڀاءُ جيترا موقعا ملن ته نتيجي ۾ شاندار جدتون، مستحڪم برادريون، ۽ هڪ اهڙو سماج نظر ايندو جيڪو توازن ۽ برابري جو مظهر هوندو.تحفظ ۽ حفاظت کان سواءِ بااختيار بڻائڻ ممڪن ناهي. تحفظ کان سواءِ، موقعا بي معني ٿي ويندا آهن. ڪم جي جڳهه تي حراسان ڪرڻ کان وٺي گهريلو تشدد تائين، دنيا جي عورتن کي اهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جيڪي انهن جي وقار ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻيل آهي، هڪ محفوظ ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ قانوني تحفظ، مضبوط لاڳو ڪندڙ طريقا، ۽ سماجي مدد نظام کي يقيني بڻائڻ تمام ضروري آهي.جڏهن عورتون پاڻ کي محفوظ محسوس ڪن ٿيون، ته اهي معاشي، سماجي ۽ سياسي شعبن ۾ وڌيڪ سرگرمي سان حصو وٺي اڳتي وڌن ٿيون
تحفظ صرف رجعت پسند قانونن بابت ناهي؛ اهو هڪ اهڙي ثقافت کي هٿي ڏيڻ بابت آهي جيڪا تشدد جي مذمت ڪري ٿي، امتيازي سلوڪ کي رد ڪري ٿي، ۽ فعال طور تي انصاف جي حمايت ڪري ٿي. سچو تحفظ تڏهن حاصل ٿئي ٿو جڏهن سماج ناانصافي جي خلاف بيٺو هجي، نه رڳو عدالتن ۾، پر گهرن، ڪم جي جڳهن ۽ عوامي جڳهن ۾ به انهي تي عمل ڪرايو وڃي.