لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته پگهار وٺندڙ سرڪاري ملازمن کي آئيني طور سول ايوارڊ لاءِ نااهل قرار نٿو ڏئي سگهجي.
سرڪاري ملازمن ۽ پبلڪ آفيس هولڊرز کي پبلڪ سروس جي بنياد تي سول ايوارڊ ڏيڻ خلاف درخواست تي جسٽس احمد نديم ارشد 11 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
فيصلي موجب، آئين ۾ پبلڪ سروس کي رڳو بنا معاوضي يا رضاڪاراڻي خدمتن تائين محدود نه ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري پگهار وٺندڙ سرڪاري ملازمن کي آئيني طور سول ايوارڊ لاءِ نااهل قرار نٿو ڏئي سگهجي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن سرڪاري عهدي يا ملازمت تي هجڻ پاڻمرادو ڪنهن شخص کي سول ايوارڊ جو حقدار نٿو بڻائي. پاڪستان سول ايوارڊز لاءِ پبلڪ سروس هڪ الڳ شعبو آهي، جڏهن ته پبلڪ سروس لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي نامزدگي جو لاڳاپيل ادارو مقرر ڪيو ويو آهي.
عدالت چيو ته درخواست ۾ گهريل رليف قانوني طور ناقابلِ قبول ۽ قابلِ عمل ناهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست کي شروعاتي مرحلي تي ئي خارج ڪري ڇڏيو.
You might also like