صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ ايراني حمايت يافته حوثي باثين دعويٰ ڪئي آهي ته هنن سعودي عرب ۾ آرامڪو جي ٿاڪن ۽ خميس مشيط ايئربيس خلاف ٻه الڳ الڳ فوجي ڪارروائيون ڪيون آهن.
اربع ڏينهن يمن جي راڄڌاني صنعا مان جاري ڪيل حوثي باغين جي هٿياربند فوج پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ” تازيون ڪارروائيون يمن خلاف سعودي قيادت ۾ جاري فوجي مهم ۽ ناڪابندي جي جواب ۾ ڪيون ويون آهن.“
بيان موجب، پهرين ڪارروائي ۾ ينبع ۾ قائم سعودي آرامڪو جي انفرااسٽرڪچر کي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ٻي ڪارروائي ۾ خميس مشيط ايئربيس تي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا.
حوثين پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ٻنهي حملن ۾ هدفن کي سڌو نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي نقصان ٿيو.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته يمن جون هٿياربند فوجون سعودي عرب اندر هدفن خلاف ڪارروائيون جاري رکنديون ۽ اهو سلسلو ان وقت تائين جاري رهندو، جيستائين يمن خلاف فوجي ڪارروائيون ۽ ناڪابندي ختم نه ٿيندي.
You might also like