ڊونلڊ ٽرمپ جي نمائندي جو عجيب منصوبو، ايران جي جاءِ تي اٽلي کي فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص نمائندي ايران جي جاءِ اٽلي کي فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص نمائندي پائولو زيمپولي اِها تجويز فيفا جي صدر ۽ آمريڪي صدر کي ڏني آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، هي منصوبو آمريڪي صدر ۽ اٽلي جي وزيراعظم وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر بنائڻ جي هڪ ڪوشش آهي، جيڪي ايران جنگ واري معاملي تي پوپ ليو مٿان آمريڪي صدر جي تنقيد کانپوءِ ڇڪتاڻ جو شڪار آهن.
ٻئي پاسي ايراني فٽبال ٽيم آمريڪا جي گڏيل ميزباني هيٺ فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ اڳ ئي راضپو ظاهر ڪري چڪي آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر ٽرمپ به چئي چڪو آهي ته ايران جي ٽيم کي ٽورنامنٽ ۾ ڀليڪار چيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.