حضرت قبله پير محمد صادق قريشي پير آف لُواري شريف و قاضي احمد

تحرير: پروفيسر سائين بخش جوڻيجو قبولائي

سنڌ جي مشهور معروف درگاھ لُواري شريف، سلسلئه نقشبنديه مجدديه جي تمام وڏي درگاھ آهي. جنهن جي روحاني فيض جو درياءُ نه رڳو سنڌ پر سڄي برصغير کان علاوه عرب، يورپ ۽ آفريڪا تائين ڦهليل آهي. لُواري شريف جي فيض جي درياءَ مان هزارين فيض جا چشما ڦٽي نڪتا، جن مان لکين بلڪ ڪروڙين انسان پنهنجي دلين جي سر زمين کي روحاني فيض سان فيضياب ڪندا رهن ٿا، جيڪو سلسلو اڄ به جاري ساري آهي. ڇو ته حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان قدس سره جن جو فرمان آهي ته ”چون من درين جائي يکي بعد ديگري خواهد بود“ يعني مون جھڙو هن جاءِ تي هڪ ٻئي پويان ويهندو ايندو. ياد رهي ته فقط هيءَ واحد درگاھ آهي جتي پير صاحب نذرانو يا ڏنُ ڪو نه وٺن ۽ نه ئي وري درگاھ شريف تي ڪا نذراني يا چندي جي پيتي رکيل آهي.

حضرت سيدنا مرشدنا پير محمد صادق قريشي نقشبندي جن جي ولادت باسعادت اربع جي ڏينهن تاريخ 20 جون 1979ع  مطابق 24 رجب 1399ھ تي ٿي. سندن ولادت تي ان وقت درگاھ لواري شريف جي ستين سجاده نشين حضرت پير بادشاھ خواجه گل حسن قدس سره جن نه رڳو پاڻ خوشي جو اظهار ڪيائون، بلڪ سندن نالو مبارڪ ”پير محمد صادق“ ۽ لقب ”سخي بادشاھ“ رکڻ فرمايائون.

حضرت پير محمد صادق قريشي نقشبندي مدظہٗ العالي جن جو سلسلي نسب حضرت خواجه قاضي احمد قريشي قدس سره جن جي دستخطي شجره مطابق مٿي مخدوم ميان احمد سنداڻي سيوهاڻي ۽ مخدوم ميان سَندو علي الرحمت ٽلٽي واري کان ٿيندو ڇٽيهين پيڙهيءَ ۾ حضرت رسول ڪريم ﷺ جن جي ڏاڏي حضرت عبدالمطلب هاشمي قريشي سان وڃي ملي ٿو.پاڻ ابتدائي تعليم ديني توڙي طريقتي پنهنجي والد سڳوري کان ورتائون. باقي ظاهري تعليم قاضي احمد ۽ اسلام آباد جي مکيه ادارن مان حاصل ڪيائون. جيئن ته سندن والد بزرگوار حضرت راحمي بادشاھ خواجه پير حاجي فيض محمد قريشي قدس سره جن چاليھ ورهيه درگاھ حضرت قاضي احمد جا سجاده نشين رهيا ۽ ان سان گڏ سال 1982ع کان وٺي پنهنجي مرشد ۽ درگاھ عاليه لُواري شريف جي ستين سجاده نشين حضرت پير بادشاھ خواجه گل حسن صديقي قريشي نقشبندي قدس سره جن جي وصيت موجب درگاھ عاليه لُواري شريف جا سجاده نشين به ٿي رهيا.

حضرت راحمي بادشاھ پير حاجي فيض محمد قريشي قدس سره جن جي وصال مبارڪ بعد سندن وصيت موجب حضرت قبلا پير محمد صادق قريشي مدظله العالي جن سورهن سالن جي ڄمار ۾ سال 1995ع کان درگاھ عاليه لُواري شريف ۽ درگاھ حضرت قاضي احمد قريشي جا سجاده نشين مقرر ٿيا ۽ ان وقت کان وٺي ٻنهي درگاهن جون روحاني ذميواريون ۽ جماعت لُواري شريف جي سربراهي احسن طريقي سان سرانجام ڏيندا رهن ٿا. اڄ به نه رڳو جماعت لُواري شريف بلڪ مُلڪي توڙي غير مُلڪي سربراھ، سياستدان، علماءِ ڪرام ۽ پيرانِ طريقت سندن حاضري ۾ اُهائي روحاني ڪيفيت محسوس ڪندا آهن، جيڪا کين حضرت پير بادشاھ قدس سره ۽ حضرت راحمي بادشاھ قدس سره جن جي مجلسن ۽ ملاقاتن ۾ محسوس ٿيندي هئي.

پاڻ شروع کان وٺي جماعت جي ترقيءَ جا خواهان رهيا آهن. سندن دور ۾ جماعت لُواري شريف جي دنياوي ترقي به مثالي آهي. سندن ڏنل سماجي اصلاحات تحت جماعت لُواري شريف اندر ڪيتريون ئي اڍنگيون رسمون ختم ٿي چڪيون آهن يا ختم ٿي رهيو آهن. سندن جماعت کي سخت تاڪيد آهي ته جماعت لُواري شريف پاڻ ۾ طريقتي تعليم کي عام ڪن، اجائي ڏيک ويک جهڙوڪ شادين مرادين تي اجايو وڏو خرچ ڪرڻ، اجاين وهمن ۽ وسوسن ۾ پوڻ، هڪ ٻئي سان بغض، ڪينو ۽ حسد جھڙين بيمارين کان پاسو ڪن. هر وقت حضرت سلطان الاولياءَ قدس سره جي فِڪر ۽ پيغام کي عام ڪرڻ ۽ انسانذات جي ڀلائي ۽ خدمت جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي.

اُن سلسلي ۾ جماعت اندر سندن حڪم موجب نشات ڪوچنگ سينٽر، نشات اڪيڊمي ۽ نشات ڪميونٽي سينٽر وغيره جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي. سندن دور ۾ علمي ادبي ڪم بي مثال ٿيو آهي، جنهن ۾ "طريقتِ لُواريات” جي سلسلي ۾ هن وقت تائين 29  ڪتاب ،جنهن ۾ خاص طور تي قرآن شريف جي سنڌي ۾ پهريون مڪمل ترجمو قاضي عزيز الله مٽياروي شامل آهي. ٽماهي پيغام لُواريه جا 33 پرچا پڻ منظر عام تي آيا آهن.  ان کان علاوه پاڻ فلاحي ڪمن سان پڻ خاص دلچسپي رکن ٿا. جن ۾ خاص طور تي حضرت سلطان الاولياء فائونڊيشن، پير گل حسن شاھ ٽرسٽ، نشات ويلفيئر آرگنائيزيشن، صوفي انسٽيٽيوٽ لواري شريف، نشات لائبريري لواري شريف وغيره جھڙا ادارا نه رڳو مُلڪي بلڪ بين الاقوامي سطح تي به قومي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هنن ادارن طرفان مختلف وقتن تي طبي ڪيمپون، ٻوڏ ۽ هنگامي صورتحال ۾ رليف ڪيمپون، غريب، يتيم ۽ بي سهارا ماڻهن لاءِ گھرن جي تعمير، يتيم ۽ مسڪين شاگردن لاءِ اسڪالرشپون وغيره مهيا ڪيون وڃن ٿيون.

سندن دوستي ۽ لاڳاپن جو حلقو تمام وسيع آهي ۽ سندن خدمت ۾ هر وقت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مُلڪي توڙي غير مُلڪي ماڻهن جي اچ وڃ ۽ ميل ملاقات ٿيندي رهي ٿي. لُواريءَ جي لالن جي مهمان نوازي جڳ مشهور آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا گھٽتائي نه آهي، بلڪ اڄ ڪلھ جي دور مطابق اڃا وڌيڪ مثالي حيثيت رکي ٿي. جن به هڪ دفعو ساڻن ملاقات جو شرف حاصل ڪيو هوندو ته اهو سڄي عمر سندن دانائي، دورانديشي، مهمان نوازي جا ڳڻ ڳائيندو رهندو.

حضرت قبله پير محمد صادق قريشي دائم برڪات جن جو وجود مسعود هن دور ۾ انسان ذات لاءِ وڏي سعادت آهي. سندن تعليمات ۽ سندن فلاحي ڪمن جو هر ماڻهو مُعتِرف رهي ٿو. سندن فرمان آهي ته ”هر وقت ۽ هر حال ۾ الله تبارڪ وتعاليٰ کي، اسان جي پياري نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ ۽ مرشد ڪريم سائين سلطان الاولياء قدس سره ۽ سندن جانشينن جي فرمان پاڪن موجب ياد رکڻو آهي ۽ ان ئي ذات پاڪ جو ذڪر ڪرڻو آهي. ان سان گڏ دنياوي ترقيءَ لاءِ به جدوجھد ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي سگھجي.“ اڄ جماعت لُواري شريف انهن سونهري اصولن تي عمل ڪندي اڳتي وڌي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.