”فتح ڏانهن وڌي رهيا آهيون“ اسرائيلي وزيراعظم جو تهران ۾ وڏي ڪارروائيءَ جو اعلان

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم تهران ۾ وڏي ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان ٻن اهم هدفن جو خاتمو ڪنداسين.
نيتن ياهو ايئر فورس هينگر ۾ پائلٽس سان گفتگو ڪندي چيو ته اسرائيلي فضائيا تهران جي فضائن جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي، اها سڄي آپريشن ۾ هڪ اهم تبديلي آهي.
هن چيو ته تهران ۾ ٻن اهم هدفن جو خاتمو ڪنداسين، جوهري خطري جو خاتمو ۽ ميزائل خطري جو خاتمو.
سندس چوڻ هو ته اسان ايراني حڪومت جي هدفن کي نشانو بڻائيندا آهيون، جڏهن ته ايران جي حڪومت اسان جي شهرين کي نشانو بڻائيندي آهي، اسان تهران جي شهرين کي چئون ٿا نڪري وڃو، اسان فتح ڏانهن وڌي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.