ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ پوليو خلاف اهم اڳڀرائي ٿي آهي، 2024ع ۾ 23 ۽ 2025ع ۾ 9 ڪيسن جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال هينئر تائين رڳو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، جڏهن ته ماحولياتي نگراني مان وائرس جي پکيڙ ڪجهه هاءِ رسڪ علائقن تائين محدود ٿيڻ جا اشارا ملي رهيا آهن.
سنڌ پوليو ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته پوليو جو هڪ ڪيس به هڪ ڪيس وڌيڪ آهي، تنهنڪري 21 کان 27 سيپٽمبر تائين ٿيندڙ ماتحت قومي حفاظتي ٽُڪا مهم کان اڳ ويڪسينيشن، نگراني ۽ ڪميونٽي سان رابطن جون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن.
اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته سنڌ ۾ هلندڙ سال پوليو جو هڪ ڪيس 10 فيبروري تي سجاول مان رپورٽ ٿيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ 2026ع دوران هينئر تائين وائلڊ پوليو وائرس جا رڳو 3 ڪيس سامهون آيا آهن.
اختيارين موجب، سنڌ ۾ هاڪاري ماحولياتي نگراني وارن هنڌن جو انگ مارچ 2025ع ۾ 29 مان گهٽجي آگسٽ 2026ع ۾ 5 ٿي ويو آهي. ڪراچي کان ٻاهر نگراني جا سمورا 14 هنڌ هن وقت ناڪاري آهن، جڏهن ته ڪراچي جي 15 مان 6 هنڌ اڃا هاڪاري آهن.
مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته ڪراچي ۽ ٻين هاءِ رسڪ علائقن ۾ ويڪسينيشن ۽ نگراني وڌيڪ تيز ڪئي وڃي، ويڪسينيشن کان رهجي ويل ٻارن، انڪار ڪندڙ والدين ۽ انتظامي خامين بابت زيرو ٽالرنس اختيار ڪئي وڃي، جڏهن ته لڏپلاڻ ڪندڙ آبادي ۽ گهٽ سهولتن وارن علائقن ۾ معمول جي ويڪسينيشن جي ڪوريج بهتر بڻائي وڃي.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته جولاءِ جي مهم کانپوءِ ويڪسينيشن کان رهجي ويل ٻارن لاءِ 10 ڏينهن واري خاص مهم دوران 146 هزار 149 رهجي ويل ٻارن مان 23 هزار 500 کان وڌيڪ ٻارن کي بعد ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويا.
اجلاس ۾ 21 کان 27 سيپٽمبر تائين ٿيندڙ مهم جون تياريون پڻ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جنهن دوران سنڌ ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا.
مهم ۾ 80 هزار کان وڌيڪ فرنٽ لائن ورڪر حصو وٺندا، جڏهن ته سيڪيورٽي لاءِ 26 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.
وڏي وزير چيو ته سنڌ پوليو کان پاڪ مستقبل لاءِ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، پر وائرس جي منتقلي مستقل طور تي روڪڻ تائين هر کاتي، ضلعي انتظاميا ۽ فرنٽ لائن ورڪر کي مڪمل ڌيان سان ڪم جاري رکڻو پوندو.