ايراني قيادت ۾ اختلافن جون خبرون ڪوڙيون آهن: ايراني صدارتي آفيس

تھران (عوامي آواز نيوز) ايران جي صدارتي آفيس جي نائب ترجمان، ملڪ جي اعليٰ قيادت اندر اختلافن ۽ ويڙهه جي خبرن کي سختيءَ سان رد ڪندي انهن  "ڪوڙو پروپيگنڊا” قرار ڏنو آهي.ايراني صدارتي آفيس جي نائب ترجمان، سيد مهدي طباطبائي چيو ته ملڪ جي اعليٰ قيادت جي وچ ۾ اختلافن ۽ ورهاست جون ڳالهيون  بلڪل بي بنياد آهن. سندس چوڻ هو ته ايراني قيادت جي اندر اتحاد غير معمولي ۽ هڪ مثال آهي. "دشمن سياسي پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي. ڪوڙا قصا گهڙڻ بدران کين پنهنجي واعده خلافي، ڌونس ۽ ٺڳي ختم ڪرڻ گهرجي. انصاف، وقار ۽ عقل تي ٻڌل ڳالهين جا دروازا اڄ به کليل آهن.”ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگ بندي ۾ واڌ جو اعلان ڪندي چيو هو ته هو "هڪ ورهايل ايران کي گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ چاهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.