ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل، محسن نقوي ۽ هندوتوا

آصف محمود

گذريل سال ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم اي سي سي جي سربراهه محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هن سال ڀارت جي عورتن جي ٽيم به ساڳيو عمل ڪيو آهي. هن سال ڪرڪيٽ ۾ ڀارت جون مهربانيون وڌنديون پيون وڃن ۽ آءِ سي سي عملي طور لاتعلق ٿي تماشو ڏسي رهي آهي، يا ائين چئو ته هن سموري عمل ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. دنيا کي اڃا اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، پر اها ڳالهه طئي آهي ته ان سڀ جو خميارو سڄي دنيا کي ڀوڳڻو پوندو. هندوتوا شاونزم رڳو اي سي سي، پاڪستان يا محسن نقوي تائين محدود نه رهندو.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ لاڳاپا جيڪي به هجن ۽ جيئن به هجن، راندين جي ميدان بابت عام طور تي اهو ئي سمجهيو ويندو آهي ته اهي انهن لاڳاپن کان بي نياز هوندا آهن. ملڪن جي لاڳاپن ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، پر هن سطح تائين ڪري راندين کي پنهنجي فاشسٽ پرڏيهي پاليسي جو نشانو بڻائڻ جي مذموم حرڪت شايد رڳو ڀارت جي حصي ۾ آئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ جو معاملو هجي ته آءِ سي سي جي ڏسڻ جهڙي طاقت هوندي آهي. رانديگر ته هڪ پاسي، اسٽيڊيم ۾ موجود تماشائين تي به ضابطه اخلاق جي لٺ مڙهي ويندي آهي. اهو نٿو ڪري سگهجي، هي نٿو ڪري سگهجي، فلاڻو بينر نٿو لڳائي سگهجي، فلاڻي جو جهنڊو نٿو ڦڙڪايو وڃي، فلاڻو نعرو نٿو هڻي سگهجي، ڇاڪاڻ ته بنيادي اصول اهو آهي ته راندين کي سياست جو موضوع نٿو بڻائي سگهجي. نتيجي طور جيڪڏهن ڪو رانديگر به ڪو نشان لڳائي، ڪا سڃاڻپ ظاهر ڪري يا فلسطينين سان همدردي جو اظهار به ڪري ته اسان ڏٺو آهي ته ان جي اجازت به نه ڏني وئي.

عثمان خواجا جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ عثمان خواجا صهيونين جي هٿان زخمي فلسطينين جي حق ۾ علامتي يڪجهتي جو اظهار ڪيو هو، پر کيس ان جي اجازت نه ڏني وئي. پر جڏهن معاملو ڀارت جو اچي ٿو ته ڀارت کي هر شيءِ جي اجازت آهي. ڀارت راندين کي سياست جو شڪار بڻائي، ڀارت راندين کي هندوتوا جو اکاڙو بڻائي، ڀارت ڪرڪيٽ جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري، ڀارت آءِ سي سي جي ضابطن کي لتاڙي، ڀارت کان ڪو پڇڻ وارو ئي ناهي. ڀارت جنهن ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي، اها ٽرافي کيس پاڪستان جو گهرو وزير محسن نقوي نه ڏئي رهيو هو. اها ٽرافي کيس ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت سان ڏني پئي وئي.

اي سي سي جي سربراهي اڄ محسن نقوي وٽ آهي، سڀاڻي اها ڪنهن ٻئي وٽ به ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن پاڪستان به ساڳيو رويو اختيار ڪرڻ شروع ڪري ته ممڪن آهي سڀاڻي ڪنهن راندين جي اداري جي سربراهي ڀارت وٽ هجي ۽ پاڪستان به ساڳيو رويو اختيار ڪري. سڀاڻي ٻيا ملڪ به اهڙو ئي رويو اختيار ڪن. اهڙي صورتحال ۾ پوءِ سوال اهو آهي ته راندين جو نظام ڪيئن برقرار رهي سگهندو ۽ راندين کي ڪير ۽ ڪيئن ضابطي ۾ آڻي سگهندو؟

ڀارتي شاونزم راندين جي ميدان کي به نه ڇڏيو آهي. حقيقت اها آهي ته ڀارت جو هندوتوا وارو تصور انساني شعور جي توهين ته آهي ئي، پر اهو ان لاءِ هڪ وڏو امتحان پڻ آهي. اهو تصور نسل پرستانه تفاخر جي هڪ تڪليف ڏيندڙ شڪل آهي. اڳ ۾ ان جو نشانو رڳو پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا هئا. هاڻي ان جو دائرو وسيع ٿي رهيو آهي. آءِ سي سي جي هندوتوا بڻجڻ، هن وڏي راند جو رڳو هڪ حصو آهي. جيڪڏهن هن واردات اڳيان هاڻي کان بند نه ٻڌو ويو ته اڄ جنهن طرح آءِ سي سي مجبور ٿي ڪرڪيٽ کي هندوتوا جي ڀيٽ چاڙهي رهي آهي، سڀاڻي اولهه جي ملڪن کي به ائين ڪرڻو پوندو. انهن کي به مجبوريءَ جي حالت ۾ پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي هندوتوا رنگ ڏيڻو پوندو. اولهه جيڪڏهن هن واردات کي هاڻي نه سمجهيو ته اهو وقت پري ناهي، جڏهن فرنگ جي رڳِ جان هندن جي پنجن ۾ هوندي. ڀارت هندوتوا جي تصور کي عالمي بڻائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڪرڪيٽ جي راند مودي جي پرڏيهي پاليسي جو تازو نشانو آهي.

هن تصور جي وضاحت ان جي باني گولوالڪر پنهنجي ڪتاب ”We, or, Our Nationhood Defined“ ۾ پاڻ ڪئي هئي ته جيئن نازي جرمني پنهنجي نسلي ۽ ثقافتي سڃاڻپ کي يقيني بڻايو، اسان کي به ان مان سبق سکڻ گهرجي ۽ ائين ئي ڪرڻ گهرجي. نتيجي طور گولوالڪر 1938ع ۾ ناگپور ۾ هڪ جلسي دوران مسلمانن کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن مسلمانن هندوتوا کان هٽي ڪنهن مذهبي، سماجي ۽ معاشي سڃاڻپ جي ڳالهه ڪئي ته انهن جو به ساڳيءَ طرح صفايو ڪيو وڃي، جيئن هٽلر جرمني ۾ يهودين جو صفايو ڪيو هو. هي فاشسٽ تصور رڳو اي سي سي يا پاڪستان لاءِ خطرو ناهي. اهو سڀني لاءِ خطرو آهي. هن ئي فاشزم اڄ آءِ سي سي کي يرغمال بڻايو آهي، سڀاڻي اهو اولهه جي سماج کي يرغمال بڻائيندو.

اهو محض اتفاق ناهي ته راشٽريه سيوڪ سنگهه دنيا جي 30 ملڪن ۾ ”هندو سوائم سيواڪ“ جي نالي سان پنهنجون شاخون قائم ڪري ڇڏيون آهن. اهو انهن معاشرن جي فيصلا سازيءَ جي عمل کي هندوتوا رنگ ڏيڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي.

انهن ملڪن جا فيصلا ڪندڙ ادارا اڳتي هلي ساڳيءَ طرح بي وس ٿي سگهن ٿا، جيئن هن وقت آءِ سي سي بي وس بڻيل آهي.

ڀارت هر شيءِ کي ٻارن جي راند بڻائي ڇڏيو آهي ۽ افسوسناڪ صورتحال اها آهي ته کيس روڪڻ ۽ ٽوڪڻ وارو ڪو به ناهي. هن گڏيل قومن جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري انهن کي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي ۽ گڏيل قومون کانئس ڪا پڇا ڳاڇا نٿيون ڪن. هن آءِ سي سي جو تماشو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ آءِ سي سي به کانئس ڪا پڇا ڳاڇا نٿي ڪري. هاڻي هن اي سي سي سان به ساڳيو سلوڪ شروع ڪري ڇڏيو آهي سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهو رڳو پاڪستان يا اي سي سي جو نقصان ناهي. هندوتوا ۽ فاشزم جي هن گندي راند کي جيڪڏهن نه روڪيو ويو ته خود آءِ سي سي به ان جي لپيٽ ۾ اچي ويندي ۽ ڳالهه آءِ سي سي تائين به محدود نه رهندي.

هي ڳالهه راندين کان به اڳتي ويندي، سماج ۽ ثقافت تائين پهچندي. دنيا جا ملڪ، آءِ سي سي ۽ ٻيا ڪرڪيٽ کيڏندڙ ملڪ اها ڳالهه اڄ سمجهن يا سڀاڻي سمجهن، کين اها ڳالهه سمجهڻي ئي پوندي. وقت کين اها ڳالهه پاڻ ئي سمجهائي ڇڏيندو. بس ايترو ٿيندو ته ان وقت تائين تمام گهڻي دير ٿي چڪي هوندي.

You might also like