سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي جون زور وٺندڙ ڳالهيون

اعجاز ممنائي

ڪجهه ڏينهن اڳ صدر آصف علي زرداري سنڌ جي ڪابينا سان خصوصي ميٽنگ ڪري کين يقين ڏياريو هو ته ڪابه تبديلي نه پئي اچي ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي وزارت تي ڪم ڪري ۽ عوام جي خدمت ڪري پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي کي بهتر کان بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪريو هر ڪو خوش ٿي ويو پر اڃا صدر زرداري مس اسلام آباد پهتو ته وري سياسي لاهن چاڙهن ۽ ردوبدل جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون آهن ڇو ته هن وقت بلاول ڀٽو زرداري جو سائيڊ ٿيڻ ۽  آصف زرداري جو عالمي اشوز تي اسلام آباد ۾ بيٺڪ باوجود سنڌ ۽ بلوچستان جا دورا ڪرڻ نهايت معنيٰ  خيز آهن۔

عام تاثر اهو آهي ته ڇا ضياءُ الحسن لنجار کان گھرو وزارت واپس وٺي، علي حسن زرداريءَ جي حوالي ڪئي پئي وڃي۔ هيءَ رڳو هڪ کاتي جي تبديلي ناهي، پر سنڌ جي سياسي بساط تي هڪ وڏي چال جي علامت ٿي سگهي ٿي.ضياءُ الحسن لنجار، جنهن کي پيپلز پارٽي جي قيادت جو ”ويجهو ساٿي“ ۽ قانوني توڙي انتظامي معاملن جو ماهر سمجهيو ويندو آهي، هن وقت هڪ ڏکي پوزيشن تي بيٺل نظر اچي رهيو آهي.سندس وزارت واري ذميواري تي ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن۔ وڪيل برادري سميت ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ تائين يا شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ اسٽريٽ ڪرائمز جي ڀڙڪيل باهه کيس ئي ساڙي رهي آهي، لغاري بجراڻي جي ڳوٺاڻن جي خون ۾ رڱيل گھرو وزير جا هٿ  ۽ وري هڪ سال بعد بنا ڳالهين جي کين معاف ڪرڻ ۽ وري دريا خان مري ۾ اين پي پي اڳواڻ غلام حيدر مري جي پئٽرول پمپ ۽ دڪانن کي مسمار ڪرڻ پٺيان گهرو وزير جو هٿ هئڻ انتقامي ڪارواين جو چٽو ثبوت آهي هر ڪو سندس آڱريون کڻي رهيو آهي ته سنڌ ۾ جي ڊي اي  اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس خاندان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سياسي دٻاءُ وجهڻ جا الزام سامهون آيا آهن. مرتضيٰ جتوئي انهن ڪارروائين کي سياسي انتقام قرار ڏنو آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا پوليس آفيسرن کي بنا جواز جتوئي خاندان خلاف ڪارروائين تي ڇنڊ پڻ پٽي هئي.پر ان تي ڪوبه عمل نه ٿيو ۽ سياسي انتقامي ڪاروايون عروج تي رهيون جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي موجب کيس ۽ خاندان کي جهڪائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. 2025ع جي شروعات ۾ مرتضيٰ جتوئي خلاف نوان ڪيس سامهون آيا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جتوئي خاندان خلاف پوليس جي ڪارروائين تي ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو پر هاڻي وري سندن حمايتن خلاف ٿيندڙ ڪاروائيون جي ڊي اي کي منظم ڪري چڪيون آهن ۽ پيپلز پارٽي خاص طور تي ضياءَ لنجار خلاف نفرت پيدا ٿي رهي آهي گذريل ڏينهن دريا خان مري واري جلسي ۾ پير پاڳاري جي پٽ راشد سائين زين شاه حسنين مرزا سميت مرڪزي اڳواڻن ضياءَ لنجار خلاف تقريرون ڪري اهو واضح ڪيو ته هن ظلم جو ازالو ضرور ڪنداسين۔پيپلز پارٽي جي تازي ڪارروائي هڪ ڀيرو ٻيهر پراڻي سياسي ۽ خانداني تڪرار کي سامهون آڻي ڇڏيو آهي. ڇو ته جتوئين جي حمايت يافته ۽ سندن پارٽي جو مک اڳواڻ غلام حيدر مري پاران مرتضيٰ خان جتوئي جي دعوت ڪرڻ تي، پوليس جي موجودگي ۾ حد دخلين جو جواز ڄاڻائي سندس پيٽرول پمپ، دڪان ۽ دڪانن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. هن واقعي کي مخالف ڌر سڌي ريت ”انتقامي ڪارروائي“ قرار ڏئي رهي آهي، جڏهن ته انتظاميا ان کي قانوني قدم ٻڌائي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.