تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ايران سڄي ڏينهن جي اسرائيلي جارحيت کانپوءِ چوٿين ڏينهن به ”آپريشن وعده صادق 3“ تحت جوابي ڪارروائي ڪندي والاريل علائقن تي جديد بيلسٽڪ ميزائل هلائي ڇڏيا.
اسرائيلي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته بيلسٽڪ ميزائل فضائن ۾ آهن ۽ اسرائيل ڏانهن وڌي رهيا آهن، حيفه ۽ ٻين علائقن ۾ سائرن وڄائي شهرين کي محفوظ پناهه گاهن ڏانهن وڃڻ جي هدايت ڪئي پئي وڃي.
اسرائيلي فوج موجب ميزائل اتر اسرائيل جي مختلف علائقن تي ڪري سگهن ٿا، ميزائل حملن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي پر شهري ايندڙ هدايت تائين محفوظ پناهه گاهن ۾ هليا وڃن.
ايران جي جوابي ڪارروائي شروع، اسرائيل تي جديد بيلسٽڪ ميزائلن جو مينهن، سائرن وڄڻ شروع
You might also like