اڃا ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ ختم ئي نه ٿي هئي ته خطي ۾ هڪ ٻيو مسئلو ڪر کڻي بيٺو. سعودي عرب ۽ يمن جو تڪرار ٻيهر اڀرڻ لڳو. اڳتي وڌڻ کان اڳ ٻڌائيندو هلان ته هي مسئلو ٻيهر ڇو اڀريو. اصل ۾ گذريل خميس ڏينهن جڏهن حوثين ڳاڙهي سمنڊ جي سامونڊي ڪناري سان ڏکڻ طرف اڳڀرائي ڪئي ته ان ڏينهن سعودي ولي عهد صدر ٽرمپ کي ٻه ڀيرا ٽيليفون ڪال ڪئي. هو فوجي مدد گهري رهيا هئا ته حوثين جي اڳڀرائي روڪڻ لاءِ سندن دستن تي بمباري ڪئي وڃي. بهرحال، اهو ڏينهن به اچڻو هو ته آمريڪي صدر انڪار ڪري ڇڏيو ۽ خبرون آهن ته صدر ٽرمپ چيو ته هدفن جي نشاندهي ڪئي ويندي، پر حملا اوهان پاڻ ڪريو، هٿيار ۽ جنگي جهاز اوهان وٽ موجود آهن، انهن کي استعمال ڪريو.
اهو مان نه، پر عالمي ميڊيا اهي خبرون رپورٽ ڪري رهيو آهي. يعني سي اين اين رپورٽ ڪيو آهي ته جڏهن حوثين اڳڀرائي شروع ڪئي ته سعودي حمايتي يمني فضائي حملن جي درخواست ڪندا رهيا. حوثي فوج اڳتي وڌندي رهي ۽ سعودي عرب جا حمايتي يمني دستا پوئتي هٽندا ۽ وکري ويندا رهيا. ڳاڙهي سمنڊ تي واقع مُخا بندرگاهه حوثين جي قبضي ۾ اچي وئي، پوءِ جمعي ڏينهن ”جزيره پريم“، جيڪو باب المندب جي بلڪل وچ ۾ واقع آهي، اهو پڻ حوثين جي قبضي ۾ اچي ويو. نه آمريڪي مدد پهتي ۽ نه ئي سعودي عرب کان ڪجهه ٿي سگهيو. تقريبن ٻه سئو آمريڪي صلاحڪار سعودي عرب ۾ موجود آهن، پر جڏهن اها اهم جنگ هلي رهي هئي ته اهي ڪنهن ڪم نه آيا. بهرحال صورتحال اها آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ جيڪو به ماحول پيدا ٿيندو، اهو سامهون اچي ئي ويندو.
بهرحال پاڪستان اڃا تائين سرڪاري طور تي ڪو اعلان ناهي ڪيو ۽ پرڏيهي وزارت به مذمتي بيانن تائين محدود آهي. تنهن هوندي به اسان ٻيهر پارليامينٽ ۾ هي مسئلو ڇو نٿا اٿاري سگهون؟ يعني جيڪڏهن اسان پارليامينٽ يا سينيٽ کان پڇڻو ئي ناهي ته پوءِ ان کي بند ڪري ڇڏڻ گهرجي، ڇو ته پارليامينٽ تي اڳ ئي اربين رپين جو بار آهي. هن ايوان جي ميمبرن جون پگهارون، پروٽوڪول، عملي جا خرچ، وزيرن جا شاهاڻا خرچ، انهن جي ڪيمپ آفيسن جا خرچ، پوءِ انهن لاءِ اربين رپين جا فنڊ؛ ڇا اهي مراعتون صرف انهن ماڻهن کي خاموشي سان تماشو ڏسڻ لاءِ ڏنيون پيون وڃن؟ يعني چئن ئي صوبن جون اسيمبليون، بلڪه گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جون اسيمبليون به شامل ڪري وٺون، پوءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ، ۽ پوءِ انهن جون ڪميٽيون ۽ انهن جا خرچ. ان کان پوءِ وفاقي وزيرن سان گڏ صلاحڪارن جي هڪ ڊگهي فهرست. مطلب ته کربين رپين جا اضافي فنڊ انهن لاءِ جاري ٿين ٿا. ۽ انهن جون مراعتون اتي ختم نٿيون ٿين، بلڪه انهن کي ملندڙ مفت يونٽ به عام ماڻهو تي بار بڻجي رهيا آهن ۽ حڪومت ”ايڊجسٽمينٽ“ لاءِ غريب ماڻهو تي بار وڌائي ڇڏي ٿي ۽ چوي ٿي ته حڪومت وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو.
جيڪڏهن رستو ناهي ته ڀائرو، اوهان پنهنجا اضافي خرچ بند ڪريو. غير ترقياتي خرچ، جيڪي هر سال کربين رپيا ٿين ٿا، اوهان اهي ته ختم نٿا ڪريو، پر عوام کان ئي ٽيڪس وٺي انهن تي وڌيڪ سختيون ڪيون پيون وڃن. غريب ماڻهو ته گهر کان ان خوف سبب ٻاهر نٿو نڪري ته خبر ناهي ڪهڙي ڏوهه ۾ مٿس اڍائي ٽي هزار رپين جا چالان مڙهي ڇڏيا وڃن ۽ شايد هو اهي رقم ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ به نه ڪمائي سگهي. اوهان پاڻ ٻڌايو ته هڪ وچولي طبقي جي ماڻهو ۾ ايتري سگهه بچي آهي جو هو ايترا يوٽيلٽي بل ڀرڻ سان گڏ ڏنڊ به ادا ڪري؟ ۽ انهن جو جيڪو اصل ڪم آهي، اهو ئي نٿا ڪن ته ڪو به قومي مسئلو پارليامينٽ ۾ ايندو ته ان تي هتي بحث ڪيو ويندو. گڏيل راءِ کان پوءِ ڪو فيصلو ڪيو ويندو.
جڏهن ته موجوده حڪمرانن جي گذريل دور يعني مارچ 2015ع ۾ سعودي عرب يمن ۾ حوثين خلاف فوجي ڪارروائي شروع ڪئي هئي. سعودي عرب پاڪستان کان به فوجي مدد گهري هئي. ان تي پاڪستان جي پارليامينٽ جو 6 کان 10 اپريل 2015ع تائين گڏيل اجلاس ٿيو. آخرڪار 10 اپريل 2015ع تي متفقه قرارداد منظور ڪئي وئي. پارليامينٽ بنيادي طور تي چيو ته پاڪستان يمن جي تڪرار ۾ غيرجانبدار آهي. پر ساڳئي وقت سعودي عرب سان واضح يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو ويو. قرارداد ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن سعودي عرب جي علائقائي سالميت جي ڀڃڪڙي ٿئي يا حرمين شريفين کي خطرو لاحق ٿئي ته پاڪستان سعودي عرب ۽ ان جي عوام سان گڏ بيهندو. قرارداد حڪومت کي اهو پڻ چيو ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي ذريعي يمن ۾ فوري جنگبندي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. ان جو مطلب ڇا هو؟ يعني 2015ع جو فارمولو بلڪل واضح هو ته يمن جي جنگ ۾ پاڪستان ڌر نه بڻجندو، پر سعودي عرب تي سڌو حملو يا حرمين شريفين کي خطرو هجي ته پاڪستان سعودي عرب جي دفاع ۾ بيهندو.
اهو ئي سبب هو ته ان وقت پاڪستان سعودي اتحاد ۾ پنهنجون فوجون يمن موڪلڻ کان پاسو ڪيو پر هاڻي ڪجهه ڏينهن اڳ اسان ۽ ترڪي مڪي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن مطابق هڪ تي حملو ٽنهي تي حملو تصور ٿيندو. اهو سڀ ڪجهه هلندو رهندو. عام ماڻهو کي ته رليف ڏيو، کيس ساهه کڻڻ جو موقعو ته ڏيو، کيس ان قابل ته ڇڏيو ته هو هن ملڪ ۾ بهتر زندگي گذاري سگهي. ڇا اوهان ان ڏهاڙي مزدور جي گهر جا حال ڏٺا آهن، جنهن وٽ هڪ وقت جي ماني هوندي آهي ته ٻئي وقت لاءِ پيٽ تي پٿر ٻڌي سمهي رهندو آهي؟ جيڪڏهن هو گهر جو ڪرايو ادا ڪري ٿو ته وٽس بجلي جي بل جا پئسا ناهن هوندا، ۽ جيڪڏهن هو بل ادا ڪري ٿو ته وٽس ڪرايو ادا ڪرڻ لاءِ پئسا ناهن هوندا.
بهرحال، ايتري وڏي مسئلي ۾ پاڻ کي ڦاسائڻ بدران ان کي پارليامينٽ ۾ کڻي اچو. جيڪي به ترميمون ڪرڻيون آهن، سڀ ڪجهه اوهان جي هٿ ۾ آهي، هڪ حڪم سان سڀ ڪجهه منظور ڪرائي ڇڏيو.
الله الله خير صلا. ”گهٽيون ٿي وڃن سُنجان، وچ مرزا يار ڦري.“ بهرحال اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هتي ايران ۽ يمن جي حمايت ڪندڙن جو انگ به ايترو ئي آهي، جيترو انهن جي مخالفن جو.