چيو ويندو آهي ته ڊاڪٽر مسيحا هوندا آهن جيڪي انسانن جي تڪليفن مان جان آجي ڪرائيندا آهن انهن جي تڪليفن کي پنهنجي تڪليف سمجهندا آهن ۽ ڪافي اهڙا عظيم ڊاڪٽر به دنيا ۾ ٿي گذريا آهن جن کي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگهندي، هڪ طرف اهي ڊاڪٽر ته ٻئي طرف وري ڪجهه ڊاڪٽرن جي روپ ۾ اهڙا ڪاسائي به ويٺل آهن جيڪي معالج جي آڙ ۾ غريبن کي چيريندي ڦاڙيندي نظر اچن ٿا، ويجهڙ ۾ ئي هڪ غريب مزدور چمبڙ جي ڄارڪي اسٽاپ تي هڪ ڊاڪٽر جي پرائيويٽ اسپتال مان پنهنجي يارنهن مهينن جي معصوم پٽ جي مثاني جي آپريشن ڪرائي ڇو جو هن جو پيشاب بند هو،پر آپريشن غلط ٿيڻ سبب معصوم جي حالت اڃان وڌيڪ خراب ٿي وئي ،جنهن بعد شيخ ڀرڪيو جي مزدور اعظم ٽنگڙي پنهنجي گهرواري، پنهنجي امڙ سميت معصوم پٽ کي هٿن ۾ کڻي چمبڙ شهر ۾ احتجاج ڪيو،احتجاج ڪندي ان جو چوڻ هو ته منهنجي پٽ جو پيشاب بند ٿي ويو هو اسان چمبڙ جي ڄارڪي اسٽاپ تي موجود هڪ ڊاڪٽر جي پرائيويٽ اسپتال تي کيس وٺي وياسين جتي ان ڊاڪٽر چيو ته هن جي مثاني جو آپريشن ٿيندو، ۽ پوءِ آپريشن به ڪيائين، وري اڌڪلاڪ کن کان پوءِ آيو ۽ چيائين ته وري ٻيو آپريشن ٿيندو، وري ان جو ٻيو آپريشن ڪيائين پر ننڍڙي جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي، اسان وري ننڍڙي کي کڻي ڊاڪٽر وٽ وياسين ته هن چيو ته هن جو ٽيون آپريشن ٿيندو هن کي ٽنڊوالهيار کڻي هلو اتي به هڪ نجي اسپتال ۾ ڊاڪٽر هن جي آپريشن ڪئي پر پوءِ ننڍڙي جي حالت صفا خراب ٿيندي وئي جنهن بعد ڊاڪٽر اسان کي چيو ته اوهان حيدرآباد وڃو، اسان کيس چيو ته اوهان ٽي دفعا آپريشن ڪري هاڻي حيدرآباد وڃڻ جو چئو ٿا اهو ظلم اسان سان نه ڪيو اسين غريب آهيون ته ڊاڪٽر مڇرجي پيو ۽ پنهنجي عملي کي چيائين ته هنن کي ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو،جنهن بعد اسپتال وارن اسان کي ڌڪا ۽ گاريون ڏيئي ڪڍي ڇڏيو،هاڻ ننڍڙي جي ڪنڊيشن تمام گهڻي خراب ٿي چڪي آهي، پورهيت اعظم ٽنگڙي جي گهرواري روئيندي چيو ته اسين ڪنهن در دانهن ڏيون اسان وٽ ايترا به پئسا ناهن جو اسين ڪنهن پرائيويٽ اسپتال ۾ پنهنجي معصوم پٽ کي کڻي وڃون.
ڪالهه سوشل ميڊيا معرفت مونکي اها خبر پئي ته اهو معصوم غلط علاج سبب خالق حقيقي سان وڃي مليو آهي،مون انهيءَ مسئلي جي عوامي آواز اخبار کي نيوز موڪلي ۽ مختلف سائٽس تي به اها نيوز رکي ته ماڻهن ڪمينٽ ڏيڻ شروع ڪيا ته اسان جو فلاڻو مائٽ غلط آپريشن ٿيڻ ڪري مري ويو، ڳالهه جو مقصد ته هيترا هاڃا ٿيڻ جي باوجود به ڄارڪي اسٽاپ تي موجود انهيءَ اسپتال ۽ ڊاڪٽر خلاف ڪا به ڪارروائي ۽ انڪوائري ناهي ٿي،ڇا انهيءَ جو سبب اهو آهي ته انهيءَ اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي غلطين سبب مرندڙ طبقو غريب آهي.
آپريشن ٿيٽر اسپتال جو اهو اهم حصو هوندو آهي جتي مريضن جا آپريشن ڪيا ويندا آهن ۽ ان آپريشن ٿيٽر کي صاف رکڻ سان گڏوگڏ جراثيم کان به پاڪ رکڻو هوندو آهي، آپريشن ٿيٽر ۾ آپريشن دوران هڪ پروفيشنل ڊاڪٽر، اسسٽنٽ سرجن، انيسٿيزيالوجسٽ، سرجري نرس ۽ سرجري ٽيڪنيشن هوندو آهي،آپريشن ٿيٽر ۾ انيسٿيشيا مشين، آڪسيجن سسٽم، وينٽيليٽر، دل جي ڌڙڪڻ چيڪ ڪرڻ لاءِ مانيٽر، بلڊ پريشر مانيٽر ، پلز آڪسيميٽر،اوزارن کي جراثيم کان پاڪ ڪرڻ لاءِ اسٽريليئيزر، آپريشن لائٽ، هينڊ واش، هوندا آهن، پر چمبڙ جي ڄارڪي اسٽاپ تي موجود ان اسپتال ۾ اهڙي ڪا به سهولت ناهي،ايتري قدر جو آپريشن ڪرڻ لاءِ گهربل لائٽس به موجود ناهن.
ايترو ظلم هوندي تنهن ڪري جي موتن تي به صحت کاتو خاموش تماشائي بڻيل آهي، عام هاري، مزدور، پورهيتن جون دانهون ڪوڪون به صحت کاتي کي غفلت جي ننڊ مان سجاڳ ناهن ڪري سگهيون۔ مون جڏهن انهيءَ مسئلي کان پوءِ علائقي ۾ سروي ڪئي ته اهو حيرت انگيز انڪشاف ٿيو ته پهرين به ڪيترائي مريض ان اسپتال ۾ کلندي ويا هئا پر موٽ ۾ انهن جا لاش مليا ۽ انهن کي جيڪا رب جي رضا جو ورد ڪرائي خاموش ڪرايو ويو، غريب مزدورن کي هونئن به هيسايو ويندو رهيو آهي، ٿيڻ ته ائين گهرجي جو معصوم نينگر سميت جيڪي به غلط آپريشن ڪري فوت ٿيا آهن ان جي انڪوائري ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي۔