نيويارڪ(ع آ نيوز) گڏيل قومن ۾ ايراني سفير امير سعيد ايرواني چيو آهي ته جيڪڏهن آبناءِ هرمز تي آمريڪي بندش ختم ڪئي وڃي ته اسلام آباد ڳالهين ۾ حصو وٺندو. پنهنجي بيان ۾ امير سعيد ايرواني چيو ته تهران کي ڪجهه اشارا مليا آهن ته آمريڪا آبناءِ هرمز جي بندش ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. امير سعيد ايرواني وڌيڪ چيو ته ايران اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ تڏهن ئي حصو وٺندو جڏهن آمريڪي بندش ختم ڪئي وڃي. هرمز لنگهه وٽان آمريڪي بندش ختم ڪرڻ ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ هڪ شرط آهي.