اسرائيل ــ ايران جنگ اڄ پنجين ڏينهن ۾ داخل ٿي چُڪي آهي. مون ترتيب جي لحاظ کان اسرائيل جو نالو اڳ ۾ انڪري لکيو آهي، ڇاڪاڻ ته حملي جي اڳرائي اسرائيلَ ڪئي آهي ۽ کيس هن وقت تائين پنهنجي توڙي دنيا جي توقع کان وڌيڪ زَبرو جواب ملي چڪو آهي. ڪلهه صبح سوير ايرانَ، اسرائيل تي 100 جي لڳ ڀڳ ميزائيل ڪيرايا، جن ۾ اسرائيل جا ڪيترائي ماڳ نشانو بڻيا ۽ 8 ماڻهو مارجي ويا. منجھند واري پهر ۾ ٻنهي ملڪن هڪٻئي تي وڌيڪ فضائي حملا ڪيا. جمعي 13 جون کان جاري هنن حملن ۾ هن وقت تائين ايران ۾ گهٽ ۾ گهٽ 224 عام شهري ۽ اسرائيل ۾ گهٽ ۾ گهٽ 24 ماڻهو مارجي چڪا آهن. ٽيون ڏينهن، يعني آچر تي اسرائيلَ، ايران تي حملا ڪندي سندس ميزائل لانچ ڪرڻ واريون جايون نشانو بڻايون ۽ ’پاسدارانِ انقلاب اسلامي‘ (آءِ جِي آر سِي) جي انٽيليجنس يونٽ جي سربراهه کي ماري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ايران اسرائيل تي نون حملن جي لهر شروع ڪئي.
اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته هن ايران جي گاديءَ واري شهر تهران جي مٿان فضائي ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. ڪلهه شام 5:00 لڳي ڌاري اسرائيلي وزيرِ دفاع جو بيان آيو ته ”تهران جي رهواسين کي نقصان رسائڻ جو ڪو ارادو ناهي.“ ۽ وري ٻن ڪلاڪن اندر سندس بنهه متضاد بيان آيو، جنهن ۾ هن تهران جي رهواسين کي خبردار ڪيو ته کين ايران طرفان اسرائيلي شهرين تي حملن جي ’قيمت چُڪائڻِي پوندي، تنهنڪري ايرانِي شهري تهران ڇڏي وڃن.‘ ايران جي سرڪاري ترجمان فاطمه مهاجرياڻيءَ جو چوڻ هو ته ايراني عوام کي شهر ڇڏڻ وارا اسرائيلي پيغامَ ”دشمن جي نفسياتي جنگ“ جو حصو آهن; جن تي ڪن ڏيڻ جي ضرورت ناهي. هن اها به تصديق ڪئي ته ايران ۾ ’سائيبر حملن‘ سبب ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار ڍَرِي ٿي وئي آهي. اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ کانپوءِ ٻن ڏينهن کان عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ پڻ واڌ آئي آهي.
اها ڳالهه ته عالم آشڪار آهي ته اسرائيل اها پنهنجي جنگ ڪونه پيو وڙهي، بلڪه امريڪا جي ’فرينچائيز‘ طور وچَ اوڀر مان اهي شعلا پيو اوڳاڇي. ايران کي هر قسم جو ٿورو يا گھڻو نقصان پهچڻ جي صورت ۾ اسرائيل کي سنئون سڌو ايترو فائدو ڪونه پهچندو، جيترو امريڪا کي! سو اها راند پَڌري پٽ آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ پري هجڻ جي ڪري پنهنجي بندوق جي ڊگِھي نالِي وچ اوڀر تائين ڇڪي، ’نيتن ياهوءَ‘ جي ڪُلهي تي رکي، ان مان ايران تي بارود جي بارش ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سڄو اسلحو واشنگٽن جو پيو استعمال ٿئي. ٻي ڳالهه اها به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته ايران اڪيلو ’دنيا جي سڀني کان وڏي داداگير‘ سان مدِ مقابل ٿيڻ جي شايد قابل نه هجي ها، جيڪڏهن کيس ”ٻن اهم ۽ طاقتور ملڪن“ جي ڳُجھي ٽيڪنالاجيڪل، اسٽريٽيجڪ توڙي هٿيارن جي مدد حاصل نه هجي ها! بين الاقوامي تعلقات جي ماهرن توڙي دفاعي ماهرن جي راءِ ۾ اهي ٻه ملڪ روس ۽ چين آهن، جيڪي ”بغضِ معاويه“ ۾ ئي سهي، پر ايران سان گڏ آهن ۽ سندس سهڪار ۾ پيش پيش آهن. جن جو ايران کڻي براههِ راست دوست نه به هجي، پر ”دشمن جي دشمن“ جو رشتو دوست کان وڌيڪ گَهِرو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي جو مقصد ان گڏيل دشمن کي مات ڏيڻ هوندو آهي.
امريڪا، اسرائيل رستي ايران سان ويڙهه ڇو ٿو ڪري؟ ۽ ان جا منجَھس ڪهڙا مفاد آهن؟ هڪ ته ايران جو جوهري پروگرام ڪنهن به طرح سان امريڪا کي ڀانءِ نٿو پوي ۽ هو ڪڏهن به نه چاهيندو ته ڪو ننڍو ملڪ، سو به اوڀر سان تعلق رکندڙ اهڙو ملڪ، جنهن سان امريڪا جا تعلقات اڪثر خراب رهيا آهن، اهو پنهنجي دفاع لاءِ دنيا جي وڏي ۾ وڏي هٿيار جو مالڪ ٿي وڃي. اوهانکي ياد هوندو ته مهينو کن اڳ امريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جڏهن سعودي ۽ وچ اوڀر جي دؤري تي آيو هو ته ان کان اڳ ئي اهو ڏونڪو وڄائيندو آيو هو ته ايران، پنهنجي ائٽمي پروگرام جي حوالي سان اسان سان ڳالهيون/ معاهدو ڪري. جنهنجو مطلب آهي ته جيڪڏهن ايران پنهنجي ائٽمي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان صفا نٿو مُڙي، ته پوءِ هُو اسانجي شرطن تحت پنهنجي سِرَ تي طاقت توڙي دفاع جو اهو تاج سجائي، جنهن معاهدي ۾ ظاهر آهي ته اهڙا شرط شامل ڪيا وڃن ها، جيڪي امريڪا جي مفاد ۾ هجن ها ۽ ايران ائٽمي طاقت بڻجڻ باوجود بيوس هجي ها ۽ ڪوبه قدم کڻڻ کان اڳ ۾ واشنگٽن طرف ڏسي ها، جيڪو يقيني طور موجوده ايراني ’رِجيم‘ لاءِ ته قابلِ قبول هرگز نه هجي ها. انڪري امريڪا جو هن وقت وڏي ۾ وڏو مقصد ايران ۾ حڪومت جي تبديلي ۽ ان تبديليءَ بعد افغانستان جيان اتي اهڙي حڪومت آڻڻ آهي، جيڪا سنئين سڌي مغربي رموٽ ڪنٽرول تحت هلي ۽ ايران هڪ طرح سان اولهه (خاص طور امريڪا) جي ڪالوني بڻجي وڃي. اها ڪوشش امريڪا ڪو پهريون دفعو ڪونه پيو ڪري، پر لاڳيتا 8 سال جاري رهندڙ ايران ــ عراق جنگ رستي هُو اها ڪوشش اڳ به ڪري چڪو آهي، جنهن مان کيس وريو ڪجھه به ڪونه هو! اسرائيل به وڏي عرصي کان ايران ۾ ’رِجيم‘ مَٽائي وري شهنشاهيت آڻڻ چاهي ٿو. ايران واسين منجھان به اٽي ۾ لوڻ برابر ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي پڻ پنهنجي ملڪ ۾ شهنشاهيت جي بحاليءَ جا خواهشمند آهن. اهو دراصل اوڀر (امريڪا ۽ برطانيه) جي ”يُوني پولر گريٽ گيم“ واري منصوبي جو حصو آهي. هيءَ جيڪا پنجن ڏينهن کان جنگ جاري آهي، امريڪا صاحب بهادر سميت پورو اولهه بلاڪ ان جو غور سان مشاهدو ڪري ان جا نتيجا جاچي رهيو آهي، ته جيئن انهن جي روشنيءَ ۾ ايندڙ حڪمتِ عملي طئي ڪري سگھجي. کين خاصي اميد آهي ته هو تازن حملن سان ايران کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري وٺندا ۽ پوءِ اتي امريڪا پنهنجي مرضيءَ جي حڪومت آڻي سگھندو.
هاڻي جيڪڏهن پنهنجي ”ڳُجھن مددگار ملڪن“ رستي ايران هلندڙ جنگ ۾ هر حملي جو جواب ايئن ئي ڏيندو رهيو، جيئن گذريل چئن ڏينهن کان ڏئي پيو ۽ بنا ٿڪجڻ جي جيڪڏهن هيءَ جنگ ڊيگھه ٿي پڪڙي ته ان جو فائدو يقيناً ايران کي ئي ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ايران جي جاگرافيائي بيهڪ (۽ ان بيهڪ ۾ سندس ٻنهي ساٿي ملڪن جو سندس پاڙيسري هئڻ) انتهائي اهميت جو حامل آهي، جنهن ’جِيو اسٽريٽيجڪ‘ صورتحال جو سنئون سڌو اثر جنگ جي نتيجن تي پوندو، ڇاڪاڻ ته اسرائيل اڪيلي سر 2 هزار 315 ڪلوميٽرن تي بيٺل ٽن دشمنن سان وڙهندي وڙهندي جلدي ٿڪجي پوندو، جڏهن سندس مُک معاون (سندس ڪُلهي تي بندوق رکندڙ) کانئس 9 هزار 575 ڪلوميٽر پري هجي، جيڪو فوري طور سندس ڦَٽَ اُگھڻ به نه پهچي سگھي!
۽ اها به ياد رکڻ جهڙي حقيقت آهي ته ايران وٽ آخري ڪارڊ جي طور تي ”آبنائي هرمز“ (Strait of Hormuz) کي بند ڪرڻ وارو آپشن به موجود آهي، جنهن طرف جيڪڏهن ايران ويو ته هو پوري يورپ جو ساهه ٻُوساٽي سگھي ٿو. ”آبنائي هرمز“ ايران ۽ عمان جي وچ ۾ واقع 33 ڪلوميٽر سوڙهِي سامونڊي گھٽي ۽ هڪ اهم بحري رستو آهي، جيڪو ”خليجِ فارس“ (ايراني سمنڊ) کي عربي سمنڊ سان ملائي ٿو. هي لنگھه دنيا جي تيل جي واپار لاءِ انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا جي ڪُل تيل جي پيداوار جو لڳ ڀڳ پنجون حصو تيل ان سامونڊي گَسَ مان لنگهي ٿو ۽ ايران، سعودي عرب، عراق، ڪويت، قطر ۽ ٻين خليجي ملڪن جي تيل جي برآمد لاءِ هي رستو انهن جي حياتيءَ جي حيثيت رکي ٿو. گڏوگڏ فوجي، اقتصادي ۽ سياسي لحاظ کان به ”آبنائي هرمز“ انتهائي حساس گَھٽُ آهي، خاص طور تي ايران ۽ امريڪا جي هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ ان جو وڏو ڪردار ٿي سگھي ٿو ۽ ان کي ايران پاران بند ڪرڻ، يورپ، برطانيه ۽ امريڪا جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ برابر هوندو. انڪري اسرائيل جلدي هن جنگ جو ڊرامو بند ڪرڻ چاهيندو ۽ جنگ بنديءَ طرف وڃڻ جي ڪندو; ڇاڪاڻ ته امريڪا ۽ اسرائيل ڪڏهن به نه چاهيندا ته ايران ان آپشن تائين پهچي.
اوهان گذريل ٻن ڏينهن کان ٽرمپ پاران به جنگ بنديءَ جي معاهدي جي خواهش وارا بيان ٻُڌا هوندا. اهو ايئن ئي آهي ته اوهان ٻن ننڍن ملڪن کي پاڻ ۾ ڄاڻي واڻي ويڙهائي، پوءِ وڏي واڪي چئو ته ”ٺاهه ڇو نٿا ڪريو! الاهي نقصان ٿي ويو آ! ٻيلي ڏاها ٿيو!“ جڏهن ته ايران، قطر ۽ عمان کي جنگ جي حالت ۾ ڳالهيون ڪرڻ کان ٺُپ جواب ڏئي چُڪو آهي. جنگبنديءَ جي اهڙي تلقين ٻنهي ملڪن کي چين به ڪري چڪو آهي ۽ روس پاران پيُوٽن ته ان ڏس ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ به ڪري چڪو آهي. ڊونالڊ ٽرمپ جي جنگ بنديءَ جي اهڙي خواهش وارن ڊڪوسلا بيانن توڙي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائيءَ کي اسرائيل پاران مارڻ واري منصوبي جي مخالفت پٺيان هڪ ٻيو اهم عنصر اِهو به آهي ته ٽرمپ هن سال امن جو نوبل انعام حاصل ڪرڻ لاءِ ڏهن ئي آڱرين جا زور لائي ’نوبل فائونڊيشن‘ اندر ڀرپور ’لابنگ‘ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. هو تازو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ بندي ڪرائڻ جو اڳواٽ ئي ڪريڊٽ کڻي ان جي منادي ڪري چڪو آهي ته ’مون ٻن ائٽمي قوتن جي وچ ۾ ممڪنه جوهري جنگ ٽاري وڏي کيپ کٽي آهي ۽ پاڻ کي امن جو سفير ثابت ڪيو اٿم!‘ (جيتوڻيڪ اهو به اهم سوال آهي ته انهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ لڳي ڪنهن جي هُشيءَ تي هئي!) سو ٽرمپ هن اهم جنگ جي جنگبنديءَ جو ڪريڊٽ به زوريءَ پاڻ ڏانهن سوري ان کي پنهنجي نوبل پرائيز جي نامزدگيءَ واري ’سي ويءَ‘ (CV) ۾ اهم اضافي طور ڳڻائيندو ۽ لڳي ايئن ٿو ته ايندڙ ڪجھه ڏينهن ۾ جڏهن کيس پنهنجا مطلوبه مقصد حاصل ٿيندي نظر ڪونه ايندا ۽ ايران هن وقت تائين جي صورتحال جيان ٿڪجندي نظر نه ايندو، ته ٽرمپ وچ ۾ پئي، جنگ بنديءَ جي معاهدي جو پَٽڪو ٻڌندو ۽ پنهنجي نام نهاد ’امن جو سفير‘ هجڻ جو ڍَنڍورو پِٽيندو ۽ مبادا کيس چئن سابق امريڪي صدرن ــ ’رُوزو ويلٽ‘، ’وُوڊرو وِلسن‘، ’جِمي ڪارٽر‘ ۽ ’براڪ اوباما‘ جيان نومبر ۾ سندس مطلوبه انعام ملي به وڃي!