ملڪ ۾ وفاق سميت سنڌ جي بجيٽ 2025- 26 پڻ پيش ٿي چڪي آھي بجيٽ جا انگ اکر مستقبل ۾ ڪيترا لاڀائتا ثابت ٿيندا يا بجيٽ جي ڪيل اعلانن مطابق عام ماڻھو کي ڪيترو ريليف ملندو اهو ته وقت ٻڌائيندو پر وفاقي بجيٽ ۾ مڙھيل ٽيڪس شديد تنقيد جو نشانو بڻجي رهيا آھن خصوصن فائلر ۽ نان فائلر وارن شرطن تي عام ماڻھو کان ويندي قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي ٿيندڙ بحث ۾ تنقيد سان گڏ دلچسپ تبصرا پڻ ٿي رهيا آھن ان کان علاوه بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن ۽ پينشرن کي جنهن ريليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي ان لاءِ چيو ويو ته اهو واڌ وڌندڙ مهانگائي جي تناسب سان ڪئي وئي آھي جيڪڏهن پگهارن ۾ مهانگائي جي تناسب سان واڌ ڪئي وئي آھي ته پوءِ سينيٽ چيئرمين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ به ساڳيو ئي قانون لاڳو ڇونه ڪيو ويو؟ جن جي پگهارن ۾ مبينا طور پنج سؤ کان ڇھ سؤ سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آھي سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جون پگهارون ٻن لکن مان وڌائي تيرنهن ساڍا تيرنهن لک روپيا ڪرڻ سان گڏ انهن جي ٻين الائونسن ۾ به ڇهھ کان ست لک روپيا واڌارو ڪري پگهارون ويهھ لک روپين تائين پهچايون ويون آھن، حڪومت لاءِ ٻن لکن کان وڌائي ويھ لک واڌ ڪرڻ تي ڪو مسئلو نه ٿيو، باقي مسڪين ملازمن کي ڏھ سيڪڙو ۽ پينشنرن کي ست سيڪڙو ڏيڻ تي اجلاسن ۾ بحث ڪرڻ عجيب آھي، جيڪو سنڌ حڪومت وڏي سخاوت جو مظاهرو ڪري هڪ سيڪڙو جي برتري کڻي هيٺئين گريڊ جي ملازمن جي پگهار 12 سيڪڙو ۽ پينشن اٺ سيڪڙو وڌائي آھي جنهن کي پڻ خزاني تي وڏي بار هجڻ جو جواز ڄاڻايو پيو وڃي.
ڏٺو وڃي ته اگر مهانگائي جي تناسب تي پگهارون وڌايون وڃن ها ته عام ماڻھو ۽ ننڍن ملازمن کان به پڇي ڏسن ها ته مهانگائي گهڻا سيڪڙو وڌي آھي؟ اهي ماڻهو ٻڌائين ها ته رڳو عام بخار ۽ کنگهھ جون دوائون گذريل سال جون جولاءِ ۾ پنجاھ کان سؤ روپين تائين ملنديون هيون سي به هن سال جون جي مهيني تائين 200 کان 350 يا ان کان به مٿي 400 سؤ روپين تائين به ملي رهيون آھن، دوائن جي قيمتن کان علاوه سبزين ۾ بصر ٽماٽا بسڪيٽ کير ڏهي فروٽ خشڪ ميوه ٻارن جي کائڻ وارين شين سميت ڊائپرز نمڪول جوس پيئڻ واري منرل واٽر پاڻي جي بوتل ڪولڊ ڊرنڪس کنڊ پتي گيھ آئل بجلي جو سامان سيمنٽ لوھ ميڪ اپ پلاسٽڪ جو گهريلو سامان مصالحه ڪپڙو جوتا اليڪٽرونڪس جون مختلف شيون مطلب ته زندگي جي ضرورتن جي هر هڪ شيءِ جا اگھ صرف هڪ سال ۾ ٻه سؤ کان ٽي سؤ سيڪڙو تائين وڌي ويا آھن پر حڪمران الائي ڪھڙن انگن اکرن ۾ ماڻھن کي منجهائي مهانگائي ست کان اٺ سيڪڙو وڌڻ جو جواز ڄاڻائي رهيا آھن جنهن تناسب سان سرڪاري ملازمن سميت پينشنرن کي پيڙھي رهيا آھن، جيڪڏهن مهانگائي واري تناسب کي ڏسنداسين ته بجيٽ پيش ٿيڻ ۽ ٽيڪس لڳڻ سبب صرف هڪ ڏينهن ۾ ئي سورنهن هزارن ۾ ملندڙ سولر پليٽ به ويهھ هزار جي ٿي وئي آھي، جڏهن ته اڃان ٽيڪس لڳو ئي ناهي مارڪيٽ ۾ پراڻو اسٽاڪ رکيل آھي ان باوجود اها حالت آھي، ڏسجي ته اڳتي عوام ڇا ڪھڙي حالت ڪئي ٿي وڃي، جڏهن ته اڃان بجيٽ پاس ٿي ناهي اها ته بحث ھيٺ آھي، پاس ٿيڻ ۽ نوٽيفڪيشن نڪرڻ کان پوءِ باقائده پهرين جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿيندي پر شين جا ريٽ بجيٽ پيش ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن کان ئي وڌڻ شروع ٿي ويا آھن ان کان علاوه سون تي سهاڳو اهو به ٿيو آھي جو حڪومت پاران گذريل ڏينهن پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن پڻ 5 کان 8 روپين جپ اضافو ڪيو ويو آھي جنهن سان عام طور مهانگائي جو طوفان ته ايندو ئي ايندو پر بي لغام ٽرانسپورٽر جيڪي اڳ ۾ حڪومتي قائم ڪيل ڪراين کان ڪيترائي فيصد وڌيڪ ڪرايو وٺي رهيا آھن، اهي پڻ پيٽرول ڊيزل جو اگھ وڌڻ جو جواز ڄاڻائي اڃان به ڪراين ۾ واڌارو ڪندا جنهن جو بار پڻ عام مزدور طبقي کان ويندي ننڍي گريڊ جي ملازمن ۽ پينشنرن مٿان ضرور پوندو جنهن جو اڳي وانگر هاڻ به شايد ڪٿي داد فرياد نه ٿيندو.
ان کان علاوه هن ملڪ جي مسڪين عوام لاءِ کوڙ سارا مسئلا آھن جن سان عام ماڻھو شديد متاثر ٿي رهيو آھي پر وقت جي حڪومت اهي مسئلا حل ڪرڻ ۾ نه ڪا دلچسپي وٺي رهي آھي ۽ نه ئي ڪو ڪٿي چيڪ اينڊ بئلنس وارو نظام قائم آھي جنهن سان ڪنهن کي ڪا ٿوري گهڻي ريليف جي اميد ٿي پوي ها جيڪو پڻ افسوسناڪ عمل آھي، هن سڄي صورتحال ۾ عوام جي سهولتن لاءِ جوڳا قدم کڻڻ سميت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري ۾ شامل هجڻ گهرجي جنهن سان عام ماڻھو کي ريليف ملي سگهي، مزدورن جي اجرت ۾ واڌارو ڪرڻ سميت ملازمن ۽ پينشنرن کي وڌيڪ ريليف ڏيڻ گهرجي جنهن سان هو به بهتر زندگي گذاري سگهن جڏهن ته ملڪ اندر تيزي سان وڌندڙ مهانگائي جي سببن ۽ ان جي ذميوارن کي به قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ لاءِ سخت قانون جوڙڻ گهرجن اگر قانون جڙيل آھن ته پوءِ انهن مطابق ئي ذميوارن کي سزائون ڏيڻ سان نه رڳو عام ماڻھو سک جو ساھ کڻي سگهي ٿو پر ملڪ جو ڦيٿو به آساني سان فري سگهي ٿو جنهن سان ترقي ۽ خوشحالي جو نئون دور شروع پڻ ٿي سگهي ٿو