طالبان جوحڪومت تنقيد ڪندڙ عالمن کي گم ڪرڻ جو سلسلو شروع

افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت تي تنقيد ڪندڙ  مذهبي عالمن کي ڪجھه هفتن کان گرفتار ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي.  گرفتار ٿيلن ۾ ڪجهه ” اسلامي ۽ جهادي قدرن جي حمايت ڪائونسل “جا ميمبر بھ شامل آهن، ڪائونسل گذريل جنوري ۾ ڪابل ۾ هڪ اجلاس دوران طالبان جي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي هئي.رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ  گذريل ھفتي نامعلوم هٿياربندن ٻن عالمن کي اغوا ڪري نامعلوم هنڌ تي کڻي ويا.

انھن عالمن جي مائٽن جو خيال آهي ته  انھن کي طالبان جي انٽيليجنس ايجنسين گرفتار ڪيو آهي. ايجنسي ميڊيا کي ڪو جواب نه ڏنو ۽ نه ئي دعويٰ تي تبصرو ڪيو. طالبان حڪومت جي ترجمان پڻ  اڃا تائين تازين گرفتارين تي ڪو به تبصرو نه ڪيو آهي.عالمن مان هڪ مولوي عبدالقادر قانت آهي، جيڪو ڪابل ۾ علماءَ ڪائونسل جو اڳوڻو سربراهه آهي، جيڪو ٽي ڀيرا گرفتار ٿي چڪو آهي. هفتو اڳ، عام لباس  پاتل هٿياربندن کيس ۽ سندس پٽ کي ڪابل ۾ انهن جي گهر مان اغوا ڪيو ھو. چيو وڃي ٿو ته سندس وڏو پٽ گرفتاري جي خوف کان فرار ٿي ويو آھي.

ڪجهھ ڏينهن اڳ، ڪائونسل جي هڪ ٻئي ميمبر ۽ عبدالقادر قانت جي دوست، سراج الدين نبيل کي گرفتار ڪيو ويو ھو. مولوي بشير احمد حنفي ان کان اڳ بھ گرفتار ٿي چڪو هو. ذريعن بي بي سي کي ٻڌايو ته طالبان جي عدالت  مولانا حنفي کي ڪيترن ئي مهينن جي قيد ۽ ٻن سالن جي سفري پابندي جي سزا ٻڌائي آهي. حنفي تي "عوامي راءِ مسخ ڪرڻ   ۽  نظام خلاف ماڻھن کي ڀڙڪائڻ” جھڙا  الزام آهن.ذريعن، سيڪيورٽي خدشن جي ڪري پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي  ٻڌايو ته مولانا حنفي کي مصر کان واپسي تي هڪ ڏينهن بعد گرفتار ڪيو ويو ھو.

بشير احمد حنفي طالبان جي "اسلامي امارت” جو دفاع ڪري ٿو ۽ عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حقن تي پابندين تي تنقيد ڪري ٿو. سندس چوڻ موجب: ‘جيڪڏهن افغان ڇوڪرين کي اسڪولن ۾ اسلامي اصولن سان تعليم نه ڏني ويندي، ته دشمن انهن کي غير اسلامي نظرين سان تعليم ڏيندو.’

ٽن مذهبي عالمن جي تازي گرفتاري کان علاوه، هڪ اعتماد جوڳي ذريعي بي بي سي کي ٻڌايو آهي ته طالبان حڪومت هاڻي تائين ڪيترن ئي ٻين عالمن کي تحويل  ۾ وٺي چڪي آهي. جن ۾ مولوي عبدالقادر قانت، مولوي محمود حسن، مولوي عبدالعزيز شجاع، مولوي عبدالفتاح فائق، مولوي عبدالشڪور قندوزي، مولوي بشير احمد حنفي ۽ مولوي سراج الدين نبيل شامل آهن.

ذريعن موجب، انهن مان ڪجهه کي ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته طالبان حڪومت تي تنقيد ڪندڙ مذهبي عالمن جي گرفتاريون انهي سبب لاءِ ڪيون پيون وڃن.مولوي عبدالقادر قانت ميڊيا آئوٽ ليٽ افغانستان پاليٽڪس ۾ ڳالھائيندي چيو ھو  ته "افغانستان جي ماڻهن جي حقن جي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.” هن مطالبو ڪيو ته حڪومت  "عورتن کي تعليم ۽ روزگار جو حق ڏئي.”هن خبردار ڪيو ته طالبان کي اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي ماڻهن کي مذهب کان پري ڪرڻ جو سبب بڻجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.