حڪومت بجلي چوري جو ٽوڙ ڪڍي ورتو، ٽرانسفارمر ”آن آف“ سسٽم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بجلي جي ٽرانسفارمرز کي آن ۽ آف ڪرڻ جو نئون نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته نئين نظام تحت بجلي چوري ڪندڙ علائقي جو سڄو فيڊر بند ڪرڻ بدران رڳو لاڳاپيل ٽرانسفارمر بند ڪري سگهيو ويندو.
قومي اسيمبلي جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي اويس لغاري چيو ته ٽرانسفارمر سطح تي لوڊشيڊنگ جو نظام ايندڙ سال اپريل يا مئي تائين ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت آندو ويندو.
هن چيو ته ملڪ ۾ 14 هزار فيڊرن مان ساڍا 3 هزار فيڊرن تي بجلي چوري ۽ لائن لاسز سبب لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڊسڪوز جو نظام اوورلوڊ ٿي چڪو آهي. انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ لڳ ڀڳ 200 ارب رپين جي سيڙپڪاري گهربل آهي.
وفاقي وزير چيو ته ڊسڪوز جي نظام ۾ مبينا ملي ڀڳت سبب ڊمانڊ نوٽس ۾ لوڊ گهٽ لکيو وڃي ٿو، جنهن سبب بجلي جو نظام وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي.
اويس لغاري موجب، بيٽريز جي استعمال ۾ واڌ شروع ٿي چڪي آهي ۽ واهپيدارن کي رات جي وقت پنهنجي پيدا ڪيل بجلي استعمال ڪرڻ جي سهولت ڏيڻ لاءِ ڊسڪوز کي بيٽري سسٽم جي انسٽاليشن بابت هدايتون ڏنيون ويون آهن.
اجلاس دوران ڪميٽي ميمبر رانا محمد حيات پاور لوڊشيڊنگ ۽ وڌندڙ بجلي جي بلن تي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته عوام لاءِ بجلي جا بل برداشت کان ٻاهر ٿي ويا آهن.

You might also like