پاڪستان ھن وقت ھڪ گھڻ طرفي ۽ وسيع پاڻيءَ جي بحران جو شڪار آھي، جيڪو بنيادي طور سياسي مداخلت ( سياسي اڻ سياسي حڪومتن طرفان)جو نتيجو آهي. ان جي نتيجي ۾ ٽيڪنيڪي مسئلن ۽ هاڻ موسمي تبديلي، ادارتي ناڪامي، ۽ وفاقي صوبائي بي اعتماديءَ جي صورت ۾ اھم قومي مسئلي جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. اھا صورتحال رڳو پاڻيءَ جي ورڇ تائين محدود نه رهي؛ اھا خوراڪ جي سلامتي، معاشي استحڪام ۽ حفاظت سان به سڌيءَ ريت ڳنڍيل آهي. پاڻي جي اڃان ته مقداري عنصر کي بحث هيٺ آڻيون ٿا، معيار وارو ته پاسو پورو رهيو پيو آھي.
اِنڊس رور سسٽم اٿارٽي (اِرسا)، جيڪا 1992ع ۾ 1991ع جي پاڻي ورڇ واري معاهدي کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ قائم ڪئي وئي، ان جو ڪردار وقت سان گڏ تڪراري بڻجي ويو آهي، خاص ڪري هيٺئين صوبي ( لوئر رپيرين)سنڌ جي نظر ۾، جيڪو مسلسل رڙيون ڪندو رهيو آهي ته اِرسا مٿين صوبي پنجاب جي حمايت ڪري ٿو. ان جا تاريخي پيرا پڻ ان ڳالھ جي تصديق ڪن ٿا- ۲۰۰۳ ۾ گريٽر ٿل ڪئنال، ۲۰۱۶ ۾ جلال پور رٿا، ۲۰۲۴ ۾ چولستان، ڏھاڪن کا ھلندڙ پاڻي ورھائڻ جو جڙتو ٽي سطحي فارمولا، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ کان وٺي سي جي ۽ ٽي پي ڪئنالن کي سنڌ جي سخت اعتراضن جي باوجود ھلائڻ تائين چٽا آھن. هن بي اعتمادي پاڻيءَ جي سياست کي گنڀير بڻائي ڇڏيو آهي.
سنڌ ۽ بلوچستان اُن وقت سخت ردعمل ڏنو، جڏهن وفاقي حڪومت پوئين سال اِرسا قانون ۾ اهڙيون ترميمون تجويز ڪيون، جيڪي پاڻيءَ جي وسيلن تي مرڪزي ڪنٽرول وڌائڻ جي ڪوشش جي صورت ڏسڻ ۾ آيون. ان جي شروعات عبوري حڪومت جي دؤران آرڊينسس جاري ڪرڻ ھُو، جنھن تي بحرحال سنڌ مان سخت احتجاج تي عمل نه ٿي سگھيو. صوبن اهو عمل 18هين آئيني ترميم جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. ٻيو اھو ته گڏيل مفادن جي ڪائونسل/ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ) کي پڻ باءِ پاس ڪيو ويو۔
پاڻيءَ جي منصوبا بنديءَ ۾ گڏيل صلاح ۽ ھڪ راءِ ٿي فيصلا ڪرڻ جي اهميت جو واضح مثال 28 اپريل 2024 تي سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ڏسڻ ۾ آيو، جتي چولستان لاءِ اِرسا پاران جاري ڪيل پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ واپس ڪيو ويو، ۽ ڇھه ڪئنالن وارا منصوبا مرڪزي رٿابندي/ پلاننگ ڪميشن ڏانهن واپس اماڻيا ويا. سي سي آءِ فيصلو ڏنو ته اهڙا منصوبا تڏهن ئي اڳتي وڌايا وڃن، جڏهن سڀني صوبن ۽ اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿئي.
پاڪستان ۾ پاڻي جي ورڇ بابت درست ڊيٽا جي کوٽ مستقل مسئلو رهي آهي. ٽيلِي ميٽري سسٽم، جيڪو وهڪرن جي حقيقي وقت ۾ نگراني لاءِ پهريون ڀيرو ۲۰۰۰ واري ڏھاڪي ۾ متعارف ٿيو، واپڊا جي غيرپيشاوراڻي عملداري ۽ ھوڏ سبب شروعاتي طور ناڪام ٿيو. ان ۾ پڻ وڏو سبب صوبن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا نه ٿيڻ ۽ اعتماد ۾ نه وٺڻ ٻڌايو ويو۔ ڇاڪاڻ ته فني خرابين، ادارتي مزاحمت ۽ ڊيٽا کي ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪري شفافيت جو تصور ئي ختم ڪيو ويو. 2024ع ۾ نئون منصوبو شروع ڪيو ويو آھي ۽ هيل تائين سڀن صوبن کي گڏ کڻي ھلڻ جي اھم ڪوشش ڪئي وئي آھي؛ ماپن واري لڳاتار ھلندڙ مشن ۾ سڀ صوبن جا پروفيشنل انجنيئر حصو وٺي رهيا آھن ۔ اڳوڻين ناڪامين جي روشنيءَ ۾ صوبن جي شموليت ۽ اعتماد تي زور آھي۔ انک ي عمل واري مرحلي تائين اڃان ٽي سال لڳندا۔ صوبن کي پڻ پنھنجي صلاحيتن کي ان ڏس ۾ وڌائڻو پوندو۔
پاڻيءَ جي حوالي سان واپڊا جا فيصلا، جيڪي صوبن تي سڌو اثر وجهندا آهن، گهڻو ڪري تنقيد جو نشانو بڻبا رهيا آهن. واپڊا، جنھن کي غيرجانبدار فني اداري طور ڪم ڪرڻ گهرجي، پر ھو ميگا پراجيڪٽن جي پويان پيل ھوندو آھي بنا انھن جي ماحوياتي، پائيداري يا آفتن جي اثرن جي واڌ جي ڪٿ ڪندي! ھن جا ڏيکاريل سنھري خواب ھميشه عوام لاءِ نيون مصيبتون کڻي ايندا آھن۔ ان جون پاليسيون اڪثر ڪري بجلي پيدا ڪرڻ کي آبپاشيءَ کان مٿانهون رکن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو پاڻيءَ سان لاڳاپيل تڪرار جو محور واپڊا بڻجي ويو آهي.
تربيلا ڊيم تي T4( ٽنل/ سرنگھه چار) پاور پراجيڪٽ جي عملدرآمد کان پوءِ، لوئر ليول آئوٽليٽ (ايل ايل او) جي افاديت سخت متاثر ٿي آھي. آئوٽليٽ ذريعي ضرورت جي وقت زرعي پاڻي ڇڏڻ لازمي آهي، خاص طور تي جڏهن پاڻي جي سطح گهٽجي وڃي. (ايئن ڪرڻ لاءِ بجلي جي پيداوار کي بند ڪرڻو ھوندو آھي) ان جي باوجود، T5 منصوبو شروع ڪيو ويو، جيڪو نه صرف سنڌ پر پنجاب لاءِ به ڳڻتيءَ جو سبب بڻيو. ھن نازڪ نڪتي تي سنڌ ۽ پنجاب جي راين ۾ غير معمولي ھم آهنگي ڏسڻ ۾ آئي، جيڪو ٻين سڀني معاملن ۾ اڪثر مختلف رُخن تي بيهندا آهن. ڇو جو پاڻي جي گھٽتائي جو اثر سنڌ پنجاب جي لکين آبادگار خاندانن ۽ ملڪي خوراڪ جي حفاظت تي پوي ٿو. اِرسا مسلسل واپڊا کي خط لکي چڪي آهي ته ايل ايل او کي قابل عمل رکو، ته جيئن صوبن کي آبپاشيءَ لاءِ پاڻي ملي سگهي. پر واپڊا طرفان ان تي مڪمل عملدرآمد نه ٿيو آهي. هي مسئلو فقط فني نه آهي، بلڪه ادارتي پڻ آهي: واپڊا عام طور تي بجلي پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، جيتوڻيڪ قومي پاڻي جي پاليسيءَ ۾ صاف لکيل آهي ته آبپاشي بنيادي ترجيح آهي، جڏهن ته بجلي ثانوي فائدو آهي.اهو رويو، خاص ڪري سنڌ لاءِ، خطري جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، ڇاڪاڻته دير يا غيرمنصفاڻي پاڻي ورڇ ان جي معيشت، زراعت، ۽ ماحول تي سڌي ريت اثرانداز ٿئي ٿي.
پاڪستان لاءِ پاڻيءَ جو بحران رڳو اڻاٺ جو مسئلو ناهي، پر اها سڌي ريت وفاقي اتحاد، ادارن جي شفافيت، ۽ ملڪي طرز حڪمراني جو سوال بڻجي چڪو آهي. ان جو حل صرف نوان منصوبو يا قانون نه، پر اداري سڌارا، وفاقي سطح تي صوبن لاءِ اعتماد جي واڌاري، ۽ پڌري ڊيٽا تي ٻڌل شفاف حڪمراني آهي.مستقبل جو رستو ان ئي وقت ٺهندو، جڏهن ٽيلِي ميٽري سسٽم حقيقي، تصديق لائق ۽ عام دستياب هوندو، اِنڊس رور سسٽم اٿارٽي (اِرسا) کي صوبن جو اعتماد حاصل هوندو، ۽ واپڊا قومي پاليسين جي پيروي ڪندي آبپاشيءَ کي اوليت ڏيندو.جيڪڏهن حڪمت، اتحاد ۽ شفافيت سان سنڀاليو ويو ته اهو ئي پاڻي قومي ايڪتا، مضبوطي، ۽ خوشحاليءَ جو بنياد بڻجي سگهي ٿو۔