ڪراچي (پ ر) سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ تعليم کاتي ۾ التوا هيٺ اميدوارن جي معاملي تي قائم ڪيل خاص ڪميٽي جو اهم اجلاس سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيو.
اجلاس ۾ تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه، مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي، گهرو، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار، سنڌ اسيمبلي ميمبر جميل سومرو، وڏي وزير جي خاص مددگار تنزيلا اُمِ حبيبه، ايم پي اي شبير قريشي ۽ ايم پي اي محمد راشد خان شرڪت ڪئي، ان کان سواءِ سنڌ اسيمبلي سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق، تعليم کاتي جو سيڪريٽري زاهد عباسي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.
اجلاس دوران تعليم کاتي پاران سڄي سنڌ ۾ خالي جاين تي التوا هيٺ اميدوارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ PST ۽ JEST ڀرتين جي صورتحال پڻ شامل هئي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ ان کان اڳ وڏي پيماني تي ڀرتي مهم تحت لڳ ڀڳ 93 هزار پرائمري ۽ جونيئر اسڪول استادن کي خالص ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو، جنهن کي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي شفاف ڀرتي قرار ڏنو پيو وڃي.
سنڌ اسيمبلي اسپيڪر تعليم واري وزير ۽ تعليم کاتي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته ايڏي وڏي انگ ۾ ميرٽ ۽ شفافيت سان ڀرتيون هڪ واکاڻ جوڳو قدم آهي، هن جميل سومرو جي پڻ تعريف ڪئي، جنهن اسيمبلي اجلاس ۾ اهم مسئلي کي اٿاريو، جنهن جي نتيجي ۾ خاص ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آيو.
ڪميٽي کي بريفنگ دوران آگاهه ڪيو ويو ته ڪيتريون ئي ڀرڻيون آهن ۽ ڪيترا اميدوار ويٽنگ لسٽ ۾ شامل آهن.
اجلاس ۾ ڀرتين ۾ دير جي سماجي اثرن ۽ عمل کي مڪمل ڪرڻ جي انتظامي توڙي فني رخن تي تفصيلي غور ڪيو ويو.
اجلاس کي خطاب ڪندي سيد اويس قادر شاهه چيو ته PST ۽ JEST ڀرتين بابت مسئلن جي حل لاءِ هن خاص ڪميٽي جو قيام هڪ اهم اڳڀرائي آهي، 93 هزار استادن جي ميرٽ تي ڀرتي هڪ تاريخي قدم آهي، جنهن تي تعليم کاتو مبارڪباد جو حقدار آهي، اسان کي موجود خالي جڳهين ۽ ويٽنگ لسٽ ۾ شامل اميدوارن بابت مڪمل آگاهي ڏني وئي آهي، ايندڙ اجلاس تائين سمورن انگن اکرن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو، تعليمي معيار تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي.
اسپيڪر تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته ايندڙ اجلاس ۾ واضح حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي ته جيئن معاملي کي جلد کان جلد حل ڪري سگهجي.
خاص ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس ٻن هفتن کانپوءِ ٿيندو، جنهن ۾ سمورين ڌرين جي تجويزن جي روشنيءَ ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويندو.
اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو ته هي پهريون ڀيرو آهي جو هن نوعيت جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين جي نمائندگي شامل آهي، هي قدم تعليم کاتي ۾ ميرٽ ۽ شفافيت جي واڌاري لاءِ هڪ اثرائتي ۽ هاڪاري روايت ثابت ٿيندو.
تعليم کاتي ۾ ويٽنگ اميدوارن جو معاملو: خاص ڪميٽي جو سنڌ اسيمبلي اسپيڪر جي صدارت هيٺ اجلاس
You might also like