سنڌي اَدب جي گُلرنگ چَمن ۾ ڇَٽيھن خوبصورت گُلن جو اِضافو ڪندڙ محمد علي پٺاڻ کي سِنڌ ۽ ھِند ۾ ڪير نٿو سُڃاڻي؟سنڌي ٻوليءَ جو ھي خاموش خدمتگار ۽ برجستو اَديب گذريل اَڌ صديءَ کان گلشنِ اَدب جي آبياري ڪندو اچي.اَدب جي چمن ۾ جيترا گُل محمد علي پٺاڻ پوکي چُڪو آھي، ٺيڪ ايترا ئي تخليقي رابيل اڃا به وٽس موجود آھن. دعا آهي ته ھن مَھان مالھيءَ کي وڌ ۾ وڌ گُل گُلزاري ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
محمد علي پٺاڻ جي شاعري برابر 11ھن ڪتابن تي ٻڌل آھي، پر حقيقت ھي آھي ته سندس سڀ کان وڏي سُڃاڻپ ڪھاڻي نويسي ۽ مضمون نِگاري آھي. انھن ئي صنفن جي ڪتابن تي کيس مڃتا ايوارڊ به ملي چُڪا آھن. انھي ڳالھ ۾ ڪو به شڪ نه آھي ته ھُن اَدب جي وڌ ۾ وڌ صنفن تي قلم رَسائي ڪئي آھي. ۽ ھر صنف ۾ ڪامياب رھيو آھي، پر آئون کيس صلاح ڏيندس ته ھاڻ مضمون نويسي، ڪالم نگاري ۽ ياد ڪَٿا جي موضوعن کي ترجيح ڏي ۽ گاھي بَگاھي دل جي چوڻ تي کٿوري خوشبو لاءِ ڪَوِتا ڪَليون به آڻيندو رھي.
محمد علي پٺاڻ جو ھي ڪالم نگاريءَ تي پھريون ڪتاب آھي جيڪو ھن ئي سال يعني 2025ع ۾ "مُرڪ پبليڪيشن ڪراچي” پاران ڇپيو آھي. منجھس 21 ڪالم ڏنا ويا آھن، ھي اُھي ڪالم آھن جن مان پھريان ڇهه روزاني عوامي آواز ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيا. مُصنف ھن ڪتاب جو انتساب ڄاتل سُڃاتل صحافي ۽ ڪالم نگار زرار پيرزادي جي نانءُ ڪيو آھي ۽ ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل سينئر صحافي جاويد مھر جو تحرير ڪيل آهي.
محمد علي پٺاڻ جي ھن ڪتاب جو مُھاڳ محمد يعقوب سومري جو لکيل آھي، جڏھن ته پيش لفظ پروفيسر مُختيار سَمي جا تحرير ٿيل آهي. ٽيون ليک ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جو آھي ۽ چوٿون ڄام جماليءَ جو انگلش ۾ لکيل آھي. جيڪو ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل آھي. اھڙي ريت علي بخش پٺاڻ جا تاثرات به مختصر راءِ جي صورت ۾ ڪتاب ۾ شامل آھن.
ڪالم نگاريءَ کي صحافتي اَدب جو حصو شمار ڪيو وڃي ٿو. ڪالم اخبارن ۾ ملڪي يا بين الاقوامي سياسي سماجي منظر نامي طور ڇپجن ٿا. ڏٺو وڃي ته ڪالم به دراصل مضمون ئي آھن جيڪي فوري تجزيي طور لکيا وڃن ٿا ۽ انھن ۾ پنھنجي راءِ جو اظهار به ضرور ڪيو وڃي ٿو. ڪالم نگاريءَ جي شروعاتي دور ۾ صرف سينئر ۽ صاحبِ راءِ صحافي ئي ڪالم لکندا ھئا. پر اڳتي ھلي ھن صحافتي صنف جي دائري ۾ ڪافي وُسعت پيدا ٿي، ۽ صحافين سان گڏ اديب، عالم، شاعر، دانشور ۽ سياسي توڙي سماجي مُدبر به ڪالم لکڻ لڳا ۽ صحافتي ذائقي تائين محدود ڪالم ۾ اَدبي ۽ سياسي چاشني به پيدا ٿي ۽ اڄ اِھو عَالم آھي ته اڪثر ماڻھو پنھنجي پسنديده ليکڪ ۽ صحافيءَ جا ڪالم پڙهڻ لاءِ ئي اخبار خريد ڪندا آھن. ھاڻ اوھين خود اندازو لڳايو ته ڪالم نگاري ڪيتري مقبول ۽ سگھاري صِنف بڻجي چڪي آھي. پنجاھ سَٺ سال کن اڳ واري سنڌ جي صحافتي ۽ اَدبي تاريخ تي نظر وجهي ڏسو ته تڏهن به اسان وٽ ڪالم نويسي ڪمال درجي تي پھتل ھئي. "نَعرۂ مَستانه” جي عنوان سان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪالم، عزيز الرحمان ٻگهيي جو ڪالم "گامونءَ جا گُفتا”، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ڪالم "جيڪي ڏٺو مون” ۽ امر جليل جو ڪالم "تنھنجون منھنجون ڳالھيون” ڪنھن کان ڳجھا آھن. ھاڻ ته صحافين کان وڌيڪ اَديبن ۽ سياسي سماجي دانشورن جي وڏي کيپ ھن ميدان ۾ لٿل آھي. جڏھن ته وڏي آسانيءَ سان لکندڙن کي به ڪالم لکڻ جي اجازت به ملي ويل آهي. جنھن ڪري اَدب جي ڪافي صنفن وانگر ڪالم نويسيءَ جي اڳوڻي معيار کي به ڪجهه ڌڪ رَسيو آھي.
ڪالم جي صحافتي زندگي ڀلي ڏينھن واري ھجي پر اَدبي رَنگ ڍنگ وارا ڪالم پَئي پراڻا نٿا ٿين. اِھو ئي سبب آھي جو اھڙا ڪالم اڳتي ھلي جڏهن ڪتابي صورت ۾ اچن ٿا ته پنھنجي اھميت ۽ معيار کي برقرار رکن ٿا.محمد علي پٺاڻ جا ڪالم پڻ ان ڪيٽيگريءَ ۾ اچن ٿا. پٺاڻ صاحب اَدب جي ٻين صنفن وانگر ڪالم نگاريءَ ۾ به پاڻ ملھايو آھي. وٽس وڏي تعداد ۾ ڪتابي صورت م ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ ڪيترائي ڪالم پيل آھن، جن مان ايڪيھن ڪالمن جو انتخاب ڪري ھن "ڏيئي ھيٺان اُوندھ” جي نالي سان ڇپرايا آهن. جن جو تفصيلي تجزيو ته ھن جائزي جي گنجائش کان مٿي جي آھي ۽ ٻيو ته ڪتاب ۾ شامل اَديبن ۽ دانشورن به پنهنجن مضمونن ۾ سندس ڪالم نگاريءَ تي ڪافي روشني وڌي آھي، تنھنڪري آئون مختصر طور اِھو چوڻ تي اڪتفا ڪندس ته محمد علي پٺاڻ جا ڪالم ٻولي، فن، فڪر ۽ اَدبي رَنگ ڍنگ جي لحاظ کان اعليٰ معيار جا آھن. جن م زندگيءَ جي سڀني ننڍن وڏن شعبن مثلن سياست، سماجيات، اَدب، تعليم ۽ اقتصاديات وغيره اچي وڃن ٿا. سو اھي ڪالم زندگيءَ جي ھر رُخ جو احاطو ڪن ٿا. جن ۾ سڀ کان وڏي ۽ اھم ڳالھہ اھا ته محمد علي جي ڪالمن ۾ تنقيدي ۽ طنزيه پھلو گهڻو نمايان نظر اچي ٿو ۽ اھا ئي خوبي ڪالم جو رُوح ھوندي آھي.
آخر ۾ اھو چوڻ ۾ آئون پاڻ کي حق بجانب سمجهان ٿو ته ڪالمن جو ھي ڪتاب ھڪ اَدبي تاريخي دستاويز پڻ آهي. ڇو ته ھي ھڪ اَديب جي قلم مان نڪتل تحريرون آھن.اُميد ته محمد علي پٺاڻ جي ٻين ڪتابن وانگر ھن ڪتاب کي به خوب تحسين ۽ مڃتا ملندي.