ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ مبينا ڊرون حملي ۾ 4 ڄڻا مارجڻ کانپوءِ پوليس جي 3 ايس ايڇ اوز کي معطل ڪيو ويو آهي.
صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺندي شفاف جاچ جي هدايت ڪئي آهي.
گهرو وزير جي آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب اهو واقعو ڳوٺ سعيد خان لاکو ۾ پيش آيو، جتي ڊرون حملي ۾ 4 شهري مارجي ويا.
آءِ جي سنڌ فوري طور ڪارروائي ڪندي سکر جي ٽن ٿاڻن ڪنڌرا جي ايس ايڇ او شوڪت علي آرائين، پٽني جي ايس ايڇ او عمران خان ڀيو ۽ صالح پٽ جي ايس ايڇ او علاءُ الدين ڦلپوٽو کي معطل ڪري رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
واقعي جي جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ ايس ايس پي گهوٽڪي جي سربراهي ۾ ڪميٽي به جوڙي آهي.
پوليس چيف چيو آهي ته ذميوارن کي گرفتار ڪري سخت ڪارروائي يقيني بڻائي ويندي.
You might also like