منشيات واپرائن وارو مامرو، پي سي بي محمد نواز مان هٿ ڪڍي ورتا

لاهور(ويب ڊيسڪ) نشي واري شئي واپرائڻ واري معاملي تي پاڪستاني آل رائونڊر محمد نواز آءِ سي سي کي پنهنجي تحريري موقف کان آگاهه ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، محمد نواز بابت ڪيل ڪارروائي جو اعلان به آءِ سي سي ئي ڪندي.
ان حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان چيو هو ته محمد نواز بابت ڪارروائي آءِ سي سي شروع ڪئي آهي ۽ اها ئي ان ڪارروائي کي مڪمل ڪندي.
واضح رهي ته الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ مٿس ورلڊ اينٽي ڊوپنگ ايجنسي جي قانونن تحت ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.