“حيدر منزل“ جي وڪري بابت قومپرست اڳواڻ آغا قمر جا انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قومپرست اڳواڻ آغا قمر جي حيدر منزل جي وڪري بابت اهم انڪشافن واري وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي.

وڊيو ظاهري طور ڪنهن انٽرويو جي نه پر اسڪرين نظر نه ايندڙ صحافي پاران سوال جوابن ڪرڻ واري ضرور آهي جنهن جي جواب ۾ آغا قمر حيدر منزل جي وڪري ۽ صورتحال بابت ٻڌائي رهيو آهي.

وڊيو جي شروعات ۾ ئي آغا قمر ٿيندڙ سوال جي جواب ۾ ٻڌائي رهيو آهي ته ”سائين جلال محمود شاهه تي اثر ائين پيا، جو حيدر منزل جي وڪري کانپوءِ سائين سِڌو ٿيو ئي نه!“

هو ٻڌائي ٿو ته سائين جلال محمود شاهه صحت جي حوالي سان، نفسياتي لحاظ کان ايترو ته صدمي ۾ هليو ويو جو اڃا تائين بستري تي ئي پيل آهي.

آغا قمر ٻڌائي ٿو ته سندس مطابق حيدر منزل جي وڪري جا ڪارڻ سيد جلال محمود شاهه جا پُٽ آهن جن مٿس حيدر منزل جي وڪري جو دٻاءُ وڌو. حيدر منزل جي گرائونڊ فلور تي سائين جلال محمود شاهه جي فيملي رهندي هئي ۽ جڏهن ته مٿي مختلف آفيسون هيون.ويجهن ذريعن مان خبر پئي ته سائين جلال شاهه جا پُٽ حيدر منزل تي رهڻ جي لاءِ تيار ناهن، اهو ئي سبب آهي ته گهڻي مخالفت جي باوجود حيدر منزل جو سودو چوويهه ڪروڙن رپين ۾ ٿيو.

هن ٻڌايو ته ته حيدر منزل جو وڪرو روڪڻ لاءِ سائين زين شاهه جو وڏو ڪردار هو، هن ان عمارت جي لاءِ آفر به ڪئي، مالي مشڪلاتن مان نڪرڻ لاءِ سائين زين شاهه رستا به ڪڍيا، اهي ڪهڙا هيا، اِهو سندن ڀائرن ڀائرن جو مسئلو هيو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سيد جلال محمود شاهه حيدر منزل جي وڪري وقت ڊپريشن ۾ هليو ويو هو، ان وقت اهو واضح محسوس ڪيوسين ته کانئس اهو ڪم زبردستي ڪرايو ويو آهي، سندس هاڻوڪي طبي حالت به حيدر منزل جي وڪري کانپوءِ ئي آهي.

آغا قمر جو چوڻ هو ته حيدر منزل جي وڪري کانپوءِ جلال محمود شاهه کي جيڪو صدمو رسيو اهو اڃا تائين گهٽ يا ختم ناهي ٿيو،

You might also like