هفتي ۾ 4 ڏينهن ڪم، ملازمن لاءِ ڊيوٽي جو دورانيو به گهٽايو ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي، گرمي جي شدت کي ڏسندي دبئي حڪومت ملازمن جو هفتي ۾ 4 ڏينهن ڪم ۽ ڊيوٽي جو دورانيو به گهٽ ڪري ڇڏيو.
دبئي حڪومت طرفان اهو قدم پهرين جولاءِ کان 12 سيپٽمبر 2025 تائين لاڳو هوندو، ان طريقي ڪار تحت ملازمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.
پهريون گروپ سومر کان خميس تائين 8 ڪلاڪ ڪم ڪندو ۽ جمعي تي مڪمل موڪل هوندي، جڏهن ته ٻيو گروپ سومر کان خميس تائين 7 ڪلاڪ ڪم ڪندو، جڏهن ته جمعي تي اڌ ڏينهن ڪم ڪندو.
دبئي گورنمينٽ هيومن ريسورسز ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالله الفلاسي موجب اسان ملازمن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا ته جيئن دبئي کي دنيا جي بهترين شهرن ۾ شامل رکي سگهجي، اهو ماڊل هڪ نئون مثال قائم ڪندو، جيڪو ڪم ۽ زندگي جي توازن کي مضبوط ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.