ڪي بي رند جي موڪلاڻي

تحرير: الماس خواجه

جيڪڏهن ڪنهن هڪ شخصيت کي سنڌ جي انتظامي تاريخ ۾ پيشيوراڻي ايمانداري، قومي سچائي ۽ عوامي خدمت جي علامت طور پيش ڪيو وڃي، ته اها بنا ڪنهن شڪ جي ڪي بي رند جي شخصيت هوندي. هن نالي سان ڳنڍيل يادون هر ان ماڻهو جي دل ۾ محفوظ آهن، جيڪو کيس پنهنجي خدمت دوران مليو يا سندس فيصلا محسوس ڪيا.

سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري ڪي. بي رند جو پورو نالو قلي بخش ولد حاجي غلام نبي رند آهي. سندس جنم 15 نومبر 1951ع تي نوابشاهه ۾ ٿيو. سندس تعليمي قابليت ايم. اي (آنرز) ۽ ايم. ايس. سي (ڊفينس اسٽريٽجڪ اسٽڊيز) شامل آهن. ڪي. بي. رند، سنڌ جي ڪيترن اهم کاتن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڪيترن کاتن جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. هن هميشه قانون ۽ ميرٽ جي بالادستي ۽ ڪم جي تڪڙي اڪلاءَ کي ترجيح ڏني.هن سرڪاري ملازمت جو آغاز 1975ع کان ڪيو ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڪمشنر ٿي رهيو. ان کان سواءِ علمي ۽ ادبي پروگرام پڻ منعقد ڪرائيندو رهيو.

ڪجهه عرصو بلوچستان جو چيف سيڪريٽري به رهيو، جنهن کانپوءِ ڪي بي رند 2011ع ۾ رٽائرڊ ٿي ويو، سندس شمار سنڌ جي قابل، باصلاحيت، ڄاڻو ۽ ايماندار ڪامورن ۾ ٿئي ٿو.

چيف سيڪريٽري سنڌ طور ڪي بي رند انتظاميا ۾ شفافيت، جوابدهي ۽ عوام دوست پاليسيون نافذ ڪيون، سنڌ جي ترقياتي منصوبن، خاص طور تي زراعت، صحت، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ سندن ويزن بنيادي تبديليون آنديون. هو بي مثال هو، جيڪو سياسي دٻاءَ کان مٿانهون ٿي فيصلن تي عمل ڪندو ۽ ڪرائيندو هو.

ڪي بي رند کي هڪ نظرياتي اڳواڻ طور پڻ ياد رکيو ويندو. ڪي بي رند جي وڇوڙي سان رڳو هڪ فرد نه پر هڪ دور، هڪ طرزِ فڪر، هڪ نظام پڄاڻي تي پهتو. هو ادارن کي صرف هلائڻ وارو نه، پر انهن کي سڌارڻ ۽ ٺاهڻ وارو هو. سندس وڇوڙو نه رڳو خاندان، دوستن ۽ ساٿين لاءِ، پر سڄي سنڌ لاءِ هڪ وڏو نقصان هو.

ڪي بي رند، پنهنجي سادگي، ايمانداري ۽ فرض شناسي سان سنڌ جي انتظاميا کي هڪ نئون رخ ڏنو. اڄ جڏهن سڄي دنيا ۾ انتظامي ادارا ساک وڃائي رهيا آهن، اتي ڪي بي رند جهڙن بي داغ آفيسرن جي ياد اسان لاءِ مشعل راهه آهي. سنڌ کين ڪڏهن به وساري نه سگهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.