پنهنجو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ ان جي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ سان جڙيل هوندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻولي کي نظرانداز ڪيو وڃي ته اهو رڳو لساني ناانصافي نه پر پوري قوم سان زيادتي هوندي آهي. پاڪستان جهڙي گهڻ لساني ملڪ ۾ اها ذميواري وڌيڪ وڌي وڃي ٿي ته هتي رهندڙ سڀني قومن جي ٻولين کي برابر حيثيت ۽ احترام ڏنو وڃي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته عملي طور تي اڃا تائين اهڙي برابري نظر نٿي اچي، جنهن جو تازو مثال نادرا جي موبائيل ايپليڪيشن پاڪ آئيڊينٽيٽي ۾ سنڌي ٻولي جو نه هجڻ آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مهراڻي پاران نادرا جي چيئرمين کي لکيل خط ۾ هن اهم مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو آهي ته پاڪ آئيڊينٽيٽي ايپ جيڪا گذريل هڪ سال کان فعال آهي، ان ۾ سنڌي ٻولي کي نه انٽرفيس ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڊيٽا پروسيسنگ سسٽم ۾. جنهن سبب سنڌ جي وڏي آبادي کي شديد ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته لکين شهرين جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ فارم (ب) سنڌي ٻولي ۾ جاري ٿيل آهن، جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي ٻولي سرڪاري سطح تي تسليم ٿيل ۽ استعمال هيٺ آهي، پوءِ به ان کي جديد ڊجيٽل سهولتن مان خارج رکڻ ڪنهن به طرح درست نٿو لڳي.
اسان جو خيال آهي ته هي معاملو ڪنهن ٽيڪنيڪل مامري جو نه پر تعصب ۽ لاپرواهي تي ٻڌل آهي. ڇو ته جيڪڏهن هڪ سال جي عرصي دوران به هن مسئلي کي حل نه ڪيو ويو آهي ته پوءِ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر سنڌي ٻولي کي ڇو نظرانداز ڪيو پيو وڃي؟ ڇا ست ڪروڙ آبادي رکندڙ سنڌي قوم جي ٻولي ايتري اهميت نٿي رکي جو ان کي هڪ سرڪاري ايپليڪيشن ۾ جاءِ ملي سگهي؟ سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي، جنهن جي پنهنجي هڪ شاهوڪار ادبي، ثقافتي ۽ علمي روايت آهي. هن ٻولي ۾ صدين کان علم، ادب ۽ فڪر جي پيداوار جاري آهي. اڄ به سنڌي ٻولي ۾ ڪيتريون ئي روزاني اخبارون، هفتيوار ۽ ماهوار رسالا ۽ ڪتاب شايع ٿين ٿا، اهڙي زنده ۽ فعال ٻولي کي نظرانداز ڪرڻ سراسر بي واجبي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته ڊجيٽل دور ۾ ٻولي جي اهميت وڌي وئي آهي. جڏهن سرڪاري سهولتون آن لائن ۽ موبائيل ايپليڪيشنز ذريعي مهيا ڪيون وڃن ٿيون ته ان وقت اهو لازمي ٿي وڃي ٿو ته هر شهري کي پنهنجي ٻولي ۾ انهن سهولتن تائين رسائي حاصل هجي. جيڪڏهن ڪنهن شهري کي صرف ان ڪري ڏکيائي ٿئي ته هو پنهنجي ٻولي ۾ ايپ استعمال نٿو ڪري سگهي ته پوءِ اها ڊجيٽل ترقي ڪنهن ڪم جي ناهي. نادرا جهڙي اداري کان اها اميد رکڻ بيجا ناهي ته هو ملڪ جي سڀني وڏين ٻولين کي پنهنجي سسٽم جو حصو بڻائيندو.
ڊاڪٽر شير مهراڻي پنهنجي خط ۾ هڪ مثبت تجويز به ڏني آهي ته جيڪڏهن نادرا کي ڪنهن به قسم جي فني مدد جي ضرورت هجي ته سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو مڪمل سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اسان جو خيال آهي ته اها هڪ اهم آڇ آهي جنهن کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي. اسان اهو به سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت کي به هن معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهو صرف هڪ اداري جو مسئلو ناهي، پر سنڌ جي عوام جي لساني حقن جو سوال آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت هن مسئلي تي خاموش رهي ٿي ته پوءِ اهو تاثر پيدا ٿيندو ته کيس به سنڌي ٻولي جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه ۾ ڪا خاص دلچسپي ناهي. تنهن ڪري ضروري آهي ته سنڌ حڪومت نادرا سان رابطو ڪري ۽ هن مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو اثر استعمال ڪري. اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان جو آئين به شهرين کي سندن ثقافتي ۽ لساني حقن جي ضمانت ڏئي ٿو. جيڪڏهن عملي طور تي انهن حقن تي عمل نه ٿئي ته پوءِ اهو عمل ملڪي آئين جي روح جي خلاف آهي. سنڌي ٻولي کي نظرانداز ڪرڻ نه صرف سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي آهي پر وفاقي هم آهنگي لاءِ به نقصانڪار آهي.
اسان جو خيال آهي ته نادرا کي فوري طور تي پاڪ آئيڊينٽيٽي ايپ ۾ سنڌي ٻولي کي شامل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ان ۾ انٽرفيس، ڊيٽا پروسيسنگ ۽ درخواست جمع ڪرائڻ جون سڀئي سهولتون سنڌي ٻولي ۾ فراهم ڪيون وڃن. اهو قدم لکين ماڻهن لاءِ آساني پيدا ڪندو سو اسان اهو چوڻ ضروري سمجهون ٿا ته سنڌي ٻولي کي نظرانداز ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿو ڪري سگهجي. ست ڪروڙ آبادي رکندڙ سنڌي قوم جي ٻولي کي مناسب جڳهه ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي. جيڪڏهن اسان واقعي هڪ مضبوط، متحد ۽ منصفاڻو معاشرو چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي پنهنجي سڀني ٻولين کي برابر عزت ڏيڻي پوندي. تنهن ڪري ضروري آهي ته هن معاملي کي اينگهائڻ کان سواءِ ئي فوري طور تي حل ڪيو وڃي ۽ سنڌي ٻولي کي ان جو جائز مقام ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته ٻولي صرف اظهار جو ذريعو ناهي هوندي پر هڪ قوم جي سڃاڻپ پڻ آهي.
Prev Post
You might also like