نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اپوزيشن جماعت ڪانگريس جي سينيئر اڳواڻ ۽ چيئرپرسن سونيا گانڌي کي طبعيت خراب ٿيڻ سبب نئين دهلي جي گنگا رام اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب سونيا گانڌي کي آچر ڏينهن اسپتال داخل ڪيو ويو، معدي جي مسئلن سبب کيس اسپتال نيو ويو، هوءَ ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ آهي ۽ سندس حالت بهتر آهي.
هلندڙ سال ٻيو ڀيرو 78 ورهين جي سونيا گانڌي کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، هوءَ ڪانگريس جي صدر به رهي چڪي آهي ۽ پارٽي جي مرڪزي فيصلن ۾ فعال ڪردار ادا ڪندي آهي.
You might also like