تهران(ع آ نيوز) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ پاڪستان ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن ڳالهين جي پهرين دور ۾ ايراني وفد جي اڳواڻ محمد باقر قاليباف تازو هڪ تازي بيان ۾ چيو آهي ته ‘مڪمل جنگ بندي صرف تڏهن ئي بامعني ٿي سگهي ٿي جڏهن ان جي خلاف ورزي نه ڪئي وڃي جهڙوڪ سامونڊي بندش ۽ عالمي معيشت کي يرغمال بڻائڻ، ۽ ‘صهيوني جارحيت’ کي سڀني محاذن تي روڪيو وڃي.’ هن ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ‘اهڙين واضح خلاف ورزين جي موجودگي ۾ آبناءِ هرمز کي ٻيهر کولڻ ممڪن ناهي.’پنهنجي بيان جي آخر ۾، ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف چيو ته ‘اسان جا مقصد فوجي جارحيت ذريعي حاصل نٿا ڪري سگهجن، ۽ نه ئي اهو ڌمڪين ذريعي ممڪن ٿيندو.اڳتي وڌڻ جو واحد رستو ايراني قوم جي حقن کي تسليم ڪرڻ آهي.هوڏانهن ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ڌمڪين سان ڳالهيون نه ٿينديون، دنيا آمريڪا جي تضادن کي ڏسي رهي آهي، جنگ بندي جون ڀڃڪڙيون معاهدي ۾ رنڊڪ آهن.