هندستان اڃا تائين ٽرمپ جي جنگ بندي ڪرائڻ جي دعويٰ تي خاموشي اختيار ڪري رکي آهي.جڏھن تھ پاڪستان نه رڳو ان دعويٰ جي تصديق ڪري چڪو آهي بلڪھ ان تي بھ ظاهري طور تي خوش آهي ته ٽرمپ وچ ۾ پئجي ويو ۽ ڪشمير سميت پراڻا مسئلا طئي ڪرائڻ جي حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي.
پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ ھندستان ھميشھ کان مرڪزي عنصر رهيو آهي. هندستان جي سائيز ۽ علائقائي غلبي جي خوف، شروعات کان ئي پاڪستان کي آمريڪا جي دامن پڪڙي رکڻ تي مجبور ڪيو آھي.پر آمريڪا ٻه طرفي تڪرارن جي ڪنھن جٽادار حل ڪڍڻ لاءِ پنهنجي اثر استعمال ڪرڻ بدران، پاڪستان کي 1950 جي ڏھاڪي ۾ سيٽو ۽ سينٽو جي ڳاڙھي بتي جي پويان لڳائي ڇڏيو.پاڪستان کي هٿيارن سان بھ ليس ڪيو پر ان شرط تي ته اهي هٿيار صرف ڪميونسٽ خطري جي خلاف استعمال ٿيندا.
سن 1959 ۾ پاڪستان آمريڪا دفاعي تعاون معاهدي ۾ پاڪستان کي انھن ڪميونسٽ ملڪن کان بچائڻ جو واعدو ڪيو ويو، جن مان ڪنهن سان به پاڪستان جو ڪو جاگرافيائي جھڳڙو نه هو.آڪٽوبر نومبر 1962ع ۾ هندستان چين جنگ جي موقعي تي، فيلڊ مارشل ايوب خان کي ڪجهه سياڻن صلاح ڏني ته هي ڪشمير جي مسئلي کي طاقت سان حل ڪرڻ جو هڪ سونهري موقعو آهي. پر فيلڊ مارشل کي ڪينيڊي انتظاميا جي ان يقين دھاني تي ڪو گھڻو اعتماد نھ ھو تھ جيڪڏهن پاڪستان ان جنگ ۾ غير جانبدار رهيو ته ڪينيڊي انتظاميا انعام طور هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪندي.
ان وقت تائين، هندستان آمريڪا جي ڀيٽ ۾ برطانوي هٿيار وڌيڪ استعمال ڪرڻ جو عادي هو. جڏهن ته پاڪستان جو دارومدار آمريڪي هٿيارن تي هو ۽ پاڪستان کي هڪ طرفي غلط فهمي به هئي ته 1959ع جو پاڪستان آمريڪا دفاعي معاهدو اها ڇٽي آھي جنهن جي تحت جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا کي سوويت يونين جي جاسوسي لاءِ پشاور ايئربيس فراهم ڪيو آھي، ته آمريڪا بھ وقت اچڻ تي گهٽ ۾ گهٽ دفاعي امداد معطل نه ڪندو.پر 1965ع جي جنگ ۾ آمريڪا اھو چئي هٿيارن جي فراهمي روڪي ڇڏي، ته اسان ھيستائين جيڪو دفاعي سامان ڏنو اھو هندستان خلاف استعمال ڪرڻ جي لاءِ نه هو. تنهن ڪري 17 ڏينهن ۾ ئي جنگ رڪجي وئي. اها ڳالهه اڃا تائين هڪ راز آهي ته جيڪو ڪم پاڪستان کي 1962ع جي هندستان چين جنگ دوران ڪرڻ گھرجي ھا، اھو ئي ڪم ٽن سالن بعد ڪهڙي بنياد تي ڪرڻ بابت سوچيو ويو ۽ ان مان حاصل ڇا ٿيو؟پر پاڪستان جي اھا اميد پوءِ بھ نه ُٽٽي ته آمريڪا هڪ ڏينهن ڪشمير جو مسئلو ضرور حل ڪرائيندو. انهي اميد تي 1970ع ۾ يحيٰ خان به چين آمريڪي لاڳاپن جي بحالي ۾ وچ وارو ڪردار ادا ڪيو.
ڪشمير جو مسئلو تھ خير ڪھڙو حل ٿيڻو ھو، الٽو پاڪستان جا، اٽڪل هڪ سال بعد ٻھ ٽڪر ٿي ويا. آمريڪا بس ايتري مهرباني ڪئي تھ جنگ دوران، علامتي طور تي ستون بحري ٻيڙو ڪجهه ڏينهن لاءِ بنگالي نار ۾ نمائش لاءِ بيھاري رکيو ۽ اندرا گانڌي کي چيو ته هاڻي جڏهن توهان ڍاڪا وٺي ورتو آهي، ته پوءِ اولهه پاڪستان جي محاذ تي جنگ جاري رکڻ جو ڪو به جواز ناهي.نه رڳو ڍاڪا ھٿ مان ويو، پر جنگي قيدين ڇڏائڻ جي قيمت شملھ معاهدي جي ان جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پئي ته ڪشمير سميت سمورا بنيادي تڪرار، ڪنهن ٽئين ڌر جي وچ ۾ وجھڻ کان سواءِ ُپرامن طريقي سان حل ڪيا ويندا. يعني ڪشمير بابت گڏيل قومن جون بنيادي قراردادون، باقي رھل سھيل اهميت بھ وڃائي ويٺيون.جيتوڻيڪ اهي قراردادون پاڪستان جي مطالبي تي نه پر هندستان جي شڪايت تي منظور ٿيون ھيون.
مون کي ياد آهي جڏهن صدر ذوالفقار علي ڀٽو شملا معاهدي ڪرڻ کان پوءِ لاهور ايئرپورٽ تي فاتحاڻي انداز ۾ لٿو، ته هن پنهنجي جيڪٽ جهاز جي سيڙھين تان ئي استقبال ڪندڙ ميڙ ڏانهن اڇلائي ڇڏي.رياستي بيانيئو اھو جوڙيو ويو تھ ُڀٽي اندار گانڌي کي پنهنجي غير معمولي سفارتڪاري جي جادو سان موهي ڇڏيو ۽ ھن کان سڀ ڪجهه لکرائي ورتو.ان ڳالههھ کي 53 سال گذري ويا آهن. مسئلا حل طرف ڪھڙا وڌڻا ھئا، الٽو چار قدم پٺتي هليا ويا. (آخري ناڪام هٿياربند ڪوشش 1999 ۾ ڪارگل ۾ ڪئي هئي، اھا بھ تڏھن جڏهن ٻنهي وٽ ايٽمي هٿيار اچي ويا هئا. تڏهن به پاڪستان کي جنگ بندي لاءِ آمريڪا سان رجوع ڪرڻو پيو) پر هر ڀيري، پاڪستان جي آمريڪي تابعداري ۾ گهٽتائي بدران اضافو ئي ٿيندو ويو. مارشل لا کي جائز ڏيکارڻ جي لاءِ ضياءُ الحق کي بين الاقوامي ليجيٽيميسي (جائزيت) جي ضرورت هئي.
آمريڪا کي ڏکڻ ۽ اولهه ايشيا ۾ سوويت مخالف پاليسي جو بار کڻڻ لاءِ هڪ آزمايل قلي گھربل ھو.جڏهن اٺن سالن بعد سوويت فوجون ٻوريون ٻوجھا کڻي افغانستان مان موڪلايو،تڏھن قلي کي به فارغ ڪيو ويو ۽ جنگي باقيات جي صفائي جو ڪم بھ ان مٿان وڌو ويو. ٻارھن تيرھن سالن کان پوءِ، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾، ھڪ ڀيرو ٻيھر آمريڪا پاڪستان کي پنھنجي بار کڻڻ تي 20 سالن لاءِ قائل ڪري ورتو.انھيءِ دوران، پاڪستان کي لاجسٽڪ سروسز جي بدلي ۾ هڪ طئي ڪيل ڏھاڙي ملندي رهي، جڏهن ته هندستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اھا اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ شروع ٿي جيڪا هميشه آمريڪا جو خواب هئي.
آمريڪي سيڙپڪاري،سول نيو ڪليئر تعاون، چين کي گھيرڻ لاءِ هڪ علائقائي الائنس سسٽم، هٿيارن جا سودا، آمريڪا نواز نار جي ملڪن ۾ هندستان جي سيڙپڪاري ۽ سفارتي ويجھڙائپ ۽ نتيجي ۾ تيز رفتار معاشي ترقي. ان جي ابتڙ، پاڪستان کي آءِ ايم ايف ۽ نار ملڪن جا رول اوور قرض ۽ کير ڏيندڙ ادارن ۾ ٿوري گھڻي عرب سيڙپڪاري ئي ملي سگهي.چين گذريل 65 سالن کان پاڪستان سان گڏ آهي. ۽ ان، بقول پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ سي پيڪ جهڙو ‘گيم چينجر’ ڏنو.
چين جيتوڻيڪ تازي تڪرار ۾ بھ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، پر اشرافيه کي اڄ اهو سوچي وڌيڪ خوشي ٿي رھي آهي ته انڪل ٽرمپ پاڪستان هندستان تڪرار پنھنجي نگراني ۾ طيھ ڪرائڻ جو جيڪو وچن ڏنو آھي،سو ھن ڀيري شايد پورو ٿي وڃي.ٽياڪڙي جي شوقين ٽرمپ، يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ پڻ پوڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مسئلي جو ھي حل تجويز ڪيو ته جيڪڏهن يوڪرين پنهنجو 20 سيڪڙو علائقوروس کي ڏئي ڇڏي ته به يوڪرين وٽ اڃا گهڻي ئي زمين بچي پوندي.
آمريڪا امن قائم ڪرائڻ جي عيوض يوڪرين جي معدني دولت جو رڳو 50 سيڪڙو منافعو، ڪنسلٽنسي في طور چارج ڪندو.يوڪرين ٻي واٽ نھ ڏسندي انهن شرطن تي راضي تھ ٿي ويو، پر جنگ اڃا تائين جاري آهي ۽ ولاديمير پيوٽن ٽرمپ سان مسلسل اعصابي جنگ مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي.
تنهن ڪري هاڻي ٽرمپ صاحب پڻ پيوٽن کي ‘منهنجو دوست’ سڏڻ بدران سڌيون ٻڌائي رهيو آهي. زيلنسڪي کي ھٿ ۾ امن بھ نه آيو ۽ جيڪو ڪجهه وٽس آهي اهو به ھٿان وڃي رهيو آهي.
ٽرمپ غزه ۾ بھ جنگ بندي ڪرائڻ لاءِ مسئلي جو اھو حل پيش ڪيوتھ غزه فلسطينين کان خالي ٿي وڃي ته پوءِ نھ رھندو بانس نھ وڄندي بانسري. اسرائيل ان خواهش جي پوري طرح عسڪري تعميل ڪري رهيو آهي.ٽرمپ جو کيسو عربن جي ٽريلين ڊالرن جي واپاري واعدن سان لڳ ڀڳ ڦاٽي رهيو آهي ۽ فلسطينين جا ٻيا خيرخواه هٿ مھٽي رهيا آهن.جيڪڏهن ٽرمپ ڪشمير جي مسئلي تي ٽياڪڙي ڪرڻ لاءِ واقعي سنجيده آهي ۽ فرض ڪريو ته هندستان به ڪنهن نھ ڪنھن طرح ميز تي اچي ٿو وڃي ۽ ٽرمپ ٻنهي جو ڪيس ٻڌڻ کان پوءِ، فيصلو ڏئي ٿو ته ھن وقت تائين جيڪو ڪشمير جنھن جي قبضي ۾ آھي، ان کي تسليم ڪري وٺو يا گلگت بلتستان پاڪستان رکي ڇڏي،ڇاڪاڻ جو اتان شاهراهه ريشم گذري ٿي ۽ باقي ڪشمير هندستان کي ڏنو وڃي يا سڄي ڪشمير کي هڪ ھٿيارن کان خالي، خودمختيار رياست بڻايو وڃي يا 25 سالن لاءِ ڪشمير آمريڪا کي ليز تي ڏئي ڇڏيو ۽ ان دوران اوھين ڪنهن نتيجي تي پهچي وڃو، ته پوءِ ٻڌائجو.
ڇا هندستان يا پاڪستان انهن امڪاني فارمولن مان ڪنهن کي به قبول ڪري سگهندا. رد ڪرڻ جي صورت ۾ ٽرمپ جي غضب کي منهن ڏئي سگھندا ؟ اهو ڄاڻندي به ته ٽرمپ جي دوستي يا دشمني رڇ جي ٻک وانگر آهي.تنهن ڪري، ٽياڪڙي جو سوچي سوچي خوش ضرور ٿيندا رھو، پرگهڻو سنجيده ٿيڻ جي صورت ۾ ٽرمپ جو ڪجهه وڃي يا نھ وڃي پر توهان جو گهڻو ڪجهه وڃي سگهي ٿو.