چون ٿا ڪجهه ماڻهن ۾ گلابن جهڙي ته ڪن ۾ وري بهارن جهڙي خوشبو هوندي آهي،پر مون ڪجهه ماڻهن ۾ رڳو مٽيءَ جي خوشبوءِ کي محسوس ڪيو آهي، جڏهن ته ذاتي طور مون پاڻ مان پگهر جي اٿندڙ بدبوءِ سبب ڪافي ماڻهن کي بيزار ٿي نڪ تي هٿ ڏئي، پنهنجي ڀرمان اٿي ڀڄي جان ڇڏائيندي ڏٺو آهي. منهنجي وات مان به اڪثر بدبوءِ پئي نڪرندي آهي، اها شراب پيئڻ جي نه پر ڪنهن جو رت پيئڻ جهڙي هوندي آهي، جھڙوڪر ڪنهن ڍونڍ جو سڪل رت زبان سان چٽي، ڏندن سان پاروٿو ماس نوچي آيو هجان. مان آدمخور ناهيان باقي حرامخور ضرور آهيان، اها ڳالهه منهنجي هڪ ويجهي دوست تازو مون سان لاتعلقي جو اعلان ڪندي مونکي ٻڌائي آهي.
مان پهريون صحافي هيم سوبه فرض شناس ۽ ايماندار، مان شروعاتي ڏينهن ۾ ڪنهن به آفيس ۾ ڀتو وٺڻ ڪونه ويندو هئم. اهي فيڪس وسيلي خبرون موڪلڻ جا ڏينهن هيا، جيڪو به ماڻهو ڪا پريس رليز کڻي ايندو هيو ته مان منهن ڪارڙو، ويچارڙو ٿي سندس آڏو عرض رکندو هئم ته فيڪس جو خرچ ويھ روپيا ڏئي ويندئو ته توهان جو ٿورائتو رهندم ۽ خبر به سڀاڻي شايع ٿي ويندي، نه ته توهان جي خبر هفتي کن ۾ مس وڃي لڳندي. پوءِ اُڀ ۾ آسائتين اکين جا اڏاريل ڪبوتر جهڙوڪر ڳوليندي، فرش جي مالڪ عرش واري ڏي دل جي فون تار وسيلي دعائي اپيل موڪليندو هئم ته ڪي پندرهن، ويھ پريس رليزون ڏيار ته ڪو سگريٽ، پاڻي جو بندوبست ٿئي.
وري جڏهن چنڊ تي پهچڻ وارا قصا پراڻا ٿيا ۽ فيڪس جي جاءِ موبائيل واري دٻڙي ۾ ڇپيل واٽس ايپ والاري ته مون کي به سينئر صحافي هجڻ جو لقب مليو، سينئر اديب توڙي سينئر صحافي وارو لقب اسان وٽ اهڙو ئي معتبر آهي جهڙو انگريزن جي دور حڪومت ۾ سندن ڇاڙتن لاءِ خانبهادر يا سر جو لقب معتبر ۽ مانائتو هوندو هو. خير سينئر ٿيڻ بعد مون به ڪجهه آفيسن مان ڀتو ۽ اسپتال مان حصو پتي وٺڻ شروع ڪيو. ساڳئي وقت سياستدانن سان به ڪجهه ڪجهه ويجهڙائي وارو تعلق جڙيو ته خيال آيم ڇونه سرڪاري نوڪري به وٺي ڇڏجي! پڇاڙي جي پناھ ٿيندي.
رولاڪ موومينٽ جي مرڪزي اڳواڻ خدن کنڀاٽي جي اوطاق تي پهچي سندس تاريخي انٽرويو وٺڻ دوران کيس عرض ڪيم ته ڪا نوڪرڙي ڏياريوم ته سدائين توهان جي در تي اچي پيو توهان جو درشن ڪندم ۽ ڀلارن پيرن کي ڇهندم. همراھ به ويٺو هو ڪو موڊ ۾ ، گهمايائين فون ۽ ايڪسين واپڊا کي عرض ڪيائين: "همراھ اچئي ٿو ميٽر ريڊر جو آرڊر ڏئينس، توکي، مونکي خوب ڪمائي کارائيندو، ڇڙواڳ صحافين کي اسان جي خلاف لکڻ کان پليندو”.
پوءِ ته بس ايڪسين وٽ پهچڻ جي دير هئي، آرڊر سان گڏ جوائننگ وارو ليٽر به تيار پيو هو، رڳو نالو بدلائي، منهنجو نالو ٽنبائي،پرنٽ ڪڍي، صحي ڪري، صحي ڪرايائون.
هاڻي ته بابا وقت گذرڻ سان گڏ ترقي به ملي اٿم ميٽر سپروائيزر ٿيڻ سان جام مال ميڙي پنهنجن ٻچن سميت ڪجهه صاحبن جي ٻچن جو پيٽ به حرام جي ڪمائي سان پيو ٿو ڀريان.
سچائي هن ريت آهي ته اسان ڪجهه ميٽر صارفين کان اي سي ڪنڍي تي هلائڻ جا 9 هزارن کان 15 هزار اڳاڙيون ٿا، بس کين ايترو چيل هجي ٿو ته مهيني اندر ميٽر کي 50يونٽن تائين ضرور هلائين. باقي ڪچي لائين وارن کان هڪ هزار کان ٽي هزار مهينو ملن ٿا، اهي به ڪافي آهن.
سچائي هي آهي ته منهنجي وات ۾ جيڪا ڌپ آهي اها شراب جي ناهي، جيتوڻيڪ روزاني مان هڪ ٻه گلاس ڳهي به وٺان ٿو پر پوءِ به هوش سدائين سالم رهندو اٿم.
ميٽر صارفين کي بل موڪلڻ مهل هر مهيني ڊٽيڪشن بل موڪلڻ واري اٽڪل به منهنجي ئي ايجاد ٿيل آهي، جيئن چوري ٿيندڙ بجلي جو حساب سڌو ڏيکارجي.
ڊٽيڪشن بل ملڻ بعد ڪجهه صارفين روئندا مون وٽ پڄن ٿا ته انهن سان همدردي ڏيکاريندي ٻه چار گاريون ايس ڊي او ۽ ايڪسين کي ڀيڻ، ماءُ زال تي ڦهڪائي چسڪو وٺڻ جو مزو به مونکي واھ جو وڻندو آهي، ته ساڳئي وقت صارفين کي وري اهو ڏٽو ڏيڻ جو مزو به ڪجهه الڳ ئي آهي ته سئو يونٽن جو ضرور ميٽر تي لوڊ وجهو.هڪ ڏينهن هڪ صارف اچي مون آڏو دانهيو ته وزيراعظم بجلي سستي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،پر توهان اٽڪل سان بل مهانگا پيا موڪليو؟! چيومانس، سچائي هن ريت آهي ته بجلي وارو وزير، وزيراعظم، صدر، چيف جسٽس ، آرمي چيف، سمورن انٽيلجنس ادارن جا سربراھ، ملڪي رشوت ٽوڙ ادارن جا سربراھ سڀ جو سڀ مشڪرا ۽ ڪوڙا ڪوڙي جا پٽ اٿئي، تون ڀلي انهن وٽ وڃي دانهين ٿي، پر انهن وٽ اسان خلاف ڪنهن به قانوني قدم کڻڻ جي اخلاقي جرئت ڪونهي، اهي سڀ جهڙوڪر رشوت خور ادارن ۾ ڪم ڪندڙ،اسان جهڙن ڊرامي بازن جا چپڙاسي آهن.
منهنجي ان ديده دليري کي ڏسي ويچارو صارف ته صفا هيسجي ويو، چيائين مان شڪايت ڪنهن وٽ به ڪونه ڪندم، باقي سرڪار سڳوري کي اها التجا ضرور ڪندم ته جيڪر حڪومت رڳو هڪڙو اهو ڪم ڪري ته سڀني ملڪي ادارن ۾ اهڙي روٽيشن پاليسي جوڙي جو هڪ هڪ سال لاءِ هر سرڪاري ملازم کي مراعتون ماڻيندڙ توڙي رشوت اڳاڙيندڙ ادارن ۾ موڪلجي، جيئن ملڪ جا سڀئي سرڪاري ملازم برابري جي بنياد تي پنهنجو گهر جوڙڻ، گاڏي خريدڻ جهڙا ٿي سگهن ۽ وري سڀئي ڪجهه ڪجهه عرصو بيوسي جو عذاب به ڀوڳي ڏسن ته من پوءِ کڻي قائداعظم محمد علي جناح جو خواب پورو ٿئي ۽ سڀني کي احساس ٿئي ته هي ملڪ اسان سڀني جو آهي، رڳو رشوت خور ملازمن ۽ مڪار سياستدانن جو ناهي. دڙڪو ڏيندي چيومانس "نڪر هتان، سچائي هن ريت آهي ته هي ملڪ رڳو اسان رشوت خورن، ظالمن، جابرن ملازن ۽ ادارن جي سربراهن جو آهي، توهان فقط ڪنو ٿيل ماس آهيو جنهن ۾ ڏند هڻي، رت چوسي اسان پنهنجون عياشيون وڌايون ٿا، توهان اسان جي رت هاڻي بدبوءِ کي شراب جي بدبوءِ سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيو ٿا. قانون اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي ننڊ ۾ خواب اڻي ٿو، خيالن ۾ انصاف ڏئي ٿو ۽ وزيراعظم سميت سمورا اقتدار ڌڻي سکڻا اعلان هوائن ۾ اڏاري عوام کان تاڙيون وڄرائي خوش ٿين ٿا. "