قانون جي کوٽ يا عمل جي؟

ڊاڪٽر راشد علي شاهه

اسان قانون جي کوٽ جو ماتم ڪندا رهون ٿا، جڏهن ته اصل مسئلو قانون نه، پر اسان جو پنهنجو ڪردار آهي۔ پاڪستان ۾ هر بحران کان پوءِ هڪ ئي مطالبو گونجي ٿو، قانون سخت ڪيو وڃي، احتساب تيز ڪيو وڃي، ادارا مضبوط ڪيا وڃن۔ ڄڻ مسئلو صرف نظام جو آهي ۽ جيئن ئي ڪجهه نوان قانون لکي ڇڏبا، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو۔ پر شايد اصل ڳالهه اها آهي ته اسان کي قانونن جي نه، پر آئينو ڏسڻ جي ضرورت آهي۔ اسان هڪ عجيب تضاد ۾ جيئون ٿا۔ اسان قانون چاهيون ٿا، پر پنهنجي لاءِ نه۔ اسان انصاف چاهيون ٿا، پر ٻين لاءِ۔ اسان نظام جي سڌاري جون ڳالهيون ڪريون ٿا، پر جڏهن پنهنجي واري اچي ٿي ته هر اصول کي حالتن مطابق موڙي ڇڏيون ٿا۔ اهو تضاد ئي اسان جي اصل ڪهاڻي آهي۔

حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ قانونن جي کوٽ ناهي۔ آئين موجود آهي، عدالتون موجود آهن، ضابطا موجود آهن۔ مسئلو اُتان شروع ٿئي ٿو جتي قانون کي عمل ۾ اچڻ گهرجي ۽ اُتي اچي سڀ ڪجهه بيهي وڃي ٿو۔ هتي قانون هڪ لکت آهي، زندگي جو طريقو نه آهي۔ ايمانوئل ڪانٽ چيو هو ته مهذب سماج اهو هوندو آهي جتي ماڻهو صحيح ڪم ان ڪري ڪن ٿا جو اهو صحيح آهي۔ پر اسان هن اصول کي اُلٽو ڪري ڇڏيو آهي۔ اسان صحيح ڪم تڏهن ڪريون ٿا جڏهن پڪڙجڻ جو ڊپ هجي ۽ جتي اهو ڊپ ختم ٿئي ٿو، اتي اصول به ختم ٿي وڃن ٿا۔

هي رويو رڳو عام ماڻهو تائين محدود ناهي۔ اسان جي تاريخ به اهو ئي سبق ڏئي ٿي۔ قراردادِ مقاصد اخلاقي بنياد ڏنو، 1973 جو آئين هڪ گڏيل عزم هو، پر نظريه ضرورت بار بار اهو پيغام ڏنو ته اصول مستقل ناهن هوندا۔ جڏهن رياست پاڻ اصولن کي موڙي ٿي ته سماج به اهو ئي سکي ٿو۔ اڄ هڪ عام شهري کي ڏسو۔ هو ٽريفڪ سگنل ٽوڙي ٿو ۽ ان کي پنهنجي هوشياري سمجهي ٿو۔ پوليس کي پئسا ڏئي نڪري وڃي ٿو ۽ ان کي سيٽنگ چوي ٿو۔ سرڪاري آفيس ۾ سفارش ڳولي ٿو ۽ ان کي پنهنجو حق سمجهي ٿو ۽ پوءِ شام جو ويهي ساڳئي نظام کي گاريون ڏئي ٿو۔ اها رڳو منافقت نه، پر گڏيل خود فريبي آهي۔ اسان ٽيڪس نٿا ڏيون، پر بهتر رستا چاهيون ٿا۔ اسان بجلي چوري ڪريون ٿا، پر لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙجون ٿا۔ اسان ٻارن کي سچ ڳالهائڻ سيکاريندا آهيون، پر انهن جي سامهون ڪوڙ ڳالهائي ڪم ڪڍندا آهيون۔

ارسطو چيو هو ته عادتون ڪردار ٺاهينديون آهن۔ جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته پوءِ اسان کي مڃڻو پوندو ته هڪ قوم جي حيثيت سان اسان پنهنجي عادتن سان پنهنجو ڪردار پاڻ ٺاهيو آهي ۽ اهو ڪردار خوشگوار ناهي۔

ابن خلدون مطابق سماج تڏهن ٽٽندا آهن جڏهن گڏيل مفاد ختم ٿي وڃي ۽ هر ماڻهو رڳو پنهنجي فائدي بابت سوچي۔ پاڪستان ۾ به اهو ئي ٿي رهيو آهي، جتي قانون گڏيل اصول بدران ذاتي سهولت بڻجي ويو آهي۔ تعليم به هن تضاد کان بچي ناهي سگهي۔ اسان ان کي شعور پيدا ڪرڻ بدران صرف روزگار جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي۔ اڪثر چيو ويندو آهي ته پاڪستان جا مسئلا معاشي يا سياسي آهن۔ اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح آهي، پر سوال اهو آهي ته هي نظام ٺاهيندو ڪير آهي؟ اهي ئي ماڻهو، اهي ئي رويا، اهي ئي عادتون۔ اليسڊيئر ميڪ انٽائر موجب جڏهن سماج گڏيل اخلاقي اصول وڃائي ويهندا آهن ته هر ماڻهو پنهنجي سهولت مطابق سچ ۽ ڪوڙ جي تعريف ڪرڻ لڳندو آهي۔ پاڪستان ۾ به اهو ئي ٿي رهيو آهي، جتي اصول حالتن جا تابع بڻجي ويا آهن۔

هاڻي سوال اهو ناهي ته اسان کي وڌيڪ قانون گهرجن يا نه۔ سوال اهو آهي ته ڇا اسان قانون کان سواءِ جيئڻ ڇڏي سگهون ٿا؟ ڇا اسان ايمانداري ان وقت به اختيار ڪري سگهون ٿا جڏهن ڪو اسان کي نه ڏسي رهيو هجي؟ ڇو ته سچ اهو آهي ته مسئلو اسلام آباد ۾ ناهي، پر اسان جي روين ۾ آهي۔ مسئلو پارليامينٽ ۾ ناهي، پر اسان جي گهرن ۾ آهي۔ مسئلو قانون جي ڪتابن ۾ ناهي، پر اسان جي ڪردار ۾ آهي۔ اسان کي نوان قانون نه گهرجن۔ اسان کي نوان اصول به نه گهرجن۔ اسان کي رڳو اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته جيڪي اصول اڳ ئي موجود آهن ڇا اسان انهن تي عمل ڪرڻ چاهيون ٿا يا نه۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.