ڇا ايران جو ايندڙ نشانو آمريڪي هوائي اڏا ۽ اثاثا هوندا ؟

تحرير: عباس ناصر

هر فوجي مهم جا واضح ھدف ضرور ھوندا آھن ۽ اسرائيل چوي ٿو ته آمريڪا ۽ اولھھ  حڪومتن جي خاموش حمايت سان وڏي پيماني تي هوائي حملي ذريعي ايران سان جنگ شروع ڪرڻ  جو مکيه مقصد ايران جي ايٽمي هٿيارن جي حاصلات ڏانھن اڳڀرائي کي روڪڻ هو.شايد اھو کليل نموني نه چيو ويو هجي پر ان جي مکيه مقصدن مان هڪ ايران ۾ حڪومت جي تبديلي آهي ته جيئن اسرائيل جي ٻين وچ اوڀر، علائقائي ۽ پاڙيسرين جھڙي  حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جيڪي تل ابيب سان دوستي ڪرڻ ۾ خوش آهن. اهو ئي سبب آهي ته اهي صرف زباني طور تي غزه بلڪھ اولھھ  ڪناري ۾ پڻ اسرائيل طرفان  فلسطينين جي نسل ڪشي جي رڳو زباني مذمت يا علامتي تنقيد ڪن ٿا.

هڪ وسيع جنگ ، غزه ۾ جاري مسلسل بمباري، ٻين فوجي طريقن ۽ فاقھ ڪشي ذريعي ڪئي ويندڙ ھن صدي جي بدترين نسل ڪشي تان ڌيان ھٽائڻ  ۾ بھ مددگار ثابت ٿيندي.غزه ڏانهن کاڌي جي فراهمي  معطلي سان اسرائيل جي يورپي اتحادين ۾ ٿوري  بيچيني پيدا  ٿي هئي، جيتوڻيڪ انھن  هن وقت تائين اسرائيل جي غزه جي مسئلي تي غير مشروط مادي ۽ سفارتي حمايت ڪئي آھي.مان يورپي اتحادي انڪري چيو تھ  ڇاڪاڻ ته آمريڪي انتظاميا نسل پرست اسرائيلي حڪومت جي  سگھاري حمايت ڪري رهي آهي، جيڪا آمريڪي صدر جي ‘غزه رويرا پلان’ تي عمل ڪري رهي آهي. هي غزه جي ساحلن کي هڪ سياحتي مقام ۾ تبديل ڪرڻ جو هڪ تصور آهي جنهن سان اٽڪل 20 لک  فلسطينين کي پنهنجي زمين ڇڏڻ ۽ ٻين (ممڪن طور تي مسلمان) ملڪن ڏانهن منتقل ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويندو.

حقيقت ۾، غزه جي نسل ڪشي آڪٽوبر 2023 جي حملي دوران يرغمال بڻايل اسرائيلين  جي حوالي سان نھ آھي.آمريڪي صدارتي ايلچي اسٽيو وِيٽڪوف جي قدمن سميت ڪيترائي ثبوت موجود آهن. اسٽيو وِيٽڪوف جي خاندان جا ڪرپٽو ڪرنسي ذريعي ٽرمپ خاندان سان ڪاروباري لاڳاپا آهن. آمريڪي ايلچي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا انهن معاهدن کان پوئتي هٽي چڪو آهي جن سان حماس  جي اسيري ۾ رکيل يرغمالين جي آزادي يا تبادلو ممڪن بڻجي پئي سگھيو.. ٻئي طرف، سوين فلسطيني اسرائيل جي قيد آهن، جن جي صورتحال يرغمالين کان بهتر نھ آھي.

اسرائيل جي غير مشروط حمايت جي باوجود، صدر ڊونلڊ ٽرمپ  ھن کليل تڪرار ۾ پنهنجي فوج کي ڌڪڻ لاءِ تيار ناهي. ايندڙ ڏينهن ۾، اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو  جي هر ممڪن ڪوشش ھوندي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان  آمريڪا کي ايران سان جنگ ۾ ڌڪي سگهجي.

اسرائيلي هوائي حملي ۾ ڪئين  سينئر ايراني فوجي ڪمانڊرز، انقلابي گارڊ جا ليڊر ۽ ايراني ايٽمي سهولتن کي نشانو بڻائڻ کان پوءِ، ايران طرفان  جوابي ڪارروائي ۾ اسرائيل تي ڀرپور ميزائلن فائر ڪيا ويا. ان دوران، اڳوڻي اسرائيلي وزيراعظم ۽ اسرائيلي دفاعي فوجن جي اڳوڻي سربراهه، ايهود باهاڪ   آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين جي ڪرسٽن ايمن پور سان هڪ انٽرويو ۾ انهن مان ڪجهه مقصدن جي وضاحت ڪئي.ايهود باهاڪ واضح طور تي چيو ته اسرائيلي هوائي حملي سان ايران کي ايٽمي هٿيارن حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهه هفتن  جي ‘دير’ ٿي سگهي ٿي، پر هن چيو ته جيڪڏھن آمريڪا بھ اسرائيل جي هوائي جنگي  مهم ۾ شامل ٿئي ٿو، تڏھن بھ اهو ايران جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ وڌ ۾ وڌ ڪجهه مهينن تائين دير جو سبب بڻجي سگھي ٿو.ھن چيو تھ ” انهن (ايران) وٽ 400 ڪلوگرام افزوده يورينيم آهي، جيڪو 60 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي. درست آلات يعني سامان سان، اهي ان کي گودام ۾ ان کي 90 سيڪڙو تائين وڌائي سگهن ٿا ۽ پوءِ ان وٽ ايٽم بم هوندو،“

هن بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) جي سربراهه جو حوالو ڏنو،جنھن چيو ھو  ته ايران جون ڪيتريون ئي اهم سهولتون پراڻين بارودي سرنگن  وغيره ۾ "سوين گز” زمين هيٺ يا زمين اندر آھن. ايهود باهاڪ چيو ته ” اھي ھنڌ اسان  جي پهچ کان ٻاهر” آهن. هن وڌيڪ چيو ته "مون کي ڪو  وهم ناهي ته اسان ھنن کي نقصان رسائڻ يا معمولي ڌڪ پھچائڻ  کان وڌيڪ ڪجھه ڪري سگهنداسين “اسرائيلي دفاعي فوج جي اڳوڻي سربراهه وڌيڪ چيو ته هوائي حملن ۾ شروعاتي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، جيڪا اميدن کان وڌيڪ هئي، انهن ڪاميابين جي بنياد تي، ايران کي ايٽمي ڊيل  ڏانهن ڌڪڻ گھرجي. غزه ۾ جنگ ختم ڪرڻ گھرجي ۽ ان کي سعودي عرب سميت خطي ۾ وسيع تر امن جي ڪوششن ۾ استعمال ڪيو وڃي. ان ۾ وقت لڳندو ۽ اهو آسان نه هوندو، پر ان ھوندي بھ اھو  ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته آمريڪي لاجسٽڪ سپورٽ کانسواءِ، اسرائيل لاءِ  ڇڪتاڻ کي ڊگھو ڪرڻ  ڏکيو ٿيندو، تنهن ڪري ان کي چوڻ گهرجي ته، ‘اسان کان جيڪو ٿي پئي سگھيو سو  اسان ڪري سگهياسين، هاڻي توهان جو وارو آهي.’ هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن اسرائيلي انٽيليجنس  پاران ايراني فوج جي اھم  اڳواڻن کي نشانو بڻائڻ، ايران ۾ اندروني ورهاست جي مظهر طور ڏٺو پيو وڃي، ايهود باهاڪ  چيو تھ ايراني حڪومت جي تبديلي جي مسئلي تي به ڌيان ڏنو.هو چوي ٿو ته  آمريڪي فوجين کي ايراني سر زمين تي لاھڻ بان حڪومت جي تبديلي ممڪن نھ آھي. ان سان گڏوگڏ ھن نشاندھي  ڪئي ته آمريڪا ڪوريا، ويٽنام ۽ افغانستان جهڙن ملڪن ۾ جنگيون نه کٽيون ۽ پڇيو تھ "اهي جنگيون ڪيئن ٿيون؟” هن اهو به سوال ڪيو ته ڇا صدر ٽرمپ يا ڪو به آمريڪي اڳواڻ، يا آمريڪي عوام به، واقعي پنهنجي فوجن کي ڪنھن ٻي جنگ ۾ موڪلڻ چاهيندا.؟

اهو سچ آهي ته 2018 ۾، ڊونلڊ ٽرمپ، اڳوڻي صدر بارڪ اوباما جي قيادت ۾  ٿيل  معاهدن کي ھڪ طرفو ختم ڪيو ھو. جنهن تحت آمريڪا ايران تي پابنديون نرم ڪيون  هيون ۽ ايران پنهنجو ايٽمي پروگرام روڪي ڇڏيو هو. ٽرمپ جي معاهدي  ختم ڪرڻ  سان، ايران يورينيم جي افزودگي ٻيهر شروع ڪئي ايتري قدر جو ھاڻي ھو  هٿيار ٺاهڻ جي ويجهو پھچي چڪو آھي. تنهنڪري هڪ طرح سان، هي جنگ ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان روڪڻ بابت گهٽ ۽ ايران کي آمريڪا ۽ اسرائيل  جي اڳيان جھڪائڻ لاءِ وڌيڪ آهي.انهيءَ ڪري اهو ڏسڻ ضروري آهي ته هن تڪرار ۾ حاوي ڪير رھندو.آمريڪا ۽ سڄي اولهھ  جي پيداوار، جديد هٿيارن جي ذخيره اندوزي ۽ سپلاءِ سان، اهو سمجھڻ غلط نه هوندو ته اسرائيل جنگ ۾ ايران کي مات ڏئي سگهي ٿو. ٻئي طرف، ايران وٽ عملي طور تي ڪا به هوائي فوج ناهي ۽ ان جو هوائي دفاعي نظام پڻ خاميون نظر اچن ٿيون.ان جي 2 ھزار  بيلسٽڪ ميزائلن جو ذخيرو ڪيترو وقت تائين ڪافي هوندو؟ ان جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟

ڪجهه سوال آهن جن جا جواب ضروري آهن. هاڻي تائين، جڏهن به ايران تي وڏا حملا ٿيا آهن، اهو مزاحمت ڪرڻ ۽ جوابي ڪارروائي ڪرڻ  ۾ ڪامياب رھيو آهي. سوال اهو آهي ته، جيڪڏهن تڪرار ڊگھو ٿئي ٿو تھ اسرائيل ڊگهي عرصي تائين پنهنجي فوجي استحڪام کي برقرار رکي سگهندو يا ڪو ٽين ڌر جنگ کي روڪڻ لاءِ ٽياڪڙي ڪندي ؟يا جيڪڏهن ايران کي وڌيڪ ڀت سان لڳايو ويو ته ڇا اهو خطي ۾ آمريڪي اڏن ۽ اثاثن ۽ ايتري تائين جو اھو آمريڪي فوج جي ميزباني ڪندڙن  ملڪن يا قومن تي سڌو سنئون حملو ڪري تڪرار کي وڌائيندو ۽ ان کي روڪڻ جي لاءِ ملڪن تي دٻاءُ وڌو ويندو ؟ اهڙو ڪو بھ واقعو نه رڳو خطي ۾ لکين زندگين تي اثر انداز ٿيندو،بلڪھ ان جو  عالمي معيشت تي به وڏو اثر پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.