خواجه آصف جون ڳالهيون ٻڌو!

تحرير: وسعت الله خان

هڪ پاسي  وچ اوڀر جي تپش آخرڪار پاڪستان جي نوَ سئو نَو  ڪلوميٽر ڊگهي ايراني سرحد تائين اچي پھتي آهي. مٿان وري ڇاھتر سالن  جو خواجه محمد آصف اسان جو دفاع وارو وزير آهي.سائين جن  قومي اسيمبلي جي فلور تي تازو تازو  فرمايو آهي ته ‘جيڪڏهن مسلم دنيا متحد نه ٿي ۽ پنهنجي پنھنجي  ايجنڊا تحت پنهنجن مفادن جو تحفظ  ڪندي رھي، ته پوءِ سڀني جو وارو ايندو.’ گهڻا مسلمان ملڪ فوجي اعتبار کان  ڪمزور آهن. او آءِ سي جو اجلاس سڏائي، مسلمان ملڪن اھڙي حڪمت عملي ٺاهين جنھن سان اسرائيل جو مقابلو ڪري سگهجي.

فلسطين جي الميي تي  غير مسلم ضمير جاڳي رهيا آهن، پر مسلمانن جا نه. جن مسلمان ملڪن جا اسرائيل سان لاڳاپا آهن، اهي انھن لاڳاپن کي  ٽوڙي ڇڏين.جڏهن هندستان حملو ڪيو، ته اسان پنجوڻ تي وڏي دشمن کي مٽي ۾ رولي ڇڏيو.ايران جي ايٽيم ٺڪاڻن  کي نشانو بڻائڻ ۾ اسرائيل  اڪيلو نه آهي. ان کي هر قسم جو ڪوَر  مُهيا ڪيو ويو. اهڙن قدمن جي ضرورت آهي جنھن سان اسلامي دنيا جو  اتحاد نظر اچي.

 گانڌي کان ھڪ اولھھ جي صحافي پڇيو: ‘اولھھ جي تهذيب جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟’ گانڌي چيو، ‘اھو هڪ دلچسپ خيال آهي.’  عالم اسلام، عرب ليگ، او آءِ سي “دل ڪي بھلاني ڪو غالب يھ خيال اڇا ھئي“ اسان جو ملنگ مزاج  خواجه صاحب ڪنهن ٻئي کاتي جو وزير هجي ها، ته اسان ڪڏهن به هن  جي گوناگون  وزارتي مصروفيتن جي ڪري، ھن کان  عالمِ اسلام لي ليڊ ڪرڻ جي درخواست نه ڪريون ها. پر عالمِ اسلام جي  خوشقسمتيءَ  آھي جو اڄ ڪلھ ھو”اعزازي وزيِردفاع “ ھئڻ ڪري ٽوٽل واندو آھي.

”اعزازي وزيرِدفاع ؟“ جي  ها. پاڪستان ۾ وزير دفاع جي عزت ”چوکي“ ۽ ميز صاف.سويلين دور ۾ وزارت جو عملي بار  سيڪريٽري دفاع  ۽ آرمي چيف جي ڪلهن تي ئي ھوندو آهي.اڳوڻن دفاع  جي وزيرن پرويز خٽڪ، خرم دستگير خان، مير هزار خان بجاراڻي، نويد قمر، احمد مختار، سليم عباس جيلاني، رائو سڪندر اقبال، آفتاب شعبان ميراڻي، غوث علي شاهه، محمود هارون، علي احمد ٽالپور وغيره جي نالن سان تشفي ٿي ويندي يا اڃان پوئتي وڃان.خواجه صاحب  وزيرِ دفاع طور واندو ئي سھي، پر حڪمران مسلم ليگ (ن) اندر سندس ‘قلعو’ هميشه مضبوط آهي. پارلياماني حريفن کي ذو معني چرچن ۽ گوٻن  جي ميزائلن ذريعي رول ڏيڻ سبب خواجھ صاحب حڪمران پارٽي جو بازو شمشير زن آھي.

پاڻ، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ڪابينا ۾ 265 ڏينهن تائين پرڏيهي وزير پڻ رهيا. ان عرصي دوران، پرڏيهي آفيس  وارا  اھو سوچي سوچي پريشان ٿيندا ھئا تھ ڪٿي خواجه صاحب اوچتو حال ۾ اچي ھنن کي بي حال نھ ڪري ڇڏي.پر وزارت بدلجڻ سان ماڻھو تھ ڪونھ  بدلجندو. اھو تھ اسان کي معلوم آھي تھ اسان جي انتظامي ڍانچي ۾ وزيردفاع جي  ‘پوسٽ ماسٽر جنرل طور ‘ ڪھڙي  اهميت آهي، پر باقي دنيا ان ڪرسي تي ويٺل شخص جي هر ڳالھھ کي سنجيدگي واري  سمجھڻ جي عادي آهي.

هاڻي، جيڪڏهن ان منصب تي ويٺل شخص جنگ ھلندي  دعويٰ ڪري ته اسان  دشمن جي ٻن  پائلٽن کي جنگي قيدي بڻائي ورتو آهي ۽ ڪجهه ئي ڪلاڪن بعد ان دعويٰ کي دفاع جي وزارت جي ماتحت عام لاڳاپن وارو عسڪري شعبي ذريعي باضابطھ ترديد بھ ٿي وڃي، ته پوءِ  ٻڌايو ته دنيا ڪنهن جي مڃي؟ھن ئي پاڪستان هندستان جھيڙي  دوران، خواجه صاحب ھڪ غيرملڪي صحافي يلدا حڪيم.تي پنھنجي ڌاڪ ويھارڻ لاءِ ،جذباتي وھڪري ۾ چئي ڏنو تھ، ھا  اها ڳالھھ درست آھي تھ اسان ٽيهه سالن تائين دهشتگردي جي حمايت ۽ مدد ڪئي. پر اسان اولھھ ملڪن جو ‘ ڊرٽي ورڪ ‘ ڪري رهيا هئاسين.ان بيان جو پرڏيهي آفيس کي نوٽيس وٺڻو پئجي ويو ۽ انهن ‘ خواجگي فرمودات ‘ کي رياستي پاليسي جي بدران وزير دفاع جي ذاتي خيالن جو لفافو پارائڻو پيو. پر خواجه صاحب جي گجگوڙ ۽ چمڪ اڄ بھ ماشاءِ الله اھڙي جو اھڙي آھي.

شايد خواجه صاحب کي ياد هجي ته ڪجهه سال اڳ، ٻٽيهه اسلامي ملڪن  تي ٻڌل سپاھ  جو هڪ اتحاد قائم ٿيو هو، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر سعودي عرب ۾ هو، ۽ ان جو پهريون  سپھ سالار جنرل (رٽائرڊ) راحيل شريف هو.جيڪڏهن اها تصديق ٿي وڃي ته اھو فوجي اتحاد اڃا تائين قائم آهي، ته پوءِ خواجه صاحب کي سڀ کان پهرين جنرل راحيل سان رابطو ڪري پڇڻ گهرجي ته اوھان عالمِ اسلام جي ھن عظيم الشان سپاھ کي اسرائيل ۽ ان جي پٺڀرائي ڪندڙن جي مقابلي ۾ ڪيستائين  تيار ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهيو ؟

(بهتر ٿيندو ته جڏھن جنرل صاحب  موڪلن تي گهر اچي تڏھن اھا حساس گفتگو ڪئي وڃي)

خواجه صاحب جي ان تجويز سان ڀلا ڪنھن کي اختلاف ٿي سگهي ٿو ته جيڪي مسلمان ملڪ  اسرائيل سان سفارتي لاڳاپن ۾ آهن، گهٽ ۾ گهٽ اھي ئي احتجاج طور اسرائيل ۾ قائم سفارتخانن کي في الحال تالا ھڻي ڇڏين. انهن ملڪن ۾ بحرين ۽ گڏيل عرب امارات بھ شامل آهن.پر مشڪل ھي  آهي ته بحرين ۽ امارات ۾ لکين مسلمان ڪارڪن ڪم ڪري رهيا آهن.خواجھ صاحب  جيئن ته پاڻ بھ ڪنهن زماني ۾ امارات ۾ بينڪ ملازمت ڪندو رھيو آهي، تنهن ڪري کيس  چڱي طرح معلوم ھوندو  ته عربن کي ڪهڙي ڪھڙي صلاح ڪھڙي ڏينھن ڪھڙي پھر ڏيڻ مفيد آهي.

البتھ برادر  ترڪي سان ھنن ڏينھن  ۾ ايتري بي تڪلفي ضرور  آهي جو ان کي ئي درخواست ڪئي وڃي ته، توهان مناسب سمجهو ته، تل ابيب ۾ پنهنجو سفارتخانو بند في الحال بند ڪري ڇڏيو يا گهٽ ۾ گهٽ واپار بند ڪري ڇڏيو.

(ھونئين تھ مصر، سوڊان ۽ مراڪش کي به ڇيڙي سگھجي ٿو،پر ڇا فائدو آهي)

هاڻي توهان مان ڪو به اٿي کڙو ٿي،پڇي سگهي ٿو ته جيڪڏهن پاڪستان کي عالمِ اسلام جو ايترو ئي درد آھي ۽  بقول خواجه صاحب  تازو ئي پاڻ کان پنجوڻ تي وڏي ملڪ  ‘هندستان کي مٽيءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو آهي’، ته پوءِ مسلم دنيا جي اڪلوتي  ايٽمي طاقت جي طور تي پاڪستان  ان اتحاد جي قيادت جي لاءِ  پاڻ کي پيش ڇو نٿو ڪري؟هي سوال ھڪڙي ڪري هن وقت پڇڻ جو آھي تھ نھ . پر خواجه صاحب کي ڪجهه ملي يا نه ملي پر کيس نيت جو ثواب  ضرور ملندو.

جيڪڏهن پاڪستان جو معاشي هٿ تنگ نه هجي ها ۽ ان کي، آءِ ايم ايف ۽ دوست ملڪن جو ٿورائتو نھ رھڻو پئي ھا، ته پوءِ دنيا ڏسي ھا تھ  خواجه صاحب سفيد گهوڙي تي سوار 57 اسلامي ملڪن جي سپاھ جي قيادت ڪندي بذريعھ  ايران، عراق.اردن. رومي سمنڊ  جي ڪناري تايئن پھچڻ ۾ منٽ بھ نھ لڳائي ھا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.